سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

مولانا اسد کهڙي پاران هندن خلاف نفرت انگيز وعظ : جي يو آئي پاران نوٽيس


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

03/06/2019


لاهوت ويب ڊيسڪ
مزاحيا انداز ۾ وعظ ڪري ماڻهن کي لطيفا ٻڌائيندڙ مولانا اسد الله کهڙي پاران تازو هڪ وعظ دوران هندو برادري کي نفرت جو نشانو بڻايو ويو آهي.سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل سندس ان  وعظ واري وڊيو ڪلپ ۾ هن جا لفظ هندن خلاف  لڳ ڀڳ اهڙائي نفرت ڀريا آهن جهڙا پنجاب جي ثقافت کاتي واري وزير فياض الحسن چوهاڻ جا هئا.جنهن کان وزيراعظم عمران خان استعفي ورتي هئي.

مولانا اسدالله کهڙو پنهنجي ناظرين اڳيان هندن کي ڳئون جو پيشاب پيئندڙ ٿي مخاطب ٿيو آهي ۽ پنهنجي مخصوص انداز ۾ کين مخاطب ٿي چوي ٿو بس ڪر واڻيا توهان ڳئون جو مٽ پيئندڙ اسان مسلمانن سان ڪهڙو مقابلو ڪري سگهندا.
پاڪستان جي ڪنهن به هندو ڪائونسل توڻي جو مولانا کهڙي جي ان بيان جو اڃان نوٽيس نه ورتو آهي پر سوشل ميڊيا تي سنڌي نوجوانن مولانا جي ان بيان کي رد ڪيو آهي.سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ ڪجهه ماڻهن لکيو آهي ته هو مولانا اسد کهڙي کي مزاحيا ۽ کلي دل وارو مولوي سمجهندا هئا جيڪو ٻين جي ڀيٽ ۾ تعصب رکندڙ ناهي پر هن بيان ٻڌڻ کانپوء خبر پئي ته مولانا جي تربيت ۾ ڪا ڪسر رهجي وئي آهي.
مولانا اسدالله کهڙو سان لاهوت ڊاٽ ڪام پاران رابطو ڪيو ويو پر سندس نمبر اٽيند ڪندڙ همراهه ٻڌايو ته مولانا صاحب بيان ڪري رهيو آهي.
ان ڏس ۾ جي يو آئي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومري سان  لاهوت ڊاٽ ڪام پاران رابطو ڪيو ويو جنهن مولانا کهڙي جي ان بيان جي مذمت ڪئي.
هن چيو ته اسان جي جماعت جا ڪيترائي ڪارڪن هندو آهن ۽ مولانا فضل الرحمان ته پنوعاقل ۾ هندو برادري جي اڳواڻن جي آجياڻن ۾ به شرڪت ڪري چڪو آهي.
هن چيو ته مولانا اسد کهڙي جي ان غيرذميوارانه بيان جو نوٽيس ورتو ويو آهي ۽ سنڌ جا عهديدار سڀاڻي اجلاس ڪري سندس باري ۾ فيصلو ڪندا.
 

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter