سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

چانهن، سگريٽ ڳالهين جا دور ۽ جاويد


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

03/09/2019

حسن مجتبىٰ ــــــــــــــ

جيڪا گولي واشنگٽن جي تاريخي پر ڏتڙيل علائقي ايناڪوسٽا ۾‌ جاويد ڀُٽي کي لڳي، ان کي سموري سنڌ پنهنجي ڇاتيءَ ۾‌ تڙاخ سان لڳندي محسوس ڪيو. پوري سنڌ هڪ ڏک ۽‌ اندوهه ۾ ٻڏي ويئي آهي. شيخ اياز چواڻي ”ساري قوم رني آهي.“ اسان سنڌين ۽‌ پاڪستانين کي گهڻو تعجب ان ڳالهه تي به آهي ته آمريڪا جهڙي ملڪ ۾‌ جي ماڻهو محفوظ‌ ناهي ته ڪٿي هوندو. ايناڪوسٽا ۾‌ جاويد جو گهر ، جتي کيس ڏينهن ڏٺي قتل ڪيو ويو، اهو وائيٽ‌ هائوس کان ڪو ڏهن منٽن جي ڪار جي سفر تي هوندو، هڪ ٻيو جهان امير آمريڪا ۾‌ غريب ڪارن ماڻهن جي آبادي، جتي چورانوي سيڪڙو ‌ ڪارا ماڻهو رهن ٿا. مان اوهان مان ڪيترن وانگر اهو نٿو چوان ته جاويد اتي ان ڪري قتل ٿيو ته کيس مارڻ وارو اتفاق سان ڪارو ماڻهو هو يا ان ڪري جو هو انهي ڪاري علائقي ۾‌ رهيو ٿي، جيڪو ڏوهن ۽‌ منشيات جو مرڪز هو. اها ابن شاه ٿيوري آهي. ڏوهه، ڏهڪاءُ، خونيءَ جي ڪا قوم، ذات، رنگ، نسل، عقيدو نه هوندو آهي.
فيبروري جو مهينو آمريڪا ۾ ”ڪارن ماڻهن جي تاريخ“‌ واري مهيني طور ملهايو ويندو آهي. اتفاق سان جاويد کي گولي هڻي مارڻ وارو شخص افريقي امريڪي نسل جو ڪارو ماڻهو هو يا ٻيو ڪو؟‌ هن قاتل کي ڪهڙي خبر ته هن هڪ مارٽن لوٿر ڪنگ جونيئر جهڙي سنڌي انسان کي ماري وڌو آهي.
ته تنهنجي هڪڙي گولي سان ير ٻار مري پيو آ
ڪو جيءُ جهري پيو آ‌
(منظور سولنگي)
هتي جاويد جي قتل سان ڪئين جيءَ جهري پيا آهن، خاص طور سندس امڙ، وني نفيسا هودڀائي، ڀيڻ ڀائر شاهد ۽‌ زاهد، ڀائيٽيون، ڀائيٽا، شاگردياڻيون ۽‌ شاگرد، دوست ساٿي ڪامريڊ‌ ۽‌ سندس اڻ ڳڻيا مداح – جاويد جاويد هو. جيئن بينظِير بينظِير هئي. هي هڪ عظِيم الميو، ڪڏهن به نه ڀرجي سگهجڻ‌ جهڙو انساني ۽‌ ذاتي نقصان.
ڪنهن ٿي ڄاتو ته هن هڪ انتهائي بي ضرر انسان، جيڪو اعجاز منگي چواڻي ڌرتي تي پير به ايئن سنڀالي رکندو هو ته متان سندس پير هيٺان ڪو جيت جڙو نه اچي چيڀاٽجي وڃي سو اهڙي ريت ڪٺورتا سان گوليءَ جو بکُ ٿي ويندو. اهو انهي ڪٽنب جو ٻيون فرد آهي جيڪو قتل ٿي ويو. پهرين ان کان اڳ اوڻويهه سو نوي ۾‌ سندس ڀيڻ‌ ڊاڪٽر فوزيه قتل ٿي ويئي هئي. انهن ڏينهنَ ۾ جڏهن ڪراچي ۾‌ سنڌي مهاجر رتوڇاڻ هلندڙ‌ هئي، انهي کان ٻه سال اڳ ڪراچي ۾ ڪالوني ۾‌ هنن جي مامي جو خاندان ايم ڪيو ايم جي قاتل جٿن قتل ڪري ڇڏيو هو. پر جڏهن جناح‌ اسپتال ۾‌ ڪم ڪندڙ‌ ڊاڪٽر فوزيه قتل ٿي ته سندس اجرڪ ۾‌ ويڙهيل لاش‌ ڪراچي ۾‌ سورجاڻي ٽائون جي گهاٽن ٻُوڙن واري جهنگ مان هٿ آيو هو. ڊاڪٽر فوزيه جي قتل تي هلال پاڪستان ۾‌ هڪ سرخي نمائندي هڪڙو پريس رليز ڇاپيندي ڊاڪٽر فوزيه جي خون کي لئه مٽي ڪرڻ‌ جي ڪوشش ڪندي لکيو هو ته ”هڪ سنڌي ڊاڪٽرياڻي کي لساني دهشتگردن قتل ڪيو.“ تڏهن جاويد ڀٽو دنيا ۽‌ پاڪستاني ميڊيا ۽‌ خاص طور سول سوسائٽي جي فوڪس ۾‌ آيو هو، جڏهن هن جرئتمندي سان پريس ڪانفرنس وسيلي سندس ڀيڻ‌ جو اصل قاتل وائکو ڪندي چيو ته سندس ڀيڻ‌ جو قاتل ڪو ٻيو نه پر تڏهوڪي حڪمران پي پي پي جو ايم پي اي رحيم بخش‌جمالي آهي. جاويد ڀٽو تڏهن ڪجهه مهينا ئي ٿيا ته هو پنجن سالن کانپوءِ بلغاريه مان موٽيو هو. هن نه فقط پنهنجو پاڻ‌ کي ۽‌ سندس انتهائي غمزده خاندان کي حوصلو ڏنو پر انهي وڏي ڏک کي هن هڪ سگهه ۾‌بدلائي قانوني جنگ ۾‌ جنبجي ويو. هن هڪ دماغ‌ سان ۽ ‌بهادري سان ڏينهن رات سندس ڪجهه دوستن جي ساٿ سان قاتل ۽‌ سندس ساٿارين کي انصاف (پوءِ جيڪو به ملڪي سسٽم هو)‌ کي ڪٽهڙي ۾‌ آڻڻ ۾ ‌ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيا. هو هڪ دقيانوسي رَت چوس توڻي عقل چوس جاگيرداراڻي مرداڻي سنڌي سماج جي وير جي ابتڙ‌ تريو.
انهي ڪيس جي دوران ئي ڊان لاءِ فوزيه ڀٽو قتل ڪيس جي رپورٽنگ ڪندڙ‌ رپورٽر ۽‌ صحافڻ‌ نفيسا هود ڀائي (جيڪا پڻ‌ جاويد وانگر بهادر صحافڻ‌ ۽‌ عورتن جي انساني حقن لاءِ گهڻِي جاکوڙيندڙ‌ رهي آهي)‌ جي جاويد سان ڏيٺ‌ ويٺ،‌ رومانس ۽‌ پوءِ‌ شادي ۾‌ بدلي. مان، ظفر بلوچ ۽‌ ٻيا دوست سندن شادي ۾‌ پڻ‌ شريڪ هئاسون.
بهرحال جمالي، فوزيه ڪيس ۾‌ بري ٿي ويو، پوءِ اهو صوفين وارو مڪافات عمل وارو ويچار آهي يا ٺلهو اتفاق، ڪجهه وقت کانپوءِ جمالي سندن قبيلي وارن هٿان نوابشاه ۾‌قتل ٿي ويو.
سنڌ يونيورسٽي ۾‌ فلاسافي شعبي جو سربراه پروفيسر فريد الدين جنهن وجوديت تي اردو ۾ ڪتاب ”وجوديت ڪيا هي“‌ لکيو هو، تنهن جي شعبي ۾‌ هڪڙي ليڪچرر جي پوزيشن خالي هئي. هڪڙي اسان جي ٿر مان گڏيل دوست فريد صاحب کي جاويد بابت ٻڌايو هو. فريد صاحب جيئن جاويد ٻڌو هو، تئين ڏٺو. ايئن جاويد جي فريد صاحب جي زبردست ميرٽ‌ واري سفارش ‌تي سنڌ يونيورسٽي جي فلسفي واري شعبي ۾‌ استاد طور مقرري ٿي وئي. جاويد منهنجي دوست امر سنڌو، سحر گل ڀٽي، پيارن عاصم آخوند ۽‌ مير مظفر ٽالپر جو به استاد بڻيو ۽‌ اهي هن جي پيارن شاگردن مان هئا، جيئن افلاطون لاءِ ڪريٽو.
جاويد سان مونکي منهنجي دوست ۽‌ سندس ڀاءُ‌ شاهد ڀٽي ملرايو. هن جون کوڙ‌ ساريون ڳالهيون مون روزاني جي بنياد تي اعجاز منگي کان ٻڌيون. شاهد ڀٽو ۽ حسن درس حيدرآباد ۾ هڪڙي فليٽ‌ ۾ گڏ رهندا هئا، ايستائين جيستائين حسن جي شادي نه ٿي. آئون به اڪثر ساڻن اتي رهندو هوس. سنڌ يونيورسٽِي ۾‌ صحافت جو استاد پيارو آغا رفيق هن جو گهاٽو سنگتي هو. پوءِ پياري راشد ميمڻ‌ سان به جاويد جي گهاٽي سنگت ٿي. راشد ۽‌ آغا جي گهرن تي جاويد سان ڪئين راتيون ڪچهري ڪندي اڇا صبح‌ ٿيا. اهو جاويد جي نوڪري جو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾‌ پهريون ڏينهن هو، جڏهن حسن درس مونکي پاڻ سان کڻي جاويد ڀٽي کي ٽيچرس هاسٽل تي اسانجي دوست پياري اعجاز جسڪاڻي جي ڪار کڻي ڇڏڻ‌ هليو. جاويد کي ڇڏڻ‌ کانپو ٽِيچرس هاسٽل جو جڏهن حسن تيزيءَ سان علامه آءِ آءِ قاضِي ۽‌ ايلسا قاضِي جي مزارن واري چاڙهيءَ وارو موڙ ‌ڪاٽيو ته گاڏي سندس ڪنٽرول مان نڪري وڻ‌ سان وڃي لڳي ڪلٽِي ٿي. اونڌي ٿيل بند شِيشن واري گاڏي مان نڪرڻ‌ جو ڪو رستو ڪونه هو. ڌڪ به کاشا لڳل ها. پر پوءِ پويان ٻه نوجوان موٽر سائيڪل تي آيا ٿي. انهن ۾‌هڪڙي پياري عابد ميمڻ‌ (راشد ميمڻ‌ جي ڀاءُ)‌اسان کي سندس دوست جي مدد سان شِيشو ٽوڙي گاڏي کان ٻاهر ڪڍيو. معجزاڻي طور بچي ويا سون. الا! اسان لاءِ اسان جون جانيون بچائڻ‌ لاءِ فرشتو ٿي آيل عابد.
حسن درس جي ڳالهين ۽‌ شاعري تي جاويد ايترو ته خوش‌ ٿيندو هو، جيترو ننڍڙا ٻار ڪنهن جگلر يا جادوگر ۽‌ مشڪري جي ڳالهين ۽‌ ڪارنامن تي خوش‌ ٿيندا آهن. حيرت ۽‌ مزيدار ڳالهين تي هو ٻڌائڻ واري کان اتساهه سان پُڇندو هو، ”خدا جو قسم!‌ قسم ٿي قرآن جو!“ ڪتابن جو ڪيڙو نه هو پر جاويد کي ڪتابن جو ڪيڙو لڳل هو. هو هڪ جيئري جاڳندي هلندڙ‌ ڦرندڙ‌ ڪانگريس لائبريري هئي. ڪتابن لاءِ هن مونکي ٻڌايو هو ته ڪيئن نه هڪڙي ڀيري ذُوالفقار علي ڀٽو، غلام مصطفيٰ جتوئي جي اسٽڊِي مان کيس هڪ ڪتاب پسند اچڻ‌ تي قميص جي اندران لڪائي کڻِي ويو هو. جاويد ڳالهين جو نه فقط ڳهير پر ڳالهين جو ٺهيل هو، جيڪي هو پنهنجي هڪ مخصوص نيريٽو ۾ ٻڌائيندو هو. هڪ فطري اسٽوري ٽيلر هو. هن کي جيڪب آباد جي لالا مٺي کان وٺي شڪارپور ۾ ذُوالفقار علي ڀٽي ‌جي خاص وفادار خدمتگار شڪارپور ۾‌ سندس پاڙي جي نور محمد مغل عرف نوري کان وٺي ڪوئيٽا جي ڪانسي قبيلي ۽ ‌يورپ جي روما سميت جپسين، توڻي شڪارپور جي ٺاٺارن، ۽ زار شاهي جي زمانن ۾‌روس ويندڙ‌ سنڌورڪين تائين توڻي سندس سهري امير علي واتان جناح‌ ۽‌ ڪراچي شهر توڻي جهرڪن جي زمانن جو زباني تاريخن تي عبور حاصل هو. جاويد معنيٰ چانهه، سگريٽ‌ ۽‌ قصا. مون هن کي ڪراچي ۾‌ وائي ايم سي اي ۾ منهنجي ڪمري کان وٺي‌ (جتي جامي چانڊيو ۽ ‌ظفر بلوچ به هوندا هئا)، ڪراچي آرٽس ڪائونسل جي ڪيفي ٽيريا، آءِ آءِ چندريگر روڊ‌ جي ڪيفي خيرآباد، ڄامشوري ۾‌ ٽيچرس هاسٽل ۾‌ سندس ڪمري، آغا رفيق ۽‌ پياري راشد ميمڻ‌ جي گهر (جتي پيارو ظفر جوڻيجو به شريڪ هوندو هو) ڪراچي ۾‌ جاويد قاضي جي گهر، واشنگٽن ۾‌ چائنا ٽائون ۾‌ ڪيفي اسٽار بڪس (جتي هڪ ڀيرو نرنجن به پنهنجي پٽ‌ ‌چنگ سميت آيل هو)، منور لغاري جي اپارٽمينٽ‌، مقبول عالياڻي ۽ عائشه جي گهر تي ڪچهرين جا دور مٿي دور هلندي ٻڌو. هن جا دوست هن جا عاشق هئا. هو ڪنهن جو دشمن به ته ڪونه هو. سيد کان شيعو ۽‌ شيعي کان اشتراڪي سولو پر وري اشتراڪي کان صوفي بڻجڻ‌ ڏاڍو ڏکيو ۽‌ ڪيميائي عمل آهي. جاويد انهي ڪشٽ‌ مان گذريو. ڪميسار مان صوفي. هو ”مين تان ڪوئي خيال هان ملسان نال خيال دي“ جي سٽ‌ بڻجي ويو.
هر ماڻهو کي سمجهڻ‌ لاءِ‌ هن جي پٺيان هن جا دوست، ڪا عورت، ڪو مرد، ۽‌ هن جو شهر ۽‌ ڳوٺ‌ هوندا آهن، تيئن هو اهڙو سنڌي هو جنهن جو ڪو ڳوٺ‌ ته نه هو پر هن کي ٺاهڻ‌ ۾‌ هن جو شهر شڪارپور ۽‌ اتي هن جي نسل يا ان کانپوءِ جا ڪئين يار دوست هئا، جن کي مان سڃاڻان تن ۾ آغا رفيق، مونس اياز، اعجاز منگي، رحيم بخش‌ جعفري، محمد کوسو‌ شهاب اوستو، جلال اوستو، جنيد سومرو، بيدل مسرور بدوي، آغا پير محمد، ڊاڪٽر جاويد قاضي، شمس صديقي، عرفان حسين صديقي يا محمد علي شيخ، سندس ڀاءُ راجا غضنفر، اعجاز سنڌي، زاهد سنڌو، ممتاز منگي، پريل مري، اياز ابڙو،آفتاب سومرو، سندس ڀاءُ شاهد ڀٽو هئا. هو آغا سليم ۽‌ شيخ اياز کان گهڻو گهڻو متاثر هو. هو اشتراڪي ‌ ۽‌ صوفي کان وڌيڪ پهرين فيمينسٽ‌ هو. هو پڪو شڪارپوري شائونسٽ‌ به هو. مونکي خبر ڪونهي ته سنڌ جي مقتول وزير اعظم الله بخش‌ سومري کي جڏهن ڪن جنوني ماڻهو گولي هنئي ته شڪارپور ۾‌ انهي ڏک جي لهر ڪيڏي پکيڙ‌ ۾‌هئي پر پڪ اٿم ته اڄ‌ وري شڪارپور جا ماڻهو سموري سنڌ سميت ڏک ۽‌ ڪاوڙ‌ جي هڪ ٻي وڏي لهر ۾‌ وڪوڙيل آهن. مونکي خبر ناهي ته گولي جي سوراخ وارو اهو الله بخش‌ جو رت هاڻو پهراڻ‌ هاڻ مهتا هائوس ۾‌ رکيل آهي يا نيشنل ميوزيم ۾، پر جيڪا گولي جاويد کي شڪارپور کان هزارين ميل پري آمريڪا ۾‌ لڳي، اها ان جي انهن خوابن کي نٿي ماري سگهي. جاويد جا خواب بلٽ‌ پروف آهن، جاويد جو جلاوطني ۾‌ موت حشو ڪيولراماڻي جي موت سان ملندڙ‌ جلندڙ‌ آهي، جنهن ۾‌ اهڙي پايي جي ماڻهن بابت مارڻ وارن کي ڪا ڄاڻ‌ ئي ڪونه هئي ته هنن ڪنهن کي ماريو. ”او انسان، او انسان، ڪنهن کي ٿو مارين!“ جاويد آمريڪي خواب ۾‌ ڪونه ٿي رهيو پر هڪ اهڙي بستي ۾‌ رهيو ٿي، جتي ماڻهن جو آمريڪي خواب ڀورا ڀورا ٿيل آهي. جاويد انهن ماڻهن سان رهيو ٿي جن مان هڪڙي پاڳل شخص هن کي ماري وڌو.
ڪنهن ٿي ڄاتو، جڏهن مان ويهه سال اڳ ڪراچي يا وطن عزيز ۾‌ آخري شام جاويد ۽‌ مونس اياز سان گذاري هئي. هو مون کي ڪلفٽن بوٽ بيسن ۾‌ پراڻن انگريزي ڪتابن جي دڪان تي مليا هئا جتان مون آمريڪي ليکڪ جان اسٽين بيڪ جو سفرنامو ”‌ٽريولز وڌ چارلي“‌ ورتو هو. اهڙن ڪتابن جا نالا تڏهن اسين عبدالقادر جوڻيجي کان ئي ٻڌندا هئاسون. جاويد سندس پارٽي وارن ڏينهن ۾‌ پارٽي اسٽيبلشمنٽ‌ جو باغي هو. اهو ئي ڪارڻ‌ هو ته پارٽي اسٽيبلشمينٽ‌ جاويد کان سندي جان ڇڏائڻ‌ لاءِ کيس بلغاريه موڪليو هو، جتي سندس گهاٽي دوستي قادر جتوئي سان ٿي. مرتضيٰ سولنگي سان به سندس دوستي هئي پر انهي ياري ۾‌ به گهاري پئجي ويئي. پر عطاءُ الله نيازي چواڻي ”ساري جهگڙي هي زندگي تڪ هين، ڪون مرتا هي ڦر ڪسي ڪي ـ
 

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter