سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

نوجوانن لاء اعليٰ تعليم ۽ ڪيريئر جا دروازا کوليندڙ سوجهرو


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

03/10/2019

انجنيئر محبوب علي شر
 
هن دور ۾ جڏهن اسان جو نوجوان پنهنجي تعليمي ۽ ڪيريئر ۾ اڳتي وڌڻ لاء رستا واجهائيندو هجي ۽ ٻئي طرف  تعليم  ۽ ڪيريئر ڪائونسلنگ جي نالي تي هلندڙ نالي جا نان پرافٽ ادارا به  پئسي ڪمائي جو ذريعو بڻيل هجن ۽ ٻيو الميو اهو هجي ته  جيڪي مڊل ڪلاس ماڻهن جن پنهنجي ڪيريئر ۾ دنيا ۾ پاڻ مڃرايو هجي اهي  به اڄ جي وڏيري جي زندگي کي پنهنجو رول ماڊل ٺاهي وڏيرڪي زندگي گزاريندا هجن، اهڙي دور ۾ اسان جي معاشري ۾  آڳرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهون ملندا جن نه صرف  تعليمي ۽ ڪيريئر ۾ دنيا ليول تي پاڻ کي مڃرايو آهي  گڏوگڏ    بغير ڪنهن لالچ جي نوجوانن کي اڳتي وڌائڻ کي پڻ پنهنجو فرض سمجهيو آهي انهن آڳرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهن مان اهي 50 جي قريب قوم جانوجوان به آهن جن سوجهرو گروپ جي نالي سان هڪ پليٽ فارم جو بنياد وجهي ڪجهه سالن کان اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ  ۽ جديد دور جي ٽيڪنالاجي ۾ بهترين ڪيريئر ٺاهڻ جي خواهشمند  نوجوانن جي رهنمائي ڪري رهيا آهن۔ سوجهرو گروپ جا اڪثر ميمبر  يا ته دنيا جي مڃيل يونيورسٽيز (پاڪستان، فرانس، ڪيناڊا، چين، جرمني، ڪوريا ۽ ٻين ملڪن ) مان يا ته پي ايڇ ڊي  ڪري چڪا آهن يا پي ايڇ ڊي  ڪري رهيا آهن يا وري ڪيريئر ۾ پاڻ کي مڃرائي چڪا آهن اهي هر آچر تي هڪ نئين ليڪچر سان يوٽيوب تي حاضر ٿيندا آهن، اهي تمام نوجوان جيڪي پنهنجي  اعليٰ تعليم  حاصل ڪرڻ ۽  ڪيريئر جي حوالي سان رهنمائي چاهين ٿا اهي سوجهرو جي دوستن سان رابطو ڪن 
 
https://web.facebook.com/sojhro.pk/
 
https://www.youtube.com/channel/UCRZLqCyipYMio9bhSvSB0cw
 
 

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter