سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

برطانيا شام ويندڙ جهادي عورتن کان شهريت کسي ورتي


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

03/11/2019


لاهوت ويب ڊيسڪ
برطانيا پاران داعش جي حامي ٻن وڌيڪ عورتن جي شهريت ختم ڪئي وئي آهي جيڪي جنگ ۾ حصو وٺڻ شام ويل هيون.اهو فيصلو گذريل هفتي جي شميما بيگم واري ڪيس کانپوء ڪيو ويو آهي جيڪا شام جي پناهگير ڪئمپ ۾ هئي ۽ سندس ٻار وفات ڪري ويو پر برطانيا سندس شهريت بحال نه ڪئي هئي.
ميڊيا رپورٽس موجب ٽيهن ساله جي ريما اقبال ۽ سندس 28 سالن جي ڀيڻ زارا 2013 ۾ ايسٽ لنڊن مان شام ويون هيون ۽ هاڻي کين پنج پٽ آهن جيڪي اٺن سالن جي عمرين اندر آهن..اهي ٻئي ڀيڻيون برطانوي شهري آهن پر سندن اصليت پاڪستاني آهي.ٻنهي ڀينرن جهادي ڪنوار بڻجڻ قبوليو ۽ داعش جي انهن ٽارچر سيلن ۾ شاديون ڪيون جتي مغربي ماڻهن کي يرغمال بڻائي رکيو ويندو هو.
ان کان اڳ بنگلاديشي نسل واري برطانوي شهري شميما بيگم جو ڪيس سامهون آيو جنهن داعش جي ڊچ ويڙهاڪ سان شادي ڪئي پر جنگ سبب کيس پناهگير ڪئمپ ۾ رهڻو پيو جتي مغربي صحافين سندس فوٽو ڪڍي ميڊيا اڳيان آندو ته هو برطانوي شهري آهي.
برطانيا جي گهرو وزير ساجد جاويد سندس شهريت ختم ڪئي ۽ سندس پٽ کي به اچڻ نه ڏنو .سندس پٽ شام واري پناهگير ڪئمپ ۾ وفات ڪري ويو.برطانوي قانون موجب حڪومت ان شخص کان شهريت نٿي کسي سگهي جيڪو بي وطن بڻجي وڃي تنهنڪري حڪومت موجب شميما بيگم بنگلاديش وڃي سگهي ٿي جيڪو سندس ابن ڏاڏن جو وطن آهي.پر بنگلاديش پڻ ان جنگجو عورت کي وطن وٺي وڃڻ کان انڪار ڪيو آهي.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter