سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

انڊيا عام چونڊون اپريل کان شروع ٿي مئي ۾ ختم ٿينديون


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

03/08/2019


لاهوت ويب ڊيسڪ
انڊيا جي اليڪشن ڪميشن اعلان ڪيو آهي ته ووٽنگ جو سلسلو يارهين اپريل کان شروع ٿي ستن مرحلن ۾ مڪمل ٿيندو ۽ اليڪشن نتيجن جو اعلان 23 مئي تي ٿيندو.اليڪشن ڪميشن موجب ووٽنگ جو مرحلو يارهين اپريل کان 19 مئي تائين هلندو.
واضع رهي ته انڊيا م ووترن جو تعداد 90 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي جيڪي ڏهه لک پولنگ اسٽيشنز تي وڃي پنهنجو ووٽ ڏيندا.ان لحاظ کان ڏسجي ته انڊيا جي اليڪشن دنيا جي تمام وڏي اليڪشن آهي.
انڊيا جي پارليمينت ۾ 543 سيٽون آهن جنهن حساب سان حڪومت جوڙڻ لئه ڪنهن به پارٽي کي 272 سيٽون درڪار هونديون آهن.هڪ اندازي موجب انڊيا جي ووٽرز جو تعداد آسٽريليا ۽ يورپ جي ڪل آبادي کان به وڌيڪ آهي.
اليڪشن ڪميشن پاران واضع ڪيو ويو آهي ته انهن سمورين جماعتن کي خبردار ڪيو آهي ته اليڪشن مهم دوران ڪنهن به حاضر سروس فويج جو فوٽو استعمال نه ڪيو وڃي.واضع رهي ته بي جي پي پنهنجي جلسن ۾ هاڻي کان ئي ونگ ڪمانڊر اڀينندن جا فوٽو استعمال ڪري ماڻهن کي ٻڌائي رهي آهي ته هنن جو هيرو اهو آهي جنهن دشمنن تي حملو ڪيو..

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter