سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

جميل سومري جي ڪهاڻي : ممتاز کان بلاول تائين پاڻي


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

09/25/2019

ذوالفقار قادري
اهو 1978ع جو سال هو جڏھن جنرل ضياء جي دور ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ آخري دفعو اسٽوڊنٽس يونين جو چونڊون ٿيون لاڙڪاڻي جي مکيه تعليمي ادارن گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٖ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ٖ لا ڪاليج ٖ ڪامرس ڪاليج ۾ سپاف ۽ جساف جا پينل هڪ ٻئي جي سامهون هئا ٖ 1978ع جي انهن شاگرد يونين چونڊن ۾ سپاف لاڙڪاڻي جي سڀني ڪاليجن ۾ سرسي سان کٽيو چانڊڪا ۾ ڊاڪٽر اسد علي ابڙو ۽ ٻيا پينل سميت کٽي ويا ٖ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ سپاف طرفان مرحوم احمد علي سومرو صدر ٖ منظور جمالي جنرل سيڪريٽري ٖ شمس الدين سومرو جوائنٽ سيڪريٽري ( اڳوڻو ڪمشنر ۽ ھاڻي سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو سنڌ جنهن کي ٻہ ڏينهن اڳ سنڌ سرڪار وفاق ڏانهن بدلي ڪري ڇڏيو ) چونڊجي آيا جميل سومرو جساف جو حامي هو پر احمد علي سومرو سان ذاتي دوستي جي ڪري سي آر چونڊجي آيو لا ڪاليج لاڙڪاڻي مان مرحوم ايم اين اي اياز سومرو ۽ ٻيا چونڊجي آيا اهي 1978ع واريون شاگرد يونين چونڊون آخري ثابت ٿيون پو۽ جلد ئي جنرل ضياء شاگرد يونين تي پابندي مڙھي ڇڏي انهن ڏينهن کان مون جميل سومرو کي ڏٺو پو۽ جميل سومرو ۽ ٻي سنگت ڊگري ڪاليج ڇڏي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پهتا اڳتي هلي جڏھن 1983ع ۾ ايم آر ڊي جي تحريڪ وارا ڏينهن آيا ته بيگم نصرت ڀٽو بيماري سبب ملڪ کان ٻاهر هئي ۽ بينظير ڀٽو صاحبه ستر ڪلفٽن ۾ نظربند هئي تحريڪ جو آغاز ٿي چڪو هو پارٽي جي مک قيادت جيلن ۾ ھئي مرحوم احمد علي سومري کي پارٽي طرفان ايم آر ڊي تحريڪ حوالي سان اهم ذميواري مليل هئي مان انهيء سال ئي ملٽري ڪورٽ جي سزا ڪاٽي جيل مان نڪتو هئس پ پ قيادت فيصلو ڪيو ته ڪجهه اڳواڻ ۽ سرگرم ڪارڪن گرفتاريون نه ڏيندا بلڪه حڪومت خلاف ايم آر ڊي تحريڪ کي منظم ڪندا احمد علي سومرو سميت اسان ڪافي دوست ان لڏي ۾ شامل هئاسين جن گرفتاريون پيش نه ڪيون بلڪه روپوش رهي تحريڪ لا۽ ڪم ڪيو احمد علي سومرو ۽ اسان اڪثر سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انٽرنيشنل هاسٽل تي جميل سومري جي ڪمري تي ايندا هئا سين جميل سومرو مرحوم احمد علي سومرو جي ذاتي دوستن ۾ شمار ٿيندو هو ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ سپاف جي ڪارڪنن ۾ شمار ٿيندو هو انهي ء دور ۾ اسان سان گڏ ڪافي نوان ڇوڪرا ته اهڙا به هئا جن سنڌ يونيورسٽي ۽ ان جون هاسٽلون پهريون دفعو ڏٺيون هيون ڪمرن ۾ رهندڙ شاگرد ڪولر جي خرابي جي صورت ۾ انٽرنيشنل هاسٽل جي ڪمرن جي اٽيچ باٿ رومن جي نلڪن ۽ شينڪ مان ئي پاڻي پي وٺندا هئا احمد علي سومرو مرحوم لاڙڪاڻي جي هڪ ڳوٺ سان تعلق رکندڙ هڪ نوجوان جيڪو اسان سان گڏ روپوش ٿي گڏ آيو هو ان کي چيو هي شيشي جو گلاس کڻي باٿ روم جي شينڪ مان پاڻي ته ڀري اچ اهو نوجوان شينڪ بجا۽ ڪموڊ مان پاڻي ڀري احمد علي سومري ڏي کڻي آيو ته احمد علي سومري کانئس پڇيو پاڻي ڪٿان ڀري آئين ته چيائين اندر جيڪو اڇو مٽ پيو هو ان مان ڀري آيس تنهن تي احمد علي سومري جميل سومري کان پڇيو ته اندر ڪو اڇو مٽ رکيو اٿئي ڇا ته جميل سومري چيو نه نوجوان جڏھن پار پتا ڏنا ته احمد علي مورڳو گلاس ئي ڦٽو ڪري ڇڏيو ان دور ۾ ڪڏھن ماني ملي ڪڏھن نه ملي سو پيا هلندا هئا سين جميل سومري سان دوستي جو تعلق انهن ڏينهن کان جڙيو هاڻي ته ڏھن سالن کان ڪا ملاقات ئي ناهي ٿي اسرار ڪيهر ٖ انعام ڪيهر ٖ سيف الله جتوئي ٖ امتياز چنه ٖ روشن تونيه ٖ صادق چاچڙ ٖ صفدر ڪورائي ٖ صفي الله جوکيو ٖ گلشير مغيري احمد علي مولائي لاکو سميت ڪافي دوست هئا اسان جي جدوجهد جاري هئي ڪو مستقل ٺڪاڻو نه هو ممتاز علي ڀٽو صاحبه اڃا پ پ کان الڳ نه ٿيو هو ۽ ڪراچي سينٽرل جيل ۾ هو هڪ ڏينهن مرحوم احمد علي سومرو هڪ ڪيسٽ کڻي آيو ته ممتاز علي ڀٽو صاحب جيل مان هي ڪيسٽ موڪلي آھي جنهن ۾ ڪنفيڊريشن جي ڳالهه ڪيل هئي ان کي ترجمو ڪرڻ بعد سائيڪلواسٽائل ڪري ورهائڻو آھي خير سان اهو سائيڪلو اسٽائل ڪري ورهايو ويو پو۽ اڳتي هلي 1985ع ۾ ممتاز علي ڀٽو ٖ عبدالحفيظ پيرزادو ۽ سردار عطاء الله مينگل سنڌي بلوچ پختون فرنٽ جوڙيو ته ممتاز علي ڀٽو ۽ پ پ جا رستا الڳ ٿيا احمد علي سومرو مرحوم ۽ ٻيا ڪافي دوست ممتاز علي ڀٽو جو ساٿ ڏنو ۽ پ پ سپاف ڇڏي ويا انهن ۾ جميل سومرو به شامل هو اڳتي هلي ممتاز علي ڀٽو سنڌ نيشنل فرنٽ جوڙي ته شاگرد ونگ جو صدر سيد ثمر علي شاه خيرپور ميرس وارو جڏھن ته جميل سومرو کي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ان بعد سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو مرڪزي صدر جميل سومرو ۽ احمد علي مولائي لاکو مرڪزي جنرل سيڪريٽري بڻيا جميل سومرو جلد ئي ممتاز علي ڀٽو صاحب جي ويجهو ٿي ويو هو اڪثر ممتاز ڀٽو جي سيڪريٽري جا فرائض به انجام ڏيندو هو ٖ جميل سومرو جو اصل سياسي استاد مرحوم احمد علي سومرو هو ٖ احمد علي سومرو 1988ع سال جي شروعات ۾ ممتاز علي ڀٽو صاحب کي ڇڏي وري واپس پ پ ۾ موٽي آيو پر جميل سومرو ممتاز علي ڀٽو صاحب جي فرنٽ ۾ ئي رهيو احمد علي سومرو کي بينظير ڀٽو صاحبه پ پ ضلع لاڙڪاڻو جو جنرل سيڪريٽري ۽ ملڪ سليم کي لاڙڪاڻي ضلعي جو صدر مقرر ڪيو اڳتي هلي آگسٽ 1990ع ۾ جڏھن اسحاق خان بينظير ڀٽو صاحبه جي حڪومت کي برطرف ڪري ڄام صادق علي کي سنڌ جو وزيراعلئ مقرر ڪيو ته احمد علي سومرو ٖ ملڪ سليم ٖ سيد حسين شاه بخاري ٖ سميت ڪافي ماڻھو پ پ ڇڏي ڄام صادق علي سان وڃي مليا احمد علي سومرو کي ڄام صادق علي پنهنجو خاص صلاحڪار بڻايو اڳتي هلي ڄام صادق علي به گذاري ويو ۽ احمد علي سومرو به پنهنجي ڪراچي واري بنگلي تي قتل ٿي ويو جنهن جو الزام صنم ڀٽو جي مڙس ناصر حسين تي لڳو هو ٖ 1993ع ۾ بينظير صاحبه جڏھن ٻيهر وزير اعظم بڻي ته جميل سومرو 1995ع ۾ ممتاز علي ڀٽو کي ڇڏي پ پ ۾ شموليت ڪئي جميل سومرو کي پ پ ۾ شامل ڪرائڻ ۾ نثار کهڙو ۽ خورشيد جوڻيجو جو وڏو ڪردار ادا ڪيو ٖ نثار کهڙو پنهنجي سياسي سفر جو آغاز اصغر خان جي پارٽي تحريڪ استقلال کان ڪيو ان جو مرڪزي نائب صدر هو جڏھن ته انهن ڏينهن ۾ نواب اڪبر خان بگٽي به اصغر خان جي پارٽي جو سينيئر نائب صدر هو ٖ نثار کهڙو 1984ع ۾ تحريڪ استقلال ڇڏي پ پ ۾ شموليت ڪئي نثار کهڙو 1988ع کان 2018ع تائين جي چونڊن ۾ واره ۽ لاڙڪاڻي جي تڪ تان ڪامياب ٿيندو رهيو آھي واره جو تڪ ته هاڻ پ پ چانڊيا نوابن حوالي ڪري چڪي آھي جيڪو هاڻي چانڊيا نواب ٻئي ڪنهن جي حوالي مشڪل سان ئي ڪندا نثار کهڙو لا۽ صرف هڪ تڪ لاڙڪاڻي وارو ئي بچيو هو 2018ع جي چونڊن ۾ نثار کهڙو جي نااهل ٿيڻ سبب پ پ ان تڪ جي ٽڪيٽ سندس نياڻي ندا کهڙو کي ڏني جنهن کان ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي جو پوٽو ۽ بينظير ڀٽو صاحبه جي سيڪريٽري رهندڙ ڊاڪٽر صفدر عباسي جي ڀائٽيو معظم عباسي اليڪشن کٽي ويو پر سهيل انور سيال جي ڀاء طارق سيال جي درخواست تي سپريم ڪورٽ معظم عباسي جي نااهلي جو فيصلو ڏنو معظم عباسي جي نااهل ٿيڻ بعد نثار کهڙو کي اميد هئي ته ان تڪ تان پارٽي ٽڪيٽ کيس يا سندس ڌيء ندا کهڙو کي ملندي ٻئي طرف طارق سيال وارن کي اميد هئي ته معظم عباسي سندن جي ڪوشش سان نااهل ٿيو آھي اها سيٽ سيالن کي ملندي نثار کهڙو کي ڊپ هو ته جميل جي نسبت سيال بااثر آھن جيڪڏھن هڪ دفعو لاڙڪاڻي جي سيٽ سيالن کي ملي ته سيالن کان جان آجي ڪرائڻ ڏکي ٿي ويندي ان سان گڏ نثار کهڙو کي اهو به خوف هو ته جيڪڏھن هو اها ضمني اليڪشن هارائي ويو ته ڪميونيڪيشن ۽ ورڪس ڊپارٽمنٽ جي سڻڀي وزارت سميت کيس مليل ٽي وزارتون ۽ پ پ سنڌ جي صدارت ئي مورڳو کانئس کسجي ويندي ماضي ۾ اها سيٽ 1970ع کان پ پ کٽندي رهي آھي پ پ ٻہ دفعا لاڙڪاڻي تڪ واري سيٽ هارائي آھي ٖ 1993ع ۾ اها سيٽ مير مرتضئ ڀٽو پ پ اميدوار حاجي منورعباسي کي شڪست ڏئي کٽي هئي ٻيو دفعو پ پ اها لاڙڪاڻي واري سيٽ 2018ع وارين چونڊن ۾ ھارائي جڏھن نثار کهڙو جي نياڻي ندا کهڙو کان جي ڊي اي اميدوار معظم عباسي کٽي ويو هو هاڻي 17 آڪٽوبر تي ٿيندڙ ضمني چونڊن ۾ پ پ ٽڪيٽ جميل سومرو کي ڏني آھي جيڪڏھن جميل هي اليڪشن ۾ کٽي ويو ته مستقبل ۾ نثار کهڙو ۽ سيالن لا۽ لاڙڪاڻي شھر ۽ تعلقي تي مشتمل هي تڪ هٿن مان هليو ويندو جميل سومرو کي ٽڪيٽ ملڻ سان نثار کهڙو ٖ سهيل انور سيال وارن سان گڏ لاڙڪاڻي جي شيخ برادري به دلي طور خوش نہ آھي نثار کهڙو ۽ سيال بظاهر پارٽي جي حڪم تحت جميل سومرو سان گڏ ته آھن پر دلي طور کهڙو ۽ سيال جميل سومرو سان گڏ نه آھن سندن دل جي خواهش آھي ته جميل سومرو هي اليڪشن هارائي وڃي جيئن بلاول آڏو ثابت ڪجي ته اسان ته اڳ ئي چيو هو جميل ڪمزور اميدوار آھي هونئن به هي لاڙڪاڻي وارو صوبائي تڪ جميل سومرو لا۽ آسان ناهي پر اها ڳالهه مڃبي ته جميل سومرو ممتاز علي ڀٽو جي سيڪريٽري کان بلاول ڀٽو زرداري جي سيڪريٽري تائين جو سفر ڪاميابي سان طئي ڪيو آھي جميل سومري جي اڳلي منزل ڪهڙي هوندي اهو ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter