سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

خوبصورتي ۽ ڪتابن جو عاشق


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

09/25/2019

خالد ڪنڀار

هو اڪثر ڪري ڪتاب پڙهندي پينسل جو استعمال ڪندو هو.پڙهندي پڙهندي ڪو بـ جملو هن جي دل ۽ دماغ کي ڪلڪ ڪندو هو تـ انهي کي پينسل سان هيٺان ليڪ ڏئي ڇڏيندو هو.اها ليڪ ظاهر ۾ تـ ڪتاب جي پني تي ڪنهن سٽ يا جملي جي هيٺان هوندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن وري ڪٿي ڪو پورو صفحوهن کي ڪلڪ ڪندو هو تـ هي انهي صفحي جي ٻنهي پاسن کان پينسل سان ليڪ ڏئي ڇڏيندو هو. پوءِ اهو جملو اها سٽ يا صفحو انهي پينسل جي ليڪ سميت هن جي دماغ تي ڇاپجي ويندي هئي. هن کي اهين لڳندو هو. هن جو پورو دماغ انهن ليڪيل پنن سان ڀريو پيو آهي. هو پنهنجي دماغ ۾ اها ليڪيل لائبريري کڻي پيو هلندو هو .پر هن جي گهر واري لائبريري جا ڪيترائي ڪتاب هن جي پينسل سان ليڪيل هئا. ڪڏهن ڪڏهن وري ڪو سٺو ڪتاب بل نـ ڏيندو هو تـ هي اهي ئي ڪتاب کڻي ويهي رهندو هو.انهن ڪتابن مان صرف اهي اهي حصا وري وري پڙهي وٺندو هو جيڪي هن پينسل سان ليڪيا هئا. هن کي اها خبر ئي نـ هوندي هئي تـ هن پنهنجي زندگي ۾ ڪيترا ڪتاب ورتا ۽ پڙهيا هئا. پر ڪتاب هن جي عادت جو حصو بڻجي ويا هئا. ڪڏهن ڪڏهن پڙهندي پڙهندي وچيان مهينن جا مهينا وقفو اچي ويندو هو. جڏهن بـ ڪتابن جي دنيا کان ڪٽجي ويندو هو. تڏهن هي پنهنجو پاڻ کي خالي خالي محسوس ڪندو هو.بي وزن ٿي ويندو هو. پوءِ وري جڏهن بـ شهر ويندو هو تـ وري ڪتابن جي ٿيلهي هٿ ۾ هوندي هئي.هو گهر پهچندي ئي سڀ کان پهرئين اها ڪتابن جي ٿيلهي کوليندو هو. هڪ هڪ ڪتاب جي ٽائيٽل ۽ انڊيڪس ڏسڻ کانپوءِ اڳتي وڌي وڃي ڪتابن جي پنن کي سرسري ڏسندو هو.اهين هو ٿيلهي ۾ پيل سڀ ڪتاب ڏسي وٺندو هو.هو گهڻو تڪڙو هو. چاهيندو تـ اهين هو تـ جلد کان جلد سڀ جا سڀ ڪتاب پڙهي ڇڏجن. پر هو اهين ڪري ڪونـ سگهندو هو. انهي ڪري جو اهين ممڪن بـ ڪونـ هو. پر پوءِ بـ هن سڀ کان گهڻا ڪتاب پڙهڻ چاهيا ٿي. انهي ڪري هڪڙي وقت هن جي کٽ تي ٽي کان چار پيا ئي پيا هوندا هئا. هڪڙو ڪتاب ٿڪائيندو هو تـ هو وري انهي کي اتي ڇڏي ٻيو ڪتاب کڻندو هو. اهين هڪڙي وقت ٽي ٽي چار چار ڪتاب گڏ پيو پڙهندو هو.مزي جي ڳالهـ هن سواءِ انهن ڪتابن جي جيڪي هن جي پسند جي لسٽ ۾ شامل هئا.ڪو بـ ڪتاب پڙهي پورو ڪونـ ڪيو هو.ڪو اڌ پڙهيل ڪنهن ڪتاب جا ڪجهـ صفحا پڙهيل ڪنهن ڪتاب جا ڪجهـ صفحا پڙهڻ کان رهيل. پر وري جڏهن بـ هن کي وقفي کان پوءِ ڪتابن جي بک لڳندي هئي تـ هو وري انهن ڪتابن کي پورو ڪري ڇڏيندو هو جيڪي اڌ پڙهيل هوندا هئا. جن جا ڪجهـ صفحا رهيل هوندا هئا يا وري جن جا ڪجهـ صفحا پڙهيل هوندا هئا.ڪجهـ ڪتاب هن هڪڙي ويهڪ ۾ بـ پڙهي پورا ڪيا هئا. ڪجهـ ڪتابن هن کي روئاڙي بـ ڇڏيو هو.پر پوءِ بـ هن کي ڪتابن جي شديد بک لڳندي هئي.
ڪتاب هن جي ڪمزوري هئا. پر ها ڪتاب هن جي پهرئين ڪمزوري نـ هئا. هن جي پهرئين ڪمزوري وري بـ خوبصورتي هئي. هي خوبصورتي جتي بـ ڏسندو هو تـ هن کي هٿ ۾ پيل ڪتابن جي ٿيلهي بـ وسري ويندي هئي. خوبصورت جسم هن کي ڪتابن کان وڌيڪ پاڻ ڏانهن ڇڪيندا هئا. هو خوبصورت جسمن جو بکيو هو. هي ڪتابن کي ڇڏي انهن انهن جسمن ڏانهن ڇڪي ويندو هو. اهو جسم ئي هن جي دل ۽ دماغ تي حاوي هوندا هئا. جڏهن ڪو خوبصورت جسم هن جي دل ۽ دماغ ۾ داخل ٿيندو هو تـ پينسل سان ليڪيل سمورا ڪتابن جا پنا اهو خوبصورت جسم ويڙهي هڪڙي پاسي رکي ڇڏيندو هو. اهين سمجهو ڪتاب گم ٿي ويندا هئا جسم انهي جي جڳهـ ولاري وٺندو هو . پوءِ ڏينهن رات هن جي دماغ ۾ اهو خوبصورت جسم هوندو هو. اها هن جي پهرئين ڪمزوري هئي. اهو هن جي سڀ کان وڏي بک هئي. اها ئي اها ڪمزوري هئي. جيڪا هن کي ڪتابن کان پري ڪري ڇڏيندي هئي. هو چوندو هو تـ محبت ماڻهو ۾ هڪڙي ڪيفيت وانگر موجود هوندي آهي. جيڪا حسن ڏسڻ سان ظاهر ٿي پوندي آهي.هو چوندو هو اهو لازمي ناهي تـ ڪا محبت هڪ هجي. اوهان ڪيترا دفعا محبت ڪري سگهو ٿا. محبت اوهان ۾ آهي. اها صرف صورت جي تبديلي آهي. هڪڙي صورت وڃي ٿي. انهي جي جڳهـ تي وري ٻي صورت اچي ٿي وڃي. هو چوندو هو. هڪڙي صورت جي موجودگي ۾ ڪڏهن بـ ٻي صورت اوهان جي دل ۽ دماغ ۾ داخل نٿي ٿي سگهي .جنهن ڏينهن اوهان کي حسن متاثر نـ ڪري انهي ڏينهن سمجهو هاڻ اوهان ۾ محبت جو جذبو مري ويو آهي. صورت محبت جي جذبي کي زنده ڪري سگهي ٿي. هو اهڙيون ڳالهيون ڪندي ڪندي وچ وچ ۾ لطيف جو بيت ڏئي ڇڏيندو هو.هن کي پنهنجي ڪيفيت جي ڀرپور اظهار لئـ لطيف جي بيت کانسواءِ ٻيو ڪو بـ دليل نـ هوندو هو. لطيف جو بيت ئي هن جي ڪيفيت جو ڀرپور نموني سان اظهار هو. ڪڏهن ڪڏهن رجنيش کي بـ حوالي طور استعمال ڪري وٺندو هو. پر اهو هن جي ڪيفيت جو ڀرپور اظهار نـ بڻجي سگهندو هو.جڏهن بـ هن جي دل ۽ دماغ ۾ ڪنهن نئين صورت جي آمد ٿيندي هئي تـ هي ڏينهن رات ٽٻ هوندو هو.اها ٽٻي هن کي اڪيلو ڪري ڇڏيندي هئي. هو ظاهر ۾ انهي صورت تائين محدود ٿي ويندو هو . پر هو چوندو هو صورت ۽ ڪتاب محدود ناهن ڪندا. اهي توهانکي توهان جي ئي اندر ۾ لامحدود ڪري ڇڏيندا آهن.هو چوندو هو.تـ جڏهن بـ ڪا صورت پنهنجي سڀني ادائن سان ايندي آهي يا ڪو ڪمال جو ڪتاب پڙهڻ لئـ هٿ چڙهي ويندو آهي.آئون پنهنجي ئي اندر جي اندر ۾ وسيع ٿي ويندو آهي. لکين ڪائناتون منهنجي اندر دريافت ڪندو آهيان.صورت ۽ ڪتاب منهنجي اندر جي اونڌه ۾ سوجهرو آهن.ٻئي منهنجي اندر جي اونڌه تڙي ڇڏيندا آهن.آئون محدود ٿيندو ئي تڏهن آهيان. جڏهن اهي ٻئي مون وٽ ناهن هوندا.انهن ٻنهي مان ڪو هڪ بـ هوندو آهي تـ پاڻ کا محدود هوندا آهيون. هو چوندو هو. ڪائنات ئي محبت ۽ عقل يا علم کان سواءِ ڪيئن ٿو سمجهي سگهجي.
انهي ڏينهن اسان ٻئي ڪار جي پوئين سيٽ تي ويٺا هئاسين ۽ سکر بئراج واري پل تان گذري رهيا هئاسين.هن جون اکيون انهي ڏينهن بـ گهڻيون ڳاڙهيون هئيس .هن جون اکيون سدائين ڳاڙهيون هونديون هيون. جيڪو بـ هن جون ڳاڙهيون اکيون ڏسندو هو. اهو سمجهندو هو تـ هي ڪو وڏو پياڪ آهي. پر هن ڪڏهن بـ ڌڪ ڪونـ ڀريو هو.هن جون اکيون رڳو اوجاڳن جي ڪري ڳاڙهيون هونديون هيون. هن انهي ڏينهن وهندڙ درياءِ ۾ ڏٺو ۽ وڌي ويل ڪاري ڏاڙهي ۾ ٻنهي هٿن سان سان خارش ڪندي. چيو انگريز جيڪو ڪجهـ سنڌ کي ڏئي ويا آهن. انهي تي تو جهڙا فيسبڪي گهٽ پڙهيل گهڻو فخر ڪندا آهن. پنهنجي ناقص دانشوري ڪندي چوندا آهن تـ انگريز جي اڃان سنڌ ۾ هجن ها تـ سنڌ هي نـ هجي ها. هن مون ڏانهن گهوريندي چيو. گهڻو ڳالهائيندا بـ اهي آهن. جيڪي گهٽ پڙهندا آهن.هن چيو انگريزن جيڪو ڪجهـ ڪيو ٿي انهي ۾ هنن جا پنهنجا معاشي مفاد هئا. هن چيو جتان جتان ريل گذري ٿي . اتي اتي هنن ڪپهـ جا ڪارخانا لڳايا پئي. هنن سڀ ڪجهـ ڪيو پنهنجي لئـ پي پر انهي جو اڻ سڌو فائدو هتان جي ماڻهن کي بـ رسيو پئي.هنن بئراج ٺاهيو. جنهن سان هنن لکين ايڪڙ زمين آباد ڪئي. اها اپت سڌو برٽش مان وڃي نڪتي.هنن جي اها سيڙپ ڪاري ڏسي لڳي ٿو تـ هنن جو هتان تڪڙو وڃڻ جو ڪو ارادو ڪونـ هو. اهي تـ ڀلايون ٿيون ٻي عالمي جنگ جون جنهن سان پرٽش ڪمزور ٿي. ٻي عالمي جنگ جي ڪري. هنن جي معيشت تباه ٿي. هنن جي ڪالونيون ختم ٿيون. هن جي سامهون آمريڪا ۽ رشيا سپر پاور ٿي اڀري رهيا هئا. جيڪڏهن ٻي عالمي جنگ نـ لڳي ها تـ اهين نـ ٿئي ها تـ هو ويٺا ئي هجن ٿا. هميشـ لئـ اسان کي نپوڙيندا رهن ٿا. اوهان کي بئراج ۽ ريل جو پٽڙيون تـ نظر اچن ٿيون پر اهو جاگيرداري نظام ڇو نٿو نظر اچي. ميرن تـ ٻروچن کي جاگيرون ڏنيون پر انهن ميرن وارن جاگيرن جي ايتري قانوني اهميت نـ هئي. هنن تـ باقائده جاگيرن کي قانوني شڪل ڏني. اهو ئي فيوڊل نظام جاري رکيو جيڪو يورپ ۾ فيوڊل نظام هو. هنن وڏيرن کي جيلون بـ ٺاهي ڏنيون سزا ڏئيڻ جا حق بـ ڏنا. جيڪڏهن اهي انگريز ايترا سڌريل ۽مهذب هئا تـ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين سڀني سنڌين ۾ برابري جي بنياد تي ورهائن ها. پر هنن اهين نـ ڪيو. هنن سنڌ ۾ نوان فيوڊل پئدا ڪيا. جيڪي هاڻ سنڌ جي هر ڳوٺ ۾ موجود آهن. هنن زمينن جي ورهاست سان سياسي ۽ معاشي نظام سان گڏ سماجي نظام اهڙو ٺاهي ڇڏيو جو اسان هڪڙي غلامي مان نڪري ٻي غلامي ۾ ڦاسي وياسين. جتان نڪرڻ ايترو سولو ناهي. هن جي ڳالهين مان لڳي رهيو هو تـ هو هن وقت اوجاڳا ڪتابن تي ڪري رهيو آهي. ۽ ڪالونيل دور جو ادب پيو پڙهي. آئون هن سان ڳالهايان ڳالهايان اوستائين سکر بئراج تي ٺهيل لائبريري اچي وئي آئون هن کي انهي لائبريري تي لاهي اڳتي نڪري ويس 

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter