سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

هڪ ڊاڪٽر جو رولاڪ روح


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

09/25/2019

رولاڪ رُوح!!
هي مونکي بي چين روح لڳندو آهي، جنهن جا ٿاڪ گهڻو ڪري غريبن جا اجها هوندا آهن ۽ هُو اڪثر زندگي جي ڳولا ۾ يا ائين چئجي جهڳين ۾ زندگي بچائڻ جا جتن ڪندي نظر ايندو آهي، هي قدآور ته آهي ئي آهي پر ڪردار ۾ به کيرٿر جي ان اونچي چوٽي وانگر آهي جيڪا سنڌ جهڙي ٻرندڙ سرزمين تي جون ۾ به اُلا ڪڍڻ بدران ٿڌڪار آڇي ٿي ته ڪيترائي لاوا بڻيل انسان اوڏانهن جو رخ ڪندا آهن، هن کي مون ڪڏهن ڦرڻي ڪرسي تي ويهي ڦيراٽيون پائيندي ناهي ڏٺو، شايد هن کي ڦرڻ کان سخت چڙ آهي ۽ هي رولاڪيون ڪندي جڏهن پري کان ڪا زندگي ڏسي ٿو ته رڙ ٿو ڪري! او! اجهو هُو ٻار آهن! هن جو شڪار تلور ۽ انهن ناياب نسل جي پکين کان بلڪل مختلف آهي، جن جي لاءِ اڇي ڪپڙي سان ڪاري ڏوري ٻڌل همراهه پري کان پنڌ ڪري اچي شڪاري بازن سان پنهنجي شوق جو پوُرائو ڪندا آهن، پر هن جو شوق انهن ٻارن تائين پهچڻ آهي جيڪي ڪنهن بيماري جي شڪار ٿيڻ لاءِ پيدا ٿيندا آهن، هي انتهائي معصوم آهي، پڪ آهي ته جڏهن هُو اهڙي ڪنهن به مهم تان ورندو هوندو ته اڪيلائي ۽ لاچاري جو رڻ وڌيڪ گهرو ٿي ويندو هوندو ۽ هُو اويلو پنهنجي گهر ڀاتين کي ننڊ ۾ ڇڏي گهر کان ٻاهر اچي سنسان گهٽيءَ ۾ پنهنجي قميص جي ڪف سان ضرور آليون اکيون اگهندو هوندو، جيئن آئون اڪثر لڪي روئندو آهيان، ڪڏهن ڪڏهن ته منهنجا سڏڪا گونجڻ به لڳندا آهن ۽ اوڏي مهل پاڻ مٿان سورٺ کي بيٺل ڏسندو آهيان، جنهن جي هٿ ۾ پاڻي جو گلاس هوندو آهي ۽ هُو مونکان روئڻ جو سبب ناهي پڇندي، بس ان ڪتاب کي ڏسندي آهي، جيڪو منهنجي ڀر سان پيل هوندو آهي، ڪير يقين ڪندو ته اسان روئندا هونداسين، پر يقين ڪريو ته اسان سڀني کان گهُڻو روئندا آهيون، هڪ دفعي سورٺ جڏهن منهنجي روئڻ تي آئي هُئي ته ڀر ۾ ڪو ڪتاب نه ڏسي پهريون ڀيرو پڇيو هئائين، ڇا ٿيو؟ ۽ مون چيو هو، امان ياد پئي اچي ۽ هُن منهنجي وارن ۾ هٿ گهمائيندي چيو هو، الله امان کي وڏي ڄمار ڏيندو! هاڻي سمهي پئو!
سو مونکي لڳي ٿو ته هيءُ قدآور شخص به مون وانگر ڏاڍو رُوئاڪ هوندو، جي روئاڪ نه هجي ته هينئن جهوپڙين ڏي ڪيئن ڇڪجي اچي!؟ ڀلا هن ننڌڻڪي ديس ۾ ڪير هن کان پڇندو ته! ڊاڪٽر اعجاز خانه بدوشن جي ٻارن کي ڦڙا پياريئي يا نه؟ پر پڪ سان الٽو هن کان اهو پڇاڻو ٿيندو هوندو ته هنن کي ايتري اهميت ڇو ٿو ڏين!؟ هُو هڪ اداڪار به آهي پر اهو اداڪار جڏهن ماربل لڳل فرش تي پير رکندو هوندو ته پڪ سان هُو پاڻ کي ترڪندي اونهاين ۾ ڪرندي محسوس ڪندو هوندو، پر جڏهن هُو انهن جهوپڙين ۾ زندگي کي محفوظ ڪري موٽندو هوندو ته اهو اداڪار خوش ٿي زور زور سان تاڙيون وڄائي سندس آجيان ڪندو هوندو، زندگيءَ آهي ئي اداڪاري جو نالو جيڪو ان کي بهتر طريقي سان ادا ڪري وڃي ته سندس نالو گونجڻ لڳندو آهي، پر جٿي هن جهڙا ماڻهُو سڦلتا جا پنڌ ڪندا آهن ته انهن تي ڪوبه ڌيان ناهي ڏيندو جو هُو زندگي بچائڻ جي مشن تي نڪتل هوندا آهن نه وري ڪنهن جي زندگي سان کيڏڻ جي ڪنهن مشن تي!
الائي ڇو اسان کي يار به روئاريندڙ مليا آهن، منهنجو ته خيال آهي ته ڪنهن به حساس ماڻهُو جي نه ته لکڻي پڙهڻ گهرجي ۽ نه وري ڪا سندس ڪا ڪٿا، ڇو ته ان سان هڪڙي ڄڻي کي ٻن ڄڻن جا لُڙڪ لاڙڻا ٿا پون، ڊاڪٽر اعجاز سمون ڇا آهي، ڪير تڪليف ڪري ضرور هڪ ڏينهن انهن خانه بدوشن ٻارن کان وڃي پڇي اچي ۽ ڏسي ته اتان کيس ڪهڙو جواب ٿو ملي!؟

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter