سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

نمرتا ڪيس جي آڙ ۾ وي سي کي ڪير ٿو هٽائڻ ٿو چاهي..؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

09/25/2019

لاهوتي

اسان رول ماڻهون رلندي رلندي وڃي جو لاڙڪاڻي نڪتاسين ته نمرتا ڪيس وارو واقعو گرما گرم بحثن هيٺ آيل هو.ڪيترائي ماڻهون  جسٽس فار نمرتا جا نعرا هڻي رهيا هئا پر ڪجهه ماڻهون انهن نعرن جو رخ وي سي انيلا عطا الرحمان طرف ڪري گو وي سي گو جا نعرا هڻائي رهيا هئا.اها ماجرا ائين هئي جيئن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت وقت ڳڙهي خدابخش ڀتو ۾ ڪجهه جيالا پنڊي خلاف ائين نعرا هڻي رهيا هئا جيئن هاڻي خورشيد شاه جي گهر بلاول هڻي رهيو هو، پر ان ۾ ڏاڏي اطهر سومري جهڙا ڪي ماڻهون گهڙي نه کپي نه کپي وارا نعرا جيالن کان به هڻائي ويا ائين ئي ڪجهه ماڻهون جسٽس فار نمرتا جي آڙ وٺي گو وي سي گو جا نعرا هڻائي رهيا آهن، پر لاهوتي کي ڪن ۾ ڪنهن ڀڻڪ ڪئي ته اها وي سي  خورشيد جي سفارش سان رکرايل هئي جنهن کي نثار کهڙو، جميل سومرو ۽ ٻيا پي پي اڳواڻ هٽائڻ چاهين پيا پر هاڻي ته انهن جي ڪوششن کي ڀاڳ اهڙو ڀيڙو ڏنو آهي جو جنهنکي شهيد محترمه بينظير ڀتو ميڊيڪل يونيورسٽي جي اندروني معاملن جي به خبر ناهي سي به ويٺا گو وي سي گو جا نعرا هڻن.باقي اسان لاهوتين کي ڪا خبر ناهي ته هي نمرتا جي موت وارو مامرو وي سي کي هٽائڻ تائين هلندو يا وي سي ان طوفان مان خير خوبي سان ٻاهر نڪري ايندي.

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter