09/25/2019
لاهوتي
سنڌي سوشل ميڊيل تي شل ڪو نه ڪو ٿورو گهڻو مشهور ٿئي پوء پاڻ به آپي مان نڪري ويندو ته سندس پوئلڳ به ائين ڪندا.اهڙو ئي ڪجهه قصو مولانا اسدالله کهڙو عرف مولان جهل دٻ جو آهي.جنهنکي سوشل ميڊيا تي جڏهن سندس انداز بيان واري جملي جهل دٻ تي مشهوري ملي ته همراهه صفا آپي مان نڪري ويو .هن جسڪاڻين کي ايترو ته گهٽ وڌ ڳالهايو جو مٿس تنظيمي پابندي پئجي وئي.سندس تنظيم جي سربراهه مولانا راشد محمود سومري مٿس وعظ دوران يا شادين مرادين ۾ ڳائڻن جيان وڃي جهل دٻ چوڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي، جنهنڪري هاڻي مولانا جهل دٻ نه ته ايس ايس پي بنگش جي تعريف ڪري سگهي ٿو نه ئي ايس ايس پي شبير سيٺار جي دعوت تي وعظ ڪري سگهي ٿو. ها البته پنهنجي سهڻن مداحن سيلفيون ضرور ڪڍائي سگهي ٿو.