09/25/2019
سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊاڪٽر ديپڪ کي پوليس مقابلي ۾ زخمي ڪرڻ واري واقعي تي فيصلو ٻڌائيندي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت سڳوري واقعي جي جانچ لاءِ جي آءِ ٽي تشڪيل ڏيڻ جو به فيصلو ٻڌايو آهي جنهن جو سربراہ پوليس آفيسر ولي ﷲ دل هوندو، جڏهن ته ان ٽيم ۾ ڳجهن ادارن جا نمائندا به شامل هوندا، عدالت ديپڪ کي وڏي وزير طرفان اعلانيل رقم ۽ ماهوار 50 هزار رپيا خرچ طور ڏيڻ جو به حڪم ڏنو آهي، واضع رهي ته عرفان بلوچ جي بطور ايس ايس پي حيدرآباد ۾ پوسٽنگ دوران پوليس مقابلو ڏيکاري ڊاڪٽر ديپڪ کي ڏوهاري ڄاڻائي زخمي ڪيو هو، جيڪو هن وقت معذوري واري زندگي گذاري رهيو آهي، وارثن طرفان ھاء ڪورٽ جو دروازو کڙڪائڻ کانپوءِ عدالت سندس حق ۾ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي..