سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

مريم نواز ڪوٽ لکپت جيل حوالي....


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

09/25/2019

نيوز ڊيسڪ

لاهور جي هڪ احتساب عدالت نيب پاران مريم نواز جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ جي درخواست رد ڪندي مريم کي چوڏهن ڏينهن لئه ڪوٽ لکپت جيل حوالي ڪري ڇڏيو آهي.مريم نواز جو والد نواز شريف اڳم ئي ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد ڪاٽي رهيو آهي.

جج امير محمد خان اڳيان نيب جي وڪيلن دليل ڏنا پر عدالت سندن درخواست رد ڪري ڇڏي.واضع رهي ته مريم نواز ۽ سندس سئوٽ يوسف عباس کي اٺين آگسٽ تي چوڌري شگرملز ڪيس ۾ نيب پاران گرفتار ڪيو ويو هو ۽ مسلسل سندن جسماني ريمانڊ ۾ واڌ ٿي رهي هئي.

عدالت کي ٻڌايو ويو ته نيب جي ڪيمپ جيل ۾ عورت ملزمن کي رکڻ جي جڳهه ناهي جنهن تي مريم نواز جي وڪيل ۽ مريم نواز جج کي درخواست ڪئي ته کيس ڪوٽ لکپت جيل موڪليو وڃي.بعد ۾ مريم نواز کي ڪوٽ لکپت جيل موڪليو ويو.

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter