سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

ڇا ڊاڪٽر نمرتا کي ڏاڍائي بعد قتل ڪيو ويو..؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

11/06/2019

 

ڌرتي ٿيٻو

شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻي  جي انتظام هيٺ هلندڙ بي بي آصفه ڊينٽل ڪاليج جي فائينل ييئر جي شاگردياڻي ڊاڪٽر نمرتا جي پراسرار موت وارو  ڪيس سندس فائينل پوسٽ مارٽم  رپورٽ اچڻ بعد اڃان وڌيڪ مونجهاري جو شڪار ٿي ويو آهي. لڳ طڳ ٻن مهينن کانپوء جاري ڪيل فائينل پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ واضع طور ته اهو نه لکيو ويو آهي ته ڊاڪٽر نمرتا سان جنسي زيادتي ڪرڻ بعد کيس قتل ڪيو ويو آهي پر اشارن ئي اشارن ۾ اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش جي ڪئي وئي آهي ته ڊاڪتر نمرتا جي جسم ۽ ڪپڙن تان مرداڻن جزن يا مرد جي مني جا نشان مليا آهن جيڪي سندس ڪپڙن ۽ جسم جي ڊي اين اي رپورٽ ڪرائڻ مان مليا آهن.پوسٽ مارٽم رپورٽ يا ڊي اين اي رپورٽ ۾ اهو واضع نه ڪيو ويو آهي ته اهي مرداڻا جزا ڪنهن هڪ مرد جا آهن يا الڳ الڳ مردن جا.فائينل پوسٽ مارٽم رپورٽ ڪندڙ ڊاڪٽر امرتا لکيو آهي ته ڊاڪٽر نمرتا جو موت ساهه گهٽجڻ سبب ٿيو آهي جيڪو ٻاهران گلو دٻائڻ سبب ٿيو آهي. نه کيس زهر ڏنل آهي نه ئي سندس هڏا ڪٿان ڀڳل آهن يا تشدد جا نشان مليا آهن.هن لکيو آهي ته وڌيڪ سندس ان رئي  جي جاچ ڪئي وڃي جنهن سان هن مبينا طور خودڪشي ڪئي هئي.واضع رهي ته ميڊيڪل يونيورسٽي جي چالاڪ انتظاميا ڊاڪٽر نمرتا هو اهو رئو پهرئين ڏينهن کان لڪائي ڇڏيو آهي جنهنڪري ان رئي جي نه ته هن مهل تائين ڊي اين اي ٿي سگهي آهي نه ئي اهو رئو پوليس ڪيس پراپرٽي ۾ ظاهر ڪيو آهي.ڊاڪٽر نمرتا ڪيس فائينل پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ٻيهر هائي پروفائيل ڪيس ٿي اڀريو آهي  ڇو ته ڊاڪٽر نمرتا جي ڊي اين اي جا جزا سندس ڪلاس فيلوز مهراڻ ابڙو ۽ علي شان ميمڻ جي ڪڍيل ڊي اين اي جزن سان ميچ نه ٿي سگهيا آهن.تنهنڪري پوليس پريشان آهي ته اهو ٽيون شخص ڪير ٿي سگهي ٿو جنهن ڊاڪٽر نمرتا سان آخري ڏينهن تي جنسي عمل ڪيو ۽ اهو اهڙو ته خراب عمل ثابت ٿيو جو ڊاڪٽر نمرتا اهو ٽرائوزر به چينج نه ڪيو ۽ ان سميت سندس موت واقع ٿيو.ڇا اهو شخص انتظاميا سان تعقل رکي ٿو جنهن کيس بليڪ ميل ڪري جنسي عمل ڪيو..ان بابت رپورٽ هلندڙ آهي.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter