سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

شاعر آڪاش انصاري سان حفيظ ڪنڀر ڇو ڪاوڙجي پيو..؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

11/06/2019

 

لاهوتي

ٻين ملڪن جا شاعر اديب ڀلي ته نظريي  يا قوم کي ڪهڙي مزاحمتي دڳ لائجي جهڙن موضوعن تي هڪٻئي سان اختلاف رکندا هجن پر سنڌي اديب شاعر پنهنجي روايت برقرار رکندي ذاتي پسند ناپسند جي بنياد تي هن ڊجيٽل ايج ۾ به تنقيدن جا تير هڪٻئي خلاف  تيز ڪيون ٿا وتن.ان ذاتي نوعيت جي اختلافن جون خبرون عام کي تڏهن پيون جڏهن اوچتو اوچتو ئي مشهور ناٽڪ نويس حفيظ ڪنڀر مقبول شاعر آڪاش انصاري خلاف وڏو تنقيدي مضمون سنڌ ايڪسپريس اخبار ۾ لکي ڇڏيو.ماڻهون حيران ته ابا ويٺي ويٺي حفيظ ڪنڀر کي آڪاش انصاري جي شاعريءَ جون خاميون ڪيئن ياد پيون جو پنهنجي استاد رسول بخش پليجو کي ڪاپي  ڪندي ذري گهٽ انڌاونڌا ويچ لکي ورتو اٿائين.ان مضمون ۾ حفيظ ثابت ڪيو ته آڪاش انصاري جا وڏڙا هيائي مڱڻهار..جيڪي ڳائي وڄائي گذر سفر ڪندا هئا.ان مضمون جي جواب ۾ آڪاش انصاري هڪ کليل خط لکي پنهنجي فيس بڪ تي رکيو ته حفيظ ڪنڀر مان تنهنجي عزت ڪندو آهيان پر جيڪا شهرت عزت جنهنکي ملڻي هوندي سا ملندي منهنجي وڏڙن کي ڳائڻو چئي تون جهڪائي نه سگهندين.پر ان خط جو حفيظ مٿان ڪو اثر نه ٿيو هن وري ساڳي اخبار ۾ مضمون جي ٻي قسط لکي موڪلي جيڪا ڇپرائڻ انڪري سئولي هئي جو حفيظ جو پٽ اختر حفيظ سنڌ ايڪسپريس جو حصو هيو.ان مضمون سان گڏ حفيظ ڪنڀر وري فيس بڪ تي آڪاش کي جوابي خط به لکيو..

لاهوتي ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويو ته عوامي تحريڪ جي ٻنهي اڳوڻن سرگرم اديبن کي ڇا ٿي ويو آهي.ان جهيڙي ۾ حفيظ جامي چانڊئي کي به ميدان تي لاٿو جنهن کان هڪ ڀيري عوامي تحريڪ جي تنظيمي چونڊن ۾ حفيظ ووت وڌيڪ کنيا هئا.

لاهوتي کي جاچ ڪندي ڪندي نيٺ اها خبر ملي ته ڪنهن دارو پارٽي ۾ ٻئي اديب گڏ هئا ڇو ته جگر جي پيوندڪاري ڪرائڻ بعد آڪاش کي پيئڻ جو نئون اتساهه مليو آهي.سو حفيظ کي ڪنهن معاملي تي هن ماءُ ڀيڻ تي ڪچي گار ڪڍي ڏني.جنهن جي ڪنفرميشن لئه آڪاش کي صبح جو حفيظ فون ڪئي ته تو اها گار رات وارن نشن ۾ ڏني يا واقعي سيريس هئين.تنهن تي آڪاش ٻه ٽي ٻيون گاريون ڪڍندي حفيظ کي چيو توکي جيڪو ڪرڻو آهي سو وڃي ڪر آءُ راتوڪي ڳالهه تي قائم آهيان.بس پوء جي خبر نه پڇو لاهوتي کان..خبر ناهي اهو تنقيدي سلسلو حفيظ ڪيترو هلائيندو ۽ ان آڙ ۾ ٻين ڪهڙن ڪهڙن اديبن کي واري ۾ وٺي ڪتر کارائيندو کاري ۾.....

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter