سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

ڪاوش ڪي ٽي اين اسلام آباد جي آفيس مختصر، عملو فارغ


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

11/13/2019

لاهوتي

اسلام آباد جي ايوانن ۾ سنڌ جو ڪيس ڀرپور انداز ۾ پيش ڪندڙ سنڌي ميڊيا جي سگهاري اداري ڪاوش گروپ پنهنجي آفيس مختصر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ڪاوش گروپ جي نئين انتظاميا اسلام آباد ۾ ڪم پندڙ پنهنجي سينيئر رپورٽرن کي فارغ ڪرڻ جو فيصلو ڪندي پنهنجي دفتر کي مختصر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.جنهنڪري متاثر صحافين سان گڏ سنڌ جي سڄاڻ ڌرين ۾ پڻ تشويش جي لهر ڦهلجي وئي آهي.

لاهوتي کي مليل اطلاعن موجب ڪي ٽي اين گروپ جي نئين سربراهه اطهر اسلم قاضي پنهنجي مئنيجر معرفت اسلام آباد جي سينيئر صحافين کي چيو آهي ته اهي حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ اچي جوائننگ ڏين.اهي صحافي لڳ ڀڳ پندرهن ويهن سالن کان اسلام آباد ۾ ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين لئه ڪم ڪندا رهيا آهن.هاڻي انهن کي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس رليز ٺاهڻ تي ويهارڻ جو فيصلو کين نوڪرين کان جواب ڏيڻ جي برابر سمجهيو وڃي ٿو.

لاهوتي کي مليل ڄاڻ موجب ڪاوش ڪي ٽي اين جي رپورٽن سان گڏ ڪوشش جي هڪ سينيئر رپورٽر کي پڻ اداري پاران مليل گهر فوري خالي ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.جنهنڪري اسلام آباد جي سنڌي صحافين ۾ تشويش واري لهر ڦهلجي وئي آهي.

ڪي ٽي اين جي نئين سربراهه اطهر اسلم قاضي پاران هڪ نئين رپورٽر کي ذميواري سونپي آهي ته اهو اڪيلي سر ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين لئه ڪم جاري رکي.واضع رهي ته اهي سمورا احڪامات زباني ڪلامي موڪليا ويا آهن.ڇو ته سنڌي ميڊيا جي ڪنهن به اداري ۾ نوڪرين تي رکڻ مهل ٻين ادارن جيان ڪانٽريڪٽ سائن نه ٿيندو آهي نه ئي نوڪرين مان فارغ ڪرڻ مهل کين پيشگي اطلاع ڏنو ويندو آهي.جڏهن ڪنهن سنڌي صحافي جي نوڪري ختم ڪئي ويندي آهي ته کيس ميڊيا مالڪ جو مينيجر فون ڪري چوندو آهي ته سڀاڻي کان توهان جو ڪم بند آهي سو اسلام آباد جي ڪاوش ڪي ٽي اين سان لاڳاپيل صحافين کي پڻ ائين ئي اداري جي ڪنهن مينيجر فون ڪري فارع ڪري ڇڏيو آهي.

ڪاوش گروپ جي اسلام آباد واري آفيس مختصر ڪرڻ واري فيصلي تي سنڌ جي سڄاڻ ڌرين تشويش جو اظهار ڪيو آهي.ليکڪ نصير ميمڻ ڪاوش ڪي ٽي اين جو نالو لکڻ کانسواء پنهنجي فيس بڪ اسٽيٽس ۾ لکيو آهي ته ڪاوش جي اسلام آباد آفيس وفاق ۾ سنڌ جو ڀرپور آواز هئي هاڻي آفيس مختصر ٿيڻ بعد اها صورتحال نه رهندي.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter