سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

چارٽرڊ اڪائونٽنٽ يا ٻارڙن جون جنسي وڊيوز وڪرو ڪندڙ جنسي بگهڙ


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

11/13/2019

نيوز ڊيسڪ

راولپنڊي پوليس هڪ اهڙي شخص کي گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪئي آهي جيڪو پورنوگرافي جي عالمي گروهه جو سرگرم ميمبر ٻڌايو وڃي ٿو.جنهن پاڪستان م گهٽ ۾ گهٽ 30 ٻارڙن سان جنسي ڏاڍائي ڪري انهن جون وڊيوز عالمي گروهه وٽ وڪرو ڪيون آهن.

راولپنڊي پوليس موجب سهيل اياز نالي شخص ماضي ۾ برطانيا ۽ اٽلي ۾ به ساڳين ڪرتوتن سبب گرفتار ٿي چڪو آهي.سهيل جي والده جو چوڻ آهي ته سندس پٽ چارٽرڊ اڪائونٽنٽ آهي ۽ خيبر پختونخواه جي سول سيڪريٽريٽ ۾ ملازم آهي پر خيبر پختونخواه حڪومت جي ترجمان واضع ڪيو آهي ته هو سندن ملازم ناهي.سهيل اياز بابت اهو پڻ سامهون آيو آهي ته ماضي ۾ هن ٻارڙن جي حقن لئه ڪم ڪندڙ اداري سيو دي چلڊرين ۾ پڻ ڪم ڪيو آهي.

سهيل اياز ڪيس جي جاچ راوپنڊي پوليس ڪري رهي آهي.راولپنڊي جي سي پي او رانا فيصل چيو آهي ته ملزم ننڍن ٻارڙن سان زيادتي ڪري انهن جون وڊيوز ريڪارڊ ڪري عالمي گروه کي ڊارڪ ويب تي وڪرو ڪندو هو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ملزم ماضيءَ ۾  اٽلي ۽ برطانيا ۾ پڻ ٻارڙن سان جنسي ڏاڍائي جي ڪيسن ۾ ملوث رهيو آهي ۽ برطانيا ۾ کيس سزا پن ملي بعد ۾ کيس ڊي پورٽ ڪيو ويو.

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter