سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

روزاني سنڌ ايڪسپريس ڊمي ڪرڻ جو فيصلو..ايڊيٽر سميت عملو فارغ


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

11/20/2019

لاهوت ڊيسڪ

سنڌي صحافت ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن لئه ڪاوش اسلام آباد آفيس مختصر ڪرڻ بعد نئون بحران سنڌ ايڪسپريس اخبار جو ڊمي ٿيڻ آهي.ذميوار ذريعن موجب ايڪسپريس گروپ جي انتطاميا جو سنڌي اخبار ڪڍڻ وارو شوق پورو ٿي ويو آهي.انتظاميا سنڌ ايڪسپريس کي ڊمي ڪرڻ جو فيصلو ڪري اخبار جي هيڊ آفيس حيدرآباد کان ڪراچي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.جڏهن ته سنڌ ايڪسپريس اخبار جي ايڊيٽر فاروق سومري سميت سموري عملي کي هڪ مهيني جو نوٽيس ڏئي فارغ ڪيو ويو آهي.جنهنڪري فاروق سومرو ۽ سندس ٽيم سميت سنڌي صحافين ۾ ڳڻتي جي لهر ڦهليل آهي.واضع رهي ته ڪجهه سال اڳ ليڪسن ٽوبيڪو ڪمپني جي مالڪن ايڪسپريس ميڊيا گروپ جي انتظاميا سنڌي اخبار ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو جنهن کي مالي طور مستحڪم ڪيو ويو.اخبار جي ايڊيٽر لئه ان وقت ڪوشش اخبار جي نيوز ايڊيٽر فاروق سومري کي چونڊيو ويو جنهن پنهنجي پراڻن ساٿين جي ٽيم کي اخبار ۾ آڻي هڪ نواڻ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ايڪسپريس اخبار پهريون ڀيرو سنڌي ڪالم نگارن کي پڻ بهتر معاوضو ڏيڻ شروع ڪيو جنهنڪري ناميارن ليکڪن عبدالقادر جوڻيجو، اعجاز منگي سميت بين ڪالم نگارن پڻ لکڻ شروع ڪيو.ايڪسپريس سنڌي ميڊيا ۾ واحد اخبار هئي جنهن ايڊيٽوريل پيج ٻه صفحن تي ڏيڻ شروع ڪيو.پر اخبار انهن سمورين ڳالهين جي باوجود عوامي سطح تي پاڻ نه مڃائي سگهي.جنهنڪري ايڪسپريس اخبار سرڪيوليشن کان ويندي اشتهارن واري بزنيس تائين پوئتي رهي.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter