11/21/2019
لاهوت ڊيسڪ
ڪوڪ اسٽوڊيو جي سيزن 12 اڃان اڃان پنهنجي ابتدا ۾ هئي ته صنم ماروي جي ڳايل ڪلام ، حيران هوا، تي عابده پروين پنهنجي وڪيل معرفت اعتراض واري ڇڏيو ۽ کين ڪاپي رائيٽس ڪيس جو نوٽيس اماڻيو آهي.جنهن بعد ڪوڪ اسٽوڊيو وارن صنم ماروي جي آواز ۾ ڳارايل اهو ڪلام پنهنجي يو ٽيوب چينل تان هٽائي ڇڏيو آهي.جڏهن ته ڪوڪ اسٽوڊيو ۽ عابده پروين جي وڪيل وچم ٺاهه بابت ڳالهيون هلندڙ آهن.
ان ڏس ۾ عابده پروين جي پٽ سارنگ لطيف ڊان اخبار کي ٻڌايو آهي ته ڪوڪ اسٽوڊيو وارن شايد اهو سمجهيو ته اها ڪا روايتي ڌن آهي جيڪا هنن استعمال ڪئي پر ائين ناهي اها منهنجي ماءُ جي ڪمپوزيشن آهي ۽ ان جا ڪاپي رائيٽس انٽليڪچوئل پراپرٽي تحت ان جي ئي نالي ۾ رجسٽرڊ ٿيل آهن.ڪوڪ اسٽوڊيو وارن اسان کان ڪا به اجازت نه ورتي هئي. هن چيو ته منهنجي ماءُ جا ڳايل 99 سيڪڙو ڪلام سندس ئي ڪاپي رائيٽ تحت رجسٽرڊ ٿيل آهن.
سارنگ لطيف هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ائين به ناهي ته ڪوڪ اسٽوڊيو وارن کي ڪاپي رائيٽس يا انٽليڪچوئل پراپرٽي بابت ڪا خبر ناهي ، اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته جيڪڏهن ڪو دل دل پاڪستان ڳائيندو ته ڇا ٿيندو.سارنگ چيو ته ڳالهيون هلي رهيون آهن پر اسان اڃان فيصلو ناهي ڪيو ته اها ڌن ڪوڪ اسٽوڊيو کي استعمال ڪرڻ ڏيون يا نه.
هن چيو ته اهو ڪو پهريون ڀيرو ناهي جو ڪوڪ اسٽوڊيو وارن عابده پروين جي ڪا ڌن استعمال ڪئ يهجي اڳم به گهوم چرکڙا گهوم هنن استعمال ڪئي ته اسان کان اجازت وٺي ڪئي هئي پر هاڻي انهن ڪا به اجازت نه ورتي آهي.