سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

ڌرتي ٽي وي مالڪن شوڪت کي نوڪري مان ڇو ڪڍيو..؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

11/20/2019

لاهوتي

ڌرتي ٽي وي جي اڳوڻي مينيجنگ ڊائريڪٽر شوڪت زرداري پاڻ اعلان ڪيو آهي ته هن ڌرتي ٽي وي جي نوڪري تان استعفي ڏئي ڇڏي آهي تنهنڪري سندس هاڻي ڌرتي ٽي وي سان ڪو تعلق ناهي.

ٻئي طرف ڌرتي ٽي وي جي مالڪ علي حسن زرداري جي ويجهن ماڻهن لاهوتي کي اندروني حوال ڏنو آهي ته شوڪت زرداري آمريڪا ۾ پنهنجي شهريت واري ڏنل درخواست جي ڪيس سبب لاڳيتو ٻن مهينن کان آمريڪا ۾ ترسيل هيو جنهن جو نوٽيس وٺندي علي حسن زرداري پنهنجي مينيجرن معرفت کيس نياپو ڪرايو ته ڪنهن به سنڌي اداري ۾ مينيجنگ ڊائريڪٽر ته ڇا ڪو سب ايڊيٽر به ٻه مهينا لاڳيتو موڪل ناهي ڪندو.تنهنڪري اگر ترت واپس اچي ته ٺيڪ نه ته گهوري جان جتن تان.

لاهوتي کي مليل حوال موجب اهڙو نياپو پهچڻ بعد شوڪت کين يقين ڏياريو ته هو ٽن مهينن بعد ضرور واپس اچي نوڪري جوائن ڪندو ڇو ته آمريڪا ۾ شهريت واري پراسيس سبب کيس اهو وقت گهربل آهي پر ڌرتي ٽي وي جي مالڪن سندس اهڙي درخواست رد ڪندي کيس ڀلي آمريڪا ۾ رهڻ جو مشورو ڏنو ۽ هاڻي نئين ڌرتي ٽي وي نئين ايم ڊي جي تلاش ۾ آهن پر کين ڪو پنهنجي طبيعت مزاج وارو صحافي نه ملي رهيو آهي.

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter