سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

مانجهي فقير جي مئخاني تي حملي جي سازش پوليس کي اطلاع


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

11/22/2019

لاهوت ڊيسڪ

سنڌي جي مقبول صوفي راڳي ۽ شاعر مانجهي فقير جي اباڻي ڳوٺ واري مئخاني تي حملو ڪري مانجهي فقير جي والد جي درگاهه ڊاهڻ جي سازش سٽي وئي آهي.اهڙو اطلاع صوفي راڳي مانجهي فقير سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي وڊيو پيغام ۾ ڏنو آهي .مانجهي فقير جو چوڻ آهي ته سندس ڳوٺ جا ڪجهه سازشي ماڻهون گذريل ٽيهن چاليهن سالن کان ساڻس بغض رکيون پيا اچن تنهنڪري مختلف مذهبي معاملا اٿاري مٿس حملو ڪرڻ ۽ سندس مئخاني تي سندس والد فقير درمحمد جي اڏيل درگاهه کي ڊاهڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي.مانجهي فقير اها ڳالهه ان واقعي کان هڪ ڏينهن بعد ڪئي آهي جنهن ۾ ڪجهه ماڻهون سندس والد جي درگاهه جي نالي  وارو بوداڻي روڊ تي لڳل سائن بورڊ پٽي ان کي جمڙائو ۾ اڇليو ويو هو.ان وڊيو ۾ نظر ايندڙ ماڻهون مانجهي فقير جي نالي وارو بورڊ پٽڻ وقت الله اڪبر جا نعرا هڻي رهيا آهن ۽ انهن مان ڪجهه ماڻهون اهو پڻ چئي رهيا آهن ته اهو بورڊ اڇلڻ سان ڪٿي جمڙائو جو پاڻي ناپاڪ نه ٿي وڃي.ان واقعي کان اڳ مانجهي فقير پنهنجي ڀاءُ اڪبر ۽ ڪجهه همدرد دوستن سان گڏجي ڊي آئي جي شهيد بينظير آباد مظهر نواز شيخ سان ملاقات ڪئي هئي.ڊي آئي جي مظهر نواز مانجهي فقير ۽ سندس وفد کي يقين ڏياريو آهي ته ڪنهنکي به امن امان بگاڙڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.هن ايس ايس پي شهيد بينظير آباد کي هدايت ڪئي آهي ته مانجهي فقير جو خيال رکيو وڃي ته جيئن ڪو به شرپسند کيس يا سندس درگاهه کي نقصان نه پهچائي.

واضع رهي ته ڪجه ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي مانجهي فقير جي نوجوان ڀائيٽي بابت افواهه پکيڙيا ويا ته هن مذهبي نفرت ڦهلائي آهي.جنهن خلاف انهن پوليس کي اطلاع ڏنو ۽ پوليس ڪيس ايف آئي اي حوالي ڪري ڇڏيو آهي پر ان جي باوجود مذهبي فرقي جي نالي تي ماڻهون گڏ ڪري مانجهي فقير کي هيسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.مانجهي فقير جو چوڻ آهي ته اسان هميشه امن جو درس ڏنو آهي، اسان ڪنهن به قسم جي نفرت ۾ يقين نٿا رکون.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter