سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

ڊان جي ايڊيٽر ظفر عباس کي پريس فريڊم ايوارڊ


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

11/21/2019

لاهوتي

انگريزي اخبار ڊان جي ايڊيٽر ظفر عباس کي صحافين جي تحفظ بابت جوڙيل عالمي ڪميٽي پاران نيويارڪ ۾ پريس فريڊم ايوارڊ ڏنو ويو آهي.نيويارڪ ۾ گون ايفل پريس فريڊم ايوارڊ 2019 ظفر کي سندس صحافتي جرئت سبب ڏنو ويو.اهو ايوارڊ آمريڪي صحافي ليسر هولٽ هٿان کيس ڏنو ويو جنهن چيو ته هن ايوارڊ جو حقدار ظفر کانسواء ٻيو ڪو نٿو ٿي سگهي.

ڪميٽي ٽو پروٽيڪٽ جرنلسٽس پاران ايوارڊ ڏيڻ مهل چيو ويو ته پاڪستان جهڙي بند معاشري ۾ هي روزانو پنهنجي اخبار ڊان معرفت پڙهندڙن کي سچ ٻڌائڻ جي جرئت ڪندو آهي.پاڪستان ۾ جڏهن اظهار راء جي آزادي تي پابنديون هيون ته ظفر همٿ جو مظاهرو ڪيو.واضع رهي ته ظفر عباس کي 2010 ۾ ڊان جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو ان کان اڳ هو بي بي سي اردوسروس اسلام آباد ۾ ڪم ڪندو هو.ظفر عباس اصل ته لطف آباد حيدرآباد جو رهاڪو آهي پر هو ڀائرن سميت آڳاٽي وقت ۾ حيدرآباد ڇڏي ويو.سندس ڀائرن ۾ مظهر عباس صحافي آهي، اطهر عباس فوج ۾ جنرل ۽ آئي ايس پي آر جو اڳوڻو ڊي جي رهي چڪو آهي.جڏهن ته سندس ننڍو  جيو جو سي اي او آهي.

ظفر عباس پنهنجي صحافتي ڪيرئير جي شروعات انگريزي اخبار اسٽار ۾ جونيئر رپورٽر سان شروع ڪئي بعد ۾ هن ڊان، بي بي سي اردو ۽ ٻين ادارن ۾ ڪم ڪيو.

ظفر عباس مٿان ايم ڪيو ايم جي هٿياربند ڪارڪنن 1991 ۾ حملو ڪيو هو جڏهن ته ڊان اخبار جي دفتر اندر مٿس چاقن سان پڻ حملو ڪيو ويو هو جنهنجي ذميواري ايم ڪيو ايم قبول ڪئي هئي.

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter