سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

نواز شريف جو صلاحڪار صحافي عرفان صديقي ڪيس مان بري


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

11/21/2019

 

لاهوتي

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ويجهي ساٿي ۽ سينيئر صحافي عرفان صديقي مٿان مسواڙ جي معاملي وارو ڪيس ختم ڪيو ويو آهي.اسلام آباد هائي ڪورٽ جي جج عامر فاروق جمعي ڏينهن راولپنڊي جي شاليمار علائقي واري اسٽنٽ ڪمشنر جي لکت ۾ پيش ڪيل رپورٽ جو جائزو وٺڻ بعد عرفان صديقي کي ڪيس مان بري ڪرڻ جي رولنگ ڏني.

اسٽنٽ ڪمشنر لکت ۾ پيش ڪيل پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو هو ته مذڪوره جڳهه عرفان جي پٽ عمران خاور صديقي جي نالي  ٿيل آهي جنهنجو مسواڙي جاويد اقبال سان معاملو هلندڙ هو.جنهنجو عرفان سان ڪو تعلق نه هيو.اسٽنٽ ڪمشنر پنهنجي رپورٽ جي آخر ۾ لکيو آهي ته ان ڪيس جي وڌيڪ پوئيواري ڪرڻ فضول آهي.

عرفان صديقي کي جولائي مهيني ۾ مسواڙ واري ٽيننسي ايڪٽ تحت سندس گهر تي ڇاپو هڻي گرفتار ڪيو ويو هو ته هن جڳهه مسواڙ تي ڏيڻ کان پهريان حد جي پوليس کي ڇو اطلاع نه ڏنو هيو.

عرفان صديقي کي مئجسٽريٽ اڳيان پيش ڪري چوڏهن ڏينهن جي جوڊيشل ريمانڊ تي اڊيالا جيل موڪليو ويو هو پر ٻئي ڏينهن ئي ساڳئي مئجسٽريٽ سندس ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪيو هو.

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter