سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

بيماري کان وڌيڪ بيوفائي جو ماريل مخدوم


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

11/21/2019

ذوالفقار قادري
 21 نومبر سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم امين فهيم جي لاڏاڻي جو ڏينهن آھي چوڻي آھي “ حيلي روزي ٖ بھاني موت “ ماڻھو چون ٿا مخدوم صاحب ڪينسر سبب گذاري ويو پر مان چوان ٿو ماڻھو بيماري جا گهاو سهي ٿو وڃي پر پنهنجن جون بيوفائیون ماڻھو کي ماري ٿيون ڇڏين مخدوم صاحب جن سان وفائون ڪيون انهن ماڻھن جي جفائن مخدوم کي ماري وڌو - سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم امين فهيم سان منهنجو تعلق اپريل 1986ع کان جڙيو جڏھن بينظير ڀٽو صاحبہ جنرل ضياء جي دور ۾ طويل جلاوطني ختم ڪري وطن واپس وري هئي پو۽ اهو تعلق شفقت ٖ محبت ۾ جڙي ويو ٖ مون مخدوم صاحب کي جڏھن پنهنجي شادي ۾ شرڪت جي دعوت عرض رکي تہ ڏاڍي پيار ۽ پاٻوهہ مان چيائين ضرور ايندس پر منهنجي شادي واري ڏينهن کيس بينظير ڀٽو صاحبہ اوچتو دبئي طلب ڪري ورتو سو مخدوم صاحب مون کي فون ڪري چيو ذوالفقار ! محترمہ دبئي طلب ڪيو آهي سو اچي نہ سگهندس پر مون جميل سائين کي چيو آھي اهو منهنجي طرفان حاضري ڀريندو ٖ مون کيس چيو سائين مون لا۽ اهو ئي ڪافي آهي تہ اوهان کي ياد آھيون شادي جي ڪجهہ ڏينهن بعد مخدوم جميل الزمان ٖ سسئي پليجو ۽ فرحين مغل گڏجي منهنجي گهر آيا اهو بہ وري عجيب اتفاق آھي تہ منهنجي گهر واري ۽ سسئي پليجو صاحبہ ننڍي هوندي پاڻ ۾ ساهڙيون بہ رهيون آھن ۽ اسڪول ۾ ڪجهہ درجا گڏ بہ پڙھيون آھن سو هڪ پنڌ ۾ ٻہ ڪاڄ ٿي ويا- مخدوم صاحب انتهائي نفيس طبيعت پر ڪمٽيڊ مزاج جو انسان رهيو کيس اهي شيون ورثي ۾ سندس والد مخدوم طالب المولئ سائين کان مليون ٖ ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاهي وارن ڏينهن ۾ جتي حاڪم زرداري سميت چڱا ڀلا ڀٽي سان بيوفائي ڪري کيس ڇڏي ويا اتي مخدوم طالب المولئ نہ صرف نڀايو پر ڀٽي صاحب سان بيٺو بہ رهيو ٖ ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاهي کان پو۽ جنرل ضياء سنڌ جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ کي ڏسندي پير صاحب پاڳاري سان ڪراچي ۾ ملڻ بعد سائين جي ايم سيد جي عيادت واسطي ديوان مشتاق وارڊ حيدرآباد پهتو ، ان بعد جنرل ضياء جي خواهش ھئي تہ هو هالا وڃي مخدوم طالب المولئ سان بہ ملاقات ڪري هن اهڙو نياپو مير علي احمد ٽالپر ذريعي موڪليو پر مخدوم طالب المولئ ساڻس ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ساڳي هنڌ وري فريال ٽالپر صاحبہ جي ور مير منور ٽالپر جنرل ضيا جي مجلس شورئ جي ميمبري قبول ڪئي هئي ٖ مخدوم امين فهيم کي صدر اسحاق خان کان ويندي جنرل مشرف تائين مختلف وقتن ۾ وزارت عظمئ جي آڇ ٿيندي رهي پر هن بينظير ۽ پ پ پ سان بيوفائي نہ ڪئي ٖ بينظير ڀٽو صاحبہ مٿس حد کان وڌيڪ اعتبار ڪندي هئي ٖ پر بينظير صاحبہ جي شھادت بعد پارٽي قيادت جا رويا ساڻس ساراه جوڳا نہ رهيا ٖ مون کي ذاتي طور خبر آھي تہ بينظير صاحبہ جي شھادت بعد 2008ع جي چونڊن ۾ جڏھن پ پ پ اڪثريتي جماعت طور اڀري آئي تہ حڪومت سازي جي حوالي سان پارٽي چيئرمين آصف علي زرداري اسلام آباد ۾ زرداري هاوس تي اجلاس طلب ڪيا پارٽي پاران اڪثريتي طور اها را۽ آئي تہ وزيراعظم مخدوم امين فهيم کي ۽ سنڌ جو وڏو وزير نثار کهڙو مقرر ڪجي پر زرداري صاحب پارٽي جي فيصلي جي ابتڙ يوسف رضا گيلاني کي وزيراعظم ۽ سيد قائم علي شاه کي سنڌ جو وڏو وزير مقرر ڪيو جن ماڻھن جي ڪا حيثيت نہ هئي اهي حڪومتي وهنوار ۾ اڇي ڪاري جا مالڪ بڻجي ويا پر مخدوم صاحب ۽ سندس خاندان کي هر حوالي سان نظر انداز ڪيو ويو ٖ انهن ڏينهن ۾ مون ڪاوش ۾ آرٽيڪل لکيو هو تہ “ ھاڻ پيپلز پارٽي کي بينظير جا ساٿي نہ بلڪہ ڪمدار گهرجن “ مون کي اها خبر نہ هئي تہ اهو آرٽيڪل مخدوم صاحب جي نظر مان گذريو آھي “ ڪجهہ عرصي بعد مخدوم صاحب سان ملاقات ٿي تہ مخدوم صاحب چيو “ ذوالفقار سٺو ٿو لکين “ مون کيس ورندي ڏني تہ قبلا مان نہ ڪو اديب آھيان نہ ئي صحافي بس جڏو سڏو جيڪو حال اٿم حاضر آ ٖ بهرحال پارٽي جي اڪثريتي فيصلي باوجود اوهان کي وزيراعظم مقرر نہ ڪرڻ جو ڏک ٿيو ٖ مخدوم صاحب هڪ لمحي لا۽ خاموش ٿي ويا ۽ پو۽ چيائون منهنجي لا۽ وزارت عظمئ جو عهدو ڪا حيثيت نہ ٿو رکي ڪئين دفعا ان عهدي کي ٺڪرائي ڇڏيو ٖ پر اصل ڳالهہ آھي عزت ۽ مڃتا جي اها بہ نہ ملي تہ پو۽ انسان کي تڪليف ٿئي ٿي قبلا بابا سائين طالب المولئ جي وقت کان پارٽي سان نڀايو آھي هاڻ آخر ۾ اچي معمولي ڳالهہ تان پاڻ تي ميار نہ کڻبي “ مخدوم صاحب جي ايڏي دل گردي واري ڳالهہ ٻڌي منهنجي دل ڀرجي آئي مون کي بينظير صاحبہ سان 18 آڪٽوبر تي وطن واپسي بعد بلاول هاوس ۾ ٿيل ملاقات ياد اچي وئي بينظير ڀٽو صاحبہ پارٽي ٽڪيٽن ۽ اجلاسن سبب ڏاڍي مصروف هئي مون ناهيد خان کي چيو بس صرف بيبي کي سلام ڪرڻو آ سو ناهيد خان بينظير صاحبہ کي آگاه ذوالفقار صرف سلام واسطي ملڻ ٿو چاهي بيبي اندر گهرائي ورتو بينظير صاحبہ ڀرسان مخدوم امين فهيم بہ ويٺو هو مون سلام ڪيو بيبي حال احوال پڇيو مون کيس چيو اوهان مصروف آھيو بس اوهان سان هجتون هونديون آھن هڪ سوال پريشان ڪندو آهي تہ مشرف اوهان کي روڪڻ لا۽ ٽيون دفعو وزيراعظم نہ ٿيڻ واري آئيني شق جو سهارو ورتو تہ پو۽ ڇا ٿيندو؟ محترمہ منهنجي ان سوال تي وڏي اعتماد سان جواب ڏنو تہ اسان مشرف کي ڀڄڻ ڪونہ ڏيندا سين ڪو مسئلو ڪونهي اسان جو وزيراعظم جو اميدوار مخدوم صاحب جن هوندا ايتري ۾ ناهيد خان اچي کيس ٻڌايو تہ مير بالاڇ مري جي شھادت جي خبر آئي آھي تنهن تي بينظير صاحبہ ناهيد خان کان پڇيو تہ نواب خير بخش مري صاحب ڪٿي آھن ناهيد خان کيس ٻڌايو نواب صاحب ڪراچي ۾ پنهنجي رهائشگاه تي آھن ٖ بينظير صاحبہ فورن مخدوم صاحب کي چيو مخدوم صاحب هلو تہ نواب صاحب ڏي هلون ائين چئي بينظير صاحبہ ۽ مخدوم صاحب روانا ٿي ويا ۽ مون بہ اجازت ورتي ٖ اڄ ھن دنيا ۾ نہ بينظير صاحبہ رهي آھي نہ ئي مخدوم امين فهيم سائين رهيا آهن پر سچ تہ اهو آھي تہ بينظير ڀٽو واري اها پيپلز پارٽي بہ نہ رهي آھي - ماڻھو چون ٿا مخدوم صاحب کي ڪينسر ماريو پر مان چوان ٿو مخدوم صاحب کي ڪينسر نہ پر جن سان مخدوم صاحب وفا ڪئي انهن جي جفا مخدوم صاحب کي ماري ڇڏيو ٖ مخدوم صاحب جي حوالي سان رئيس آصف علي زرداري جو رويو بہ سمجهہ کان ٻاهر رهيو زرداري صاحب ان عرصي ۾ سنڌ جي ڪافي وڏيرن جي دعوت تي سندن ڳوٺ ويو آھي پر مخدوم امين فهيم جي وفات تي جيتوڻيڪ پنهنجي پٽ بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڀيڻ مئڊم فريال ٽالپر کي تعزيت لا۽ موڪليائين پر پاڻ ڪڏھن به مخدوم امين فهيم جي تعزيت تي نہ ويو

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter