سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

سپريم ڪورٽ جو نئون چيف جسٽس گلزار ڪير آهي ؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

11/23/2019

 

لاهوت ڊيسڪ

قانون واري وزارت پاران جسٽس گلزار احمد جي نئين چيف جسٽس جي مقرري لئه سمري جمعي ڏينهن وزيراعظم هائوس راوني ڪئي وئي آهي.جنهن بعد سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي نئين چيف جسٽس طور سندس مقرري جو اعلان ڪيو ويندو.

سپريم ڪورٽ جو هاڻوڪو چيف جسٽس آصف سعيد کوسا 20 ڊسمبر 2019 تي ريٽائر ٿيندو جنهن بعد سپريم ڪورٽ جو سينئير موسٽ جج جسٽس گلزار احمد 21 ڊسمبر تي پنهنجي نئين عهدي جي چارج وٺندو.

سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ موجب جسٽس گلزار احمد ڪراچي جي هڪ سينئر وڪيل نور محمد جي گهر ۾ 2 فيبروري 1957 تي جنم ورتو.هن پنهنجي ابتدائي تعليم گلستان اسڪول ڪراچي مان حاصل ڪئي.هن بي اي گورنمينٽ نيشنل ڪاليج ڪراچي مان ڪئي جڏهن ته ايل ايل بي ايس ايم لا ڪاليج ڪراچي مان ڪئي.هن جنوري 1986 ۾ وڪيل طور رجسٽريشن ڪرائي جڏهن ته 1988 ۾ هائي ڪورٽ جي وڪيل طور رجسٽريشن ڪرائي جڏهن ته 2001 ۾ سپريم ڪورٽ جي وڪيل طور رجسٽر ٿيو.

هن وڪالت دوران سول ڪارپوريٽ سيڪٽر ۾ تمام گهڻو ڪم ڪيو جنهنڪري هو ڪيترين ئي مايه ناز ڪمپنين جي بورڊ آف گورنر جو ميمبر پڻ رهيو.وڪالت دوران سنڌ هائي ڪورٽ بار ڪراچي جو 1999 کان 2000  واري ڪابينا ۾ سيڪريٽري پڻ رهيو.آگسٽ 2002 ۾ کيس سنڌ هائي ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو ويو.نومبر 2011 ۾ کيس سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو ويو.هن دنيا جي مختلف ملڪن ڪئناڊا، آمريڪا، روس، ڪوريا، تاجڪستان، چين ۽ ٻين ملڪن ۾ عدليا متعقل ٿيل ڪانفرنسن،سيمينارن ۽ اسٽڊي ٽوئرز ۾ شرڪت ڪئي.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter