12/02/2019
لاهوت ڊيسڪ
پاڪستان جي اهم ميڊيا گروپ هم ٽي وي پاران شروع ڪيل نيوز چينل سترهن مهينن اندر خساري جي حالت ۾ اچي ويو آهي ۽ هم نيوز جي انتظاميا پاڪستان جي مختلف پنجن شهرن ۾ کوليل پنهنجون بيورو آفيسون بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.جن شهرن ۾ هم نيوز بيورو آفيسون بند ڪري رهي آهي انهن ۾ مظفرآباد، ملتان، فصل آباد، حيدرآباد ۽ ٻيا شهر شامل آهن.هم نيوز جي نئين صدر تجزيه نگار محمد مالڪ پاران آفيسون بند ڪري ڪم ڪندڙ عملي کي هڪ مهيني جو نوٽيس موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
لاهوت ڊيسڪ کي مليل اطلاعن موجب هم نيوز انتظاميا مذڪوره شهرن ۾ ڪم ڪندڙ پنهنجي رپورٽرن کي مشورو ڏنو آهي ته ڪجهه مهينا معاشي تنگي آهي تنهنڪري اگر هو مفت ۾ پنهنجو ڪم جاري رکن ته رکي سگهن ٿا.
واضع رهي ته هم ٽي وي جو تفريه وارو ٽي چينل مقبول ترين چينل آهي جڏهن ته سندن رڌپچاءَ وارو چينل هم مصالحا پڻ ڪافي مقبول آهي پر ان گروپ جو شروع ڪيل 24 ڪلاڪن وارو نيوز چينل جيڪو مئي 2018 ۾شروع ٿيو سو سترهن مهينن اندر معاشي طور ويهجي ويو آهي ۽ سندس مالڪ مومينه دريد پڻ ان معاملي ۾ ڪافي پريشان آهي.