12/03/2019
لاهوت ڊيسڪ
لڳ ڀڳ چاليهه سالن کان فرانس ۾ جلاوطني گذرايندڙ عالمي ليکڪ ميلان ڪنڊيرا جي اباڻي وطن چيڪ جي شهريت بحال ڪئي وئي آهي.چيڪ ريپبلڪ جي فرانس ۾ سفير پيٽر ڊرلاڪ ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته هن نوي سالن جي ليکڪ سان گذريل خميس تي سندس اپارٽمينٽ ۾ ملاقات ڪري چيڪ شهريت وارو سرٽيفڪيٽ سندس حوالي ڪيو آهي.هن چيو ته ڪنڊيرا سٺي موڊ ۾ هيو ۽ سرٽيفڪيٽ وٺي مهرباني چيائين.
واضع رهي ته ميلان ڪنڊيرا کي 1950 ۾ چيڪو سلواڪين پارٽي مان ڪميونسٽ مخالف سرگرمين جو الزام هڻي ڪڍيو ويو هو.جنهن بعد هو ان دور جي حاڪمن جي اک ۾ ڪنڊو ٿي پيو ۽ نيٺ 1975 ۾ فرانس فرار ٿي ويو جنهن بعد سندس چيڪ شهريت ختم ڪئي وئي هئي ۽ ٻن سالن بعد هو فرانس جو شهري بڻجي چڪو هو.
چيڪ ريپبلڪ ۾ ڪنڊيرا ۽ سندس زال ويرا جي چيڪ شهريت بحال ڪرڻ واريون خبرون سالن سالن کان گردش ۾ آهن.نومبر 2018 ۾ چيڪ وزيراعظم ايندرج بابيز ٻنهي زال مڙس سان پئرس ۾ سندن پسنديده ريسٽورنٽ تي ملاقات ڪئي هئي ۽ ساڻن وعدو ڪيو هو.ميلان ڪنڊيرا جلاوطني بعد 1996 ۾ پهريون ڀيرو چيڪ ريپبلڪ جو سفر ڪيو هو.
ميلان ڪنڊيرا هاڻي ته گوشه نشيني جي زندگي گذاري رهيو آهي ۽ ميڊيا سان ڳالهائڻ کان لنوائي ٿو پر هن 1984 ۾ نيويارڪ ٽائيمز کي هڪ انٽروي ڏيندي چيو هو ته گهر يا اباڻي وطن جو تصور هاڻي مبهم آهي.