12/03/2019
لاهوتي
ڪراچي جي 85 ساله جهوني محمدي درٻار پاران عراق ۾ پنجاهه هزار ٻوٽا لڳرائڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ ڪم ناهي.هن کي اهيو خيال تڏهن آيو جڏهن گذريل سال سندس ننهن ۽ پوٽي جي چهلم امام حسين دوران پنڌ ڪندي حالت خراب ٿي وئي هئي.انهن ٻين زائرين جيان نجف ۽ ڪربلا کي ملائيندڙ رستي تان پنڌ ڪيو هو.
جهوني محمدي ميڊيا کي ٻڌايو ته سندس فيملي پاران آندل فوٽو ڏسي هن چيو هتي ته ڪي وڻ هجڻ گهرجن ۽ پوء هو ان ڪم کي لڳي ويو.پاڪستان مان کيس ڪامورڪين ڏکاين سان ۽ عراق مان آساني سان اجازت ملي وئي.
سال اڳم جهونو عراق ويو اتان جي اختيارين سان ڳالهايائين ۽ انهن کي پنهنجي وڻڪاري واري منصوبي بابت آگاه ڪيائين.عراقي اختيارين سندس اعلان جي آجيان ڪئي.هو پاڻ سان گڏ ڪجه ٻوٽن جون چيڪون کڻي ويو هو ته جيئن معلوم ڪري سگهي ته عراق ۾ ڪهڙا ٻوٽا اتان جي آبهوا موجب وڌي وڻ ٿيندا.عراقي ماهرن ۽ پاڪستاني ماهرن جي راين بعد هن نم جا ٻوٽا پوکڻ شروع ڪيا.جيڪي پاڪستان ۾ ٽن سالن ۽ عراق ۾ ڇهن مهينن ۾ وڌي وڻ ٿين ٿا.
هن چيو ته سندس ارادو 50 هزار ٻوٽا لڳائڻ جو آهي پر پهرئين مرحلي ۾ صرف 9800 ٻوٽا عراق کڻي ويو آهي.هن چيو ته سندس ارادو آهي ته يارنهن مختلف قسمن جا ٻوٽا عراق ۾ زيارتن جي آسپاس لڳرائي جن ۾ گل موهر به شامل آهي جيڪي حضرت امام حسين ۽ سندس ڀاءُ حضرت عباس جي مزارن جي چوطرف لڳرائيندو