سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

بلاول جي گرفتاري جي صورت ۾ سنگين ٽڪراءُ ٿيندو


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/24/2019

اسلام آباد ( مانيٽرنگ ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي چئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي گرفتاري جي صورت ۾ راولپنڊي ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو يج ورسي جي موقعي تي شديد ٽڪراءُ واري صورتحال پيدا ٿيندي جتي پيپلزپارٽي جا جيالا سخت مزاحمت ڪندا.اهڙي رپورٽ حساس ادارن پاران مرتب ڪئي وئي آهي.

ذريعن موجب جلسي ۾ اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڪيل آخري تقرير پڻ هلائي ويندي.پيپلزپارٽي جي اعلي قيادت محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي ڀرپور طريقي سان ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ صرف راولپنڊي ڊويزن مان هڪ لک ماڻهون جلسي ۾ آڻڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي.جنهنکي پورو ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

واضع رهي ته پيلزپارٽي پاران محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جي 12 سالن بعد پهريون ڀيرو سندس شاهدت واري جڳهه تي جلسو ڪيو پيو وڃي.جنهنکي بلاول ڀٽو زرداري خصوصي خطاب  ڪندو.

راولپنڊي شهر م ورسي جي حوالي سان وڏا وڏا سائن بورڊ لڳايا ويا آهن ۽ شهر جي سمورن روڊن کي پارٽي جهنڊن سان سينگاريو ويو آهي.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter