سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

شاهد آفريدي چيني مسلمانن بابت ڪيل ٽوئيٽ ڇو ڊاهي ڇڏيو


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/24/2019

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان کي اپيل ڪئي ته هو چين جي اويغور مسلمانن لاء آواز اٿاري جن خلاف مبينا طور انساني حقن جي خلاف ورزين جون خبرون اچي رهيون آهن.

شاهد آفريدي 22 ڊسمبر تي اهو ٽوئيٽ ڪيو ته ڪجهه ئي دير ۾ چيني وزارت خارجه جي پاڪستان ۾ مقرر هڪ اهلڪار کيس جواب ۾ چيو ته لڳي ٿو توهان چين خلاف مغربي پروپيگنڊا جو مڪمل شڪار ٿي ويا آهيو اگر توهان پاڻ سنڪياگ صوبي جو دورو ڪري پنهنجي اکين سان حالتون ڏسڻ چاهيو ته توهانکي دورو ڪرائجي.

چيني عملدار جي اهڙي ٽوئيٽ بعد شاهد آفريدي چيني مسلمانن جي حالتن بابت ڪيل پنهنجا ٽوئيٽ ڊليٽ ڪري ڊاهي ڇڏيا.شاهد آفريدي ان کان اڳ ڪشمير ۽ برما جي مسلمانن خلاف ٿيل زيادتين تي ٽوئيٽ ڪري چڪو آهي.شاهد آفريدي هن وقت بنگلاديش پريميئر ليگ ۾ ڍاڪا پلاٽون جي نمائندگي ڪري رهيو آهي.شاهد آفريدي 2017 ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کي الوداع چئي چڪو آهي.

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter