سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

افيئر رسالي بابت پوسٽون هٽايو، علي رند جو مرحوم پبلشر جي فيملي سان رابطو


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/23/2019

 

لاهوتي ڊيسڪ

افيئر رسالي جي مالڪي تان شروع ٿيل تڪرار بعد سوشل ميڊيا تي هلايل پوسٽون هٽائڻ لئه رسالي جي مرحوم پبلشر بخت جمال جي فيملي سان افيئر رسالي جي اعزازي ايڊيٽر علي احمد رند پاران  رابطو ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب علي احمد رند پنهنجي وڪيل دوست مير مڱريو ۽ فتاح جوکئي سان گڏجي گذريل رات مرحوم پبلشر بخت جمال سومري جي فيملي ڏانهن ويو.هن بخت جمال جي نياڻي سورٺ جمال کي سوشل ميڊيا تان پوسٽون هٽائڻ لئه چيو.جنهن کين پهريان حق ڏيڻ جو جواب ڏنو.

ذريعن موجب افيئر رسالي جي مرحوم پبلشر بخت جمال جي بيواهه کين حق حساب ڏيڻ جو چيو ته علي رند کيس ٻڌايو ته افيئر رسالو ڪمائيندو ناهي بس منهنجو شوق آهي تنهنڪري ڪڍان پيو.جنهن تي بيواهه کين چيو ته اگر نٿو ڪمائي ته منهنجي پٽ جي حوالي ڪريو جنهن تان هو خاموش ٿي ويا.ذريعن موجب علي رند کي بخت جمال جي فيملي آڇ ڪئي ته افيئر رسالي جي پبلشر جو نالو تبديل ڪرڻ مهل کين اعتماد ۾ ورتو وڃي ها پر هن ائين نه ڪيو.مرحوم پبلشر بخت جمال جي فيملي کي علي رند واري ڌر آڇ ڪئي آهي ته چار جنوري تي فيصلو ڪيون ٿا تيستائين توهان سوشل ميڊيا تان پوسٽون هٽرايو.

واضع رهي ته پندرنهن وار افيئر رسالي جي پبلشر مرحوم بخت جمال جي قتل ٿيڻ بعد سندس خاندان کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا سندس نالو ڪٽي علي رند  پنهنجي رشتيدار طارق رند جو نالو پبلشر طور ڏئي ڇڏيو آهي جنهن تان بخت جمال جي نياڻين سورٺ بخت جمال  ۽ روپا  بخت سوشل ميڊيا تي اپيل جاري ڪئي هئي ته سندن رسالي تي قبضو ڪيو ويو آهي ۽ سنڌ واسي کين حق واپس ڏيارين.جنهن بعد افيئر رسالي جو اعزازي ايڊيٽر علي رند ڪراچي مان سيڙجي کين پرچائن جوهي پهتو هو.

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter