سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

ڇا حريم شاه پاڪستان ڇڏي ڪئناڊا هلي وئي..؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/31/2019

 

لاهور ( لاهوت مانيٽرنگ ڊيسڪ) ٽڪ ٽوڪ اسٽار حريم شاه چيو آهي ته هن پاڪستان ڇڏي ڏنو آهي هينئر هو باڪو ۾ ترسيل آهي ۽ جلدئي ڪئناڊا رواني ٿي ويندي جتي هو ڪئناڊا جي شهريت لئه درخواست ڏيندي.

حريم شاه وفاقي وزير شيخ رشيد جي ان وڊيو ڪال ليڪ ٿيڻ بعد وڌيڪ تڪراري بڻجي وئي جنهن ۾ هن شيخ رشيد کان وڊيو ڪال ڪري پڇيو هو ته هو سندس عزت ڪندي آهي هو ڇو ساڻس ناراض آهي.جنهن تي هن کيس چيو هو ڪا ڳالهه ناهي الله مالڪ آهي پر جڏهن حريم شاه کيس چيو ته مون ته توهان جي ڪا ڳالهه ليڪ ناهي ڪئي جڏهن اگهاڙو ٿي ڪال ڪندو هئين ته ان دوران هو ڪال ڪٽي ڇڏي ٿو،

حريم شاه اردو پوائنٽ جي رپورٽر سان ڳالهائيندي چيو آهي ته هن وزيراعظم عمران خان کي ڪا به ڌمڪي نه ڏني آهي پر هن هميشه لئه پاڪستان ڇڏيو ڏنو آهي ۽ هاڻي پاڪستان واپس نه ايندي، هن چيو ته في الحال هو باڪو ۾ آهي ۽ ايندڙ وقت هو ڪئناڊا وڃي اتي جي شهريت لئه اپلائي ڪندي.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter