سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

بنگلاديش مائرن جي ٿڃ گڏ ڪرڻ واري بئنڪ مذهبي اعتراضن بعد بند


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/31/2019

ڍاڪا ( لاهوت مانيٽرنگ ڊيسڪ) بنگلاديش ۾ مائرن جي ٿڃ گڏ ڪري يتيم ۽ ضرورتمند ٻارڙن کي مفت فراهم ڪرڻ وارو منصوبو مذهبي اڳواڻن جي اعترضن بعد ملتوي ڪيو ويو آهي.ان منصوبي تحت مائرن پاران خيرات ۾ ڏنل ٿڃ وارو کير تازن ڄاول يتيم ۽ ضرورتمند ٻارڙن کي فراهم ڪيو وڃي ها.

ان منصوبي تحت پنج سئو يتيم ۽ نوڪريون ڪندڙ عورتن جي ٻارڙن کي اها ٿڇ فراهم ڪئي وڃي ها پر مذهبي اڳوانن جي سخت اعتراضن ۽ احتجاج بعد اهو منصوبو اڻڄاڻايل وقت تائين ملتوي ڪيو ويو آهي.

بنگلاديش جي مذهبي اڳواڻن مطابق ان منصوبي سان شرعي مسئلا پيدا ٿيڻ جو خدشو هو ڇو ته اگر ٻن ٻارڙن جي ساڳي ماءُ واري ٿڃ پيتل آهي ۽ انهن کي خبر به ناهي پر اڳتي هلي اهي پاڻ ۾ شادي ڪندا ته اهو غيرشرعي مسئلو ٿي پوندو.اسلامي آندولن بنگلاديش پارٽي جي ترجمان غازي عطاالرحمان مطابق اهڙي منصوبي سان شادين ۽ نسب جو سلسو مڪمل طور غيرقانوني ٿي سگهي ٿو.

بنگلاديش جي پهرين ملڪ بئنڪ واري منصوبي جي ڪو آرڊينيٽر مجيب الرحمان مطابق شديد تنقيد بعد اهو منصوبو اڻ ڄاڻايل وقت تائين ملتوي ڪيو ويو آهي.هن چيو ته اگر ايندڙ وقت ۾ ڪڏهن ان منصوبي تي عمل شروع ڪيو ويو ته اسپتالن ۾ سخت حفاظتي انتظام ڪيا ويندا ۽ عطئي طور ٿڃ ڏيندڙ عورتن ۽ اها ٿڃ وٺندڙ ٻارڙن جي رجسٽريشن جو طريقه ڪار شفاف رکيو ويندو.

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter