سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

پاڪستان جي پهرئين نابين سول جج شادي ڪري ڇڏي


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/02/2020

 

لاهور ( لاهوت مانيٽرنگ) پاڪستان جي تاريخ جو پهريون نابين سول جج يوسف سليم شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويو آهي.سندس شادي لاهور ۾ ٿي گذري ان موقعي تي سندس عدليا جي دوستن ۽ رشتيدارن کيس مبارڪباد ڏني.

يوسف سليم کي چٽاڀيٽي واري امتحان ۾ پوزيشن حاصل ڪرڻ جي باوجود جڏهن اکين جي نور کان محرومي سبب نوڪري کان جواب ڏنو ويو ته هن پاڪستان جي وفاقي سول سروس سسٽم کي چئلينج ڪيو.

نابين يوسف سليم جي ڪيس جو سپريم ڪورٽ جي تڏهوڪي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار نوٽيس ورتو ۽ سندس حق ۾ فيصلو ڏنو هيو.جنهن بعد 25 سالن جي نابين جوڊيشل اڪيڊمي ۾ پنجاب جي پهرئين نابين سول جج طور 26 جون 2018 تي قسم کنيو هو.

يوسف سليم شاگردي واري زماني کان ذهين شاگردن ۾ شمار ٿيندو هو ۽ پنجاب يونيورسٽي جو گولڊ ميڊلسٽ هيو.هن اميد ظاهر ڪئي آهي ته هو هڪ ڏينهن پاڪستان جو چيف جسٽس ٿيندو.

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter