سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

سليماني کي سندس قاتل 11700 جي فاصلي تان ميزائيلن ذريعي نشانو بڻايو.


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/03/2020

 

بغداد ( لاهوت مانيٽرنگ) ايراني ڪمانڊر قاسم سليماني جي قتل خلاف ايران ۾ سوڳ ته جاري آهي پر سندس قاتل کيس ڪيئن ۽ ڪٿان نشانو بڻايو اها تمام ٿورن ماڻهن کي خبر پئجي سگهي آهي.

عالمي دفاعي ماهرن موجب سليماني کي نشانو بڻائيندڙ ٻه ميزائيل ايم ڪيو نائن اي ريپر ماڊل يج ڊرون جهازن ۾ نصب ڪيل هئا. اهي ٻئي ميزائيل حملي واري جڳهه کان 1100 ڪلوميٽر پري  العديد واري آمريڪي فويج اڏي تان هنيا ويا هئا.انهن مان هڪ ميزائيل ٽويوٽا ايس اي يو ماڊل جي گاڏي کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ ان ۾ سوار ماڻهن جي لاشن جا ٽڪرا روڊ تي پري پري وڃي ڪريا.

جنرل قاسم سليماني جي اصل قاتل يج باري ۾ آمريڪي فوجي اهلڪارن جي تمام ٿورن ماڻهن کي خبر پئجي سگهي آهي.عالمي دفاعي ماهرن جي تصوراتي منظر موجب  اهو قاتل آمريڪا جي انتهائي ڏکڻ اولهه واري علائقي ۾ واقع فوجي اڏي تي پنهنجي ڪرسي تي اطمينان سنا ويٺو هوندو.رياست نيواڊارا ۾ موجود اهو ڪريڇ ائرفورس بيس  يا فويج اڏو عراق جي گادي واري شهر بغداد کان 11700 ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي.ان ڊرون حملي وقت آمريڪا ۾ خميس  جي منجهند جا اڍائي ٿي رهيا هئا.

دفاعي ماهرن موجب جنهن آمريڪي اهلڪار کي سليماني جي قتل جي ذميواري ڏني وئي هئي ان ٽي وي اسڪرين جي مدد سان پنهنجو مشن مڪمل ڪيو .مذڪوره قاتل اهو بٽڻ دٻايو جنهن جنهن ڊرون جهاز کي اڏڻ جو حڪم جاري ڪيو.ٻنهي گاڏين مان هر هڪ کي ليزر يا ريڊار گائيڊيڊ ميزائلن يعني  اي جي امي 114 هيليفائر ذريعي نشانو بڻايو ويو.

ان ميزائيل جي ڊيگهه هڪ ميٽر 60 سينٽي ميٽر آهي پر ان جي حدف  8 هزار ميٽر آهي.ان ميزائيل جي آمريڪي ڊالرن ۾ قيمت هڪ لک سترنهن هزار آمريڪي ڊالر آهي.اهو ميزائيل ڪنهن به لانچر يا پليٽ فارم تان لانچ ڪري سگهجي ٿو.پر ڊرون جهازن ذريعي هڻن مهل اهي ميزائيل 1600 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان سفر ڪندو آهي.اهڙي طرح اهو ميزائيل پنهنجي نشاني تي 8 ڪلو ڌماڪيدار مواد اڇلي سگهي ٿو.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter