سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

انڊيا جي آسام واري صوبي ۾ 3 هزار ماڻهن لئه حراستي مرڪز تيار


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/03/2020

 

آسام ( لاهوت ڊيسڪ) انڊيا جي شهريت واري نئين پاليسي جي اعلان بعد ٻين صوبن جيان آسام صوبي ۾ پڻ حراستي مرڪز تيارين جي آخري مرحلي ۾ آهي جتي لڳ ڀڳ 3 هزار اهڙن ماڻهن کي رکيو ويندو جيڪي شهريت لئه رجسٽريشن جا شرط  يعني نيشنل رجسٽريشن فار سٽيزن شپ پورا نه ڪري سگهيا آهن.

آسام جي گول پوره واري علائقي ۾ ٽي لک اسڪوائر فوٽ يعني اڍائي هيڪٽرز تي ڦهليل اهو حراستي مرڪز آسام جي گادي واري شهر دسپور کان 78 ميل پري آهي. جتي عورتن ۽ مردن کي حراست ۾ رکڻ لئه اڳل الڳ بئرڪون تيار ڪيون ويون آهن.

آسام جي ان حراستي مرڪز ۾ اسڪول،ڊائننگ ايريا ۽ ٻيا الڳ الڳ شعبا قائم ڪيا ويا آهن.ان حراستي مرڪز ۾ واڙيل عورتن ۽ مردن جي کولين کي الڳ الڳ ڪرڻ لئه 6 فوٽ رنگين ديوار اڀي ڪئي وئي آهي.

آسام حراستي مرڪز جي ٻاهرين چوديواري 20 فوٽ اوچي رکي وئي آهي جنهن مٿان 6 چوڪيون يا واچ ٽاور پڻ تعيمر ڪيا ويا آهن.اهو حراستي مرڪز ايندڙ اپريل تائين مڪمل ڪري حڪومت حوالي ڪيو ويندو.

آسام حراستي مرڪز ۾ بجلي جو ڪم ڪندڙ عتيق الرحمان جو چوڻ آهي ته اڃ مان هتي مزدوري ڪري رهيو آهيان سڀاڻي منهنجي ڀيڻويوي کي هتي رکيو ويندو ڇو ته اهو رجسٽريشن جا شرط پورا نه ڪري سگهيو آهي ۽ اهڙا هزارين مسلمان آسام ۾ موجود آهن.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter