01/06/2020
نامياري ناول نگار فاطمه ڀٽي جو نئون ڪتاب پاڪستاني ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي ويو آهي.نئين ڪتاب جو نالو دنيا جا نوان بادشاه آهي جنهن تي فاطمه ڀٽو ڪافي وقت کان ريسرچ ڪئي هئي،جنهن ۾ هن پنهنجي صحافتي انداز سان لکندي اهو سمجهايو آهي ته ڪيئن نه ساف پاور آمريڪا جي گرفت کان ٻاهر هليو ويو آهي.
نئين ڪتاب ۾ ليکڪه فاطمه ڀٽو انڊيا جي اداڪار شاه رخ کان ويندي ترڪي جي ڊرامن سوپ اوپيرا جي اثرانداز ٿيڻ تائين جون ڪاميابي واريون اسٽوريون لکي ڄاڻايو آهي ته هيئنر هالي ووڊ به انهن جي سهاري پئي هلي.
هي ڪتاب فاطمه جو نان فڪشن ڪتاب آهي جنهن جي آخر ۾ ويندي ويندي هن پاڪستاني ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جو پڻ دفاع ڪيو آهي.