سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

شهيد قاسم سليماني جي نياڻي زينب سليماني جو وچن ڇا آهي.؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/06/2020

تهران ( لاهوت مانٽيرنگ) آمريڪا پاران بغداد ائرپورٽ تي شهيد ڊرون حملي ۾ شهيد ڪيل ايراني ڪمانڊر جنرل قاسم سليماني جي تدفين سندس اباني علائقي ڪرمان ۾ ڪئي وئي.ان کان اڳ سندس جنازي نماز تهران ۾ ادا ڪئي وئي جتي ايران جي روحاني اڳواڻ آيته الله سميت لکين ماڻهن شرڪت ڪئي.جنهن سان خود آمريڪي صدر ڊولنڊ ٽرمپ جو اهو ڪوڙ پڌرو ٿي پيو جنهن ۾ هن چيو هو ته سليماني کان پنهنجي ايران جا ماڻهون به نفرت ڪندا هئا ڇو ته هن انهن خلاف به ڪاروايون ڪيون هيون.

جنرل سليماني جي تاريخي جنازي ۾ ٻين ماڻهن سان گڏ سندس ٻن معصوم پٽن ۽ ٻن نياڻين پڻ شرڪت ڪئي .سليمان جي اولاد مان سندس وڏور نياڻي 28 سالن جي زينب سليماني کي جڏهن خطاب ڪرڻ لئه سڏ ڪيو ويو ته سندس آجيان لئه لبيڪ يا زينب جا لفظ قطب آندا ويا.

زينب سليماني انتهائي شديد غم ۾ هئڻ جي باوجود بردباري جو مظاهرو ڪندي ٽن صفحن تي لکيل تقرير فارسي ۾ پڙهي.سندس خطاب کي عالمي سطح تي انڪري به مانيٽر ڪيو ويو جو سندس پهرين عوامي خطاب ۾ آمريڪين کي ڌمڪي ڏنل هئي.

زينب سليماني پنهنجي خطاب ۾ چيو ته آمريڪا يا ٽرمپ اهو نه سمجهي ته منهنجي بابا قاسم سليماني جي شهيد ٿيڻ سان سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو .هن کين خبردار ڪندي چيو ته ياد رکو ايندڙ اونداهون دور توهانجو مقدر آهي جتي توهان پنهنجي پيارن لاشا کڻندا.

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter