سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

برطانيا ۾ 48 مردن سان ٻه سئو فعا ريپ ڪندڙ انڊونيشيائي شاگرد کي عمرقيد جي سزا.


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/03/2020

مانچسٽر ( لاهوت مانيٽرنگ) برطانيا جي تاريخ ۾ مردن سان ريپ ڪندڙ اهو پهريون ماڻهون آهي جنهنکي عدالت پاران  عمرقيد جي سزا ڏئي سندس نالو ۽ فوٽو ميڊيا ۾ جاري ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.جڏهن ته سندس اباڻي وطن انڊونيشيا جي ماڻهن سوشل ميڊيا تي کيس جنسي مريض قرار ڏئي کيس ڦاسي ڏيڻ جي گهر ڪئي آهي.

مردن کي نشو ڏئي ساڻن ريپ ڪندڙ رينهارڊ سناگا 36 سالن جو اهڙو  انڊونيشيائي شاگرد آهي جيڪو ڏهه سال اڳ انڊونيشيا مان برطانيا پرهڻ آيو ته کيس مانچسٽر جي يونيورسٽي ۾ داخلا ملي ۽ هن اتي ئي رهڻ شروع ڪيو.سندس والد انڊونيشيا جو ڪامياب ڪاروباري ماڻهون آهي تنهن پنهنجي پٽ جي سک خاطر کيس يونيورسٽي ڀرسان ئي هل فليٽ پڻ مسواڙ تي وٺي ڏنو ته جيئن هو سک سان پڙهي سگهي پر سناگا ان فليٽ کي پنهنجي جنسي حوس پوري ڪرڻ جو اڏو بڻائي ڇڏيو.

برطانوي عدالت ۾ پوليس پاران پيش ڪيل ثبوتن موجب هن 2007 کان 2017 تائي وراي عرصي ۾ 48 مردن کي 190 ڀيرا  ريپ ڪيو.سندس فوٽو ۽ نالو ميڊيا ۾ ظاهر ٿيڻ بعد هاڻ ٻيا به متاثرين اڳيان اچي رهيا آهن ۽ پوليس کي اطلاع ڏئي رهيا آهن ته ان ماڻهون ساڻن به ريپ ڪيو هو.

هو گرفتار ته 2017 کان آهي پر برطانوي عدالت کيس گذريل سومر تي سزا ٻڌائي هم جنس پرست ڪميونٽي ۾ هڪ نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي ڇو ته انڊونيشيائي نوجوان مانچسٽر يج گي وليج ڀرسان رهندو هيو.

عدالت اڳيان پيش ٿيل 48 متاثرين عدالت کي ٻڌايو ته هو شڪل مان ڪو خوفناڪ نه لڳندو هو شڪل مان ئي معصوم ايشيائي نوجوان  لڳندو هو جيڪو ڪڏهن فون چارج ڪرڻ جي لالاچ ڏيندو هو ته ڪڏهن وري سردي ۾ ڪجهه وقت سندس فليٽ تي هلي آرام سنا بس جو انتظار ڪرڻ جي آڇ ڪندو هو.

برطانوي پوليس موجب سي سي ٽي وي ڪئميرائن جي مدد سان اهو پڻ ڏسڻ لئه مليو آهي ته انڊونيشيائي نوجوان کي ڪڏهن ڪڏهن هڪ منٽ جي اندر به ڪو نه ڪو مرد جنسي شڪار لئه ملي ويندو هو.

پوليس موجب سناگا پنهنجي شڪار مردن کي فليٽ تي پهچڻ بعد هڪ پاڻي جهڙي سفيد نشي واري ڊرنڪ ڏيندو هو جنهن بعد هو بيهوش ٿي ويندو هو ۽ سناگا کيس ريپ جو نشانو بڻائي اها ڪاروائي فون تي ريڪارڊ پڻ ڪندو هو.سندس فليٽ تان اهڙيون ڪيتريون ئي شاهديون پوليس کي مليون آهن.

سناگا جي والد انڊونيشيا مان اچي ڪڏهن به پنهنجي پٽ جي عدالتي ڪارواين ۾ شرڪت نه ڪئي ۽ چيو آهي ته کيس اها سزا ملي جنهنجو هو حقدار هيو.جڏهن ته سناگا جي والده هڪ ڀيرو عدالتي ڪاروائي ڏسڻ ضرور آئي جنهن چيو ته سندس پٽ کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسايو ويو آهي.

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter