سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

ڇا سنڌ جي تاريخ ۾ پهرين عورت وزيراعلي ٿيڻ واري آهي.؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/07/2020

ڪراچي ( لاهوت مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي حڪمران جماعت پيپلزپارٽي جي اندروني اقتداري حلقن ۾ اڄڪلهه اهو بحث زور شور سان جاري آهي ته ڇا فريال ٽالپر پاڻ سنڌ جي وزيراعلي ٿي رهي آهي.؟.فريال ٽالپر تازو ڪرپشن ڪيسن ۾ ضمانت ٿيڻ بعد ڪراچي پهتي آهي جتي پارٽي جي هر ننڍي اڳواڻ کيس گلن جا تحفا کڻي مبارڪ ڏيڻ پهچن ٿا.ساڻس ملاقاتن ۽ مبارڪن جو سلسلو جاري آهي.

اهي بحث انهن ملاقاتن کانپوء وڌيڪ تيز ٿي ويا آهن جن ۾ فريال ٽالپر ضمانت تي آزاد ٿيڻ بعد ڪراچي پهچي پارٽي جي سيد قائم علي شاه جهڙن  انهن سينئر ماڻهن سان ملاقاتن جو سلسو شروع ڪيو آهي جن جي اهميت پارٽي جي اندروني حلقن ۾ پڻ آهي. ۽ انهن جا الڳ الڳ سان سوشل ميڊيا تي مشهوري پڻ ڪري رهي آهي.پيپلزپارٽي جي جنهن سوشل ميڊيا پيج تي اڳم فريال ٽالپر جي خبر ڪڏهن ڪڏهن ڏني ويندي هئي ان پيج تي هاڻي فريال ٽالپر جي بلاول کان به اڳ خبر فوٽن سميت جاري ڪئي وڃي ٿي.

پيپلزپارٽي جي اندروني حلقن موجب فريال ٽالپر اها خواهش پنهنجي ڀاءُ آصف زرداري اڳيان ٺٽي مان چونڊيل هڪ اهڙي ايم پي اي معرفت پهچائي آهي جيڪو آصف زرداري جا ڪيترائي مالي توڙي ذاتي معاملا ڏسندو رهيو آهي.

پيپلزپارٽي جي اندروني ذريعن موجب فريال پنهنجي وزيراعلي ٿيڻ واري خواهش جي دليل طور اهو پڻ ڄاڻايو آهي ته مٿس جيڪي نيب جا ڪيس هئا انهن کان وڌيڪ ڪيس ته خود مراد علي شاهه جو انتظار ڪري رهيا آهن پر هو گرفتاري کان انڪري بچي ويو جو هو قانوني طور سنڌ جو وزيراعلي هو ۽ ڪنهن به صوبي خاص طور سنڌ جهڙي صوبي جي وزيراعلي کي گرفتار ڪرڻ سنا قانوني موجهارا پيدا ٿين ها تنهنڪري هاڻي کيس وزيراعلي بڻايو وڃي ته جيئن ايندڙ امڪاني گرفتاري کان بچي سگهجي.

ٻئي طرف پارٽي اندر سرگرم بلاول ڀٽي زرداري جي لابي پاران فريال جي وزيراعلي ٿيڻ واري خواهش جي اهو چئي مخالفت ڪئي پئي وڃي ته ان قسم جي مقرري سان عام خلق ۾ منفي تاثر ويندو ۽ مخالفن کي اها تنقيد ڪرڻ جو موقعو ملندو ته ڏسو زردارين سمورا عهدا پنهنجي گهر اندر رکيا آهن.

ذريعن موجب پارٽي اندر جيئن نثار کهڙي جي صدارت خلاف اندروني مهم هلي رهي آهي تيئن ئي فريال ٽالپر جي وزيراعلي ٿيڻ يا نه ٿيڻ تي پڻ اندروين لابنگ هلي رهي آهي.جنهنجو فائينل فيصلو خود آصف زرداري ڪندو ۽ فريال لابي کي اها اميد آهي ته آصف زرداري جيئن ته تاريخ رقم ڪرڻ جو شوق رکندڙ آهي تنهنڪري سنڌ جي پهرين عورت وزيراعلي مقرر ڪرڻ ۾ هو مثبت ڪردار ادا ڪندو.

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter