سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

جنرل سليماني کي شامي ۽ عراقي جاسوسن جي مدد سان نشانو بڻايو ويو ؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/09/2020

لاهوت ( مانيٽرنگ) عالمي خبرون ڏيندڙ اداري دعوي ڪئي آهي ته ايراني جنرل سليماني کي شامي ۽ عراقي جاسوسن جي نيٽ ورڪ جي مدد سان آمريڪا نشانو بڻايو آهي. عالمي اداري رائٽرز پنهنجي هڪ خصوصي رپورٽ ۾ لکيو آهي ته جنرل سليماني پنهنجي سفر جي معلومات ڪنهنکي به نه ڏيندو هو، عالمي دشمين وڌي وڃڻ سبب هو پنهنجو ذاتي جهاز به استعمال نه ڪندو هو پر ٻين مسافر جهازن ۾ گمنام ٿي سفر ڪندو هو.

جنهن رات سندس قافلي نشانو بڻايو ويو ان رات هو دمشق ائرپورت تان پنهنجي گاڏين جي قافلي ۾ سڌو اچي شام ونگز واري مسافر جهاز  اي 320 ۾ ۾ سوار ٿيو.شام ونگز ائرلائين سان رائٽر پاران رابطو ڪرڻ تي هنن ٻڌايو ته جنرل سليماني ۽ سندس ساٿين جو دستاويزي ثبوت يا نالو مليل نه هيو.اهو جهاز 3 جنوري تي  جيئن ئي رات جو 12.30 منٽن تي بغداد ائرپورت پهتو ته عراقي مليشيا پاپولر موبلائيزيشن فرنٽ پي ايم ايف جي نائب سربراهه ابو مهدي مهندس سندس آجيان ڪئي.بغڊاد ائرپورٽ جي ذريعن رائٽر کي ٻڌايو آهي ته جنرل سليماني کي وٺڻ لئه آيل ابو مهدي ٻن گاڏين جي قافلي ۾ سڌو اچي جهاز جي ويجهو پهتو ۽ هنن ڪسٽم وارو عاممسافرن جو روٽ وٺڻ بدران سڌو گاڏين جو رخ ڪيو. جنرل سليماني ۽ ابو مهدي هڪ ئي گاڏي ۾ ويٺا جڏهن ته سندن باڊي گارڊ ٻي گاڏي ۾ ويهي روانا ٿيا.پر اهو سفر جنرل سليماني جو آخري سفر ثابت ٿيو ۽  بغداد ائرپورٽ جي حدن اندر ئي 12.55 تي سندن ٻنهي گاڏين جي قافلي کي آمريڪي ڊرون نشانو بڻايو.

رائٽر موجب ڊرون حملي کانپوء عراق جي سيڪيورٽي ادارن بغداد ائرپورٽ  کي سيل ڪري ڇيڏو ۽ درجنين آفيسرن کي ائرپروٽ تان وڃڻ کان روڪي ورتو جن ۾ ڪسٽم جا عملدار، سيڪيورٽي جا عمدلار ۽ پاسپورٽ عمدلار شامل هئا.انهن ترت ئي ائرپورٽ جي ملازمن جا فون چيڪ ڪرڻ شروع ڪيا ته هنن ڪنهنکي ڪنهنکي مسييج يا ڪال ڪيا آهن.

ان واقعي جي جاچ عراق جي قومي سلامتي صلاحڪار فليح الفلاد جي سربراهي ۾ ٿي رهي آهي. جنرل سليماني جي قتل واري واقعي جي جاچ ڪندڙ ادارن کي شڪ آهي ته دمشق ائرپورٽ جي ٻن جاسوسن شام ائر لائين جي ٻن جاسوسن سان رابطو ڪري بغداد ائرپورٽ تي پنهنجي نيٽ ورڪ تي اطلاع جنرل سليماني جي پهچڻ جو پيغام پهچايو.

بغداد ۾ ائرپروٽ جي ٻن سيڪيورٽي عملدارن کي  حراست ۾ ورتو ويو آهي جڏهن ته شامي ائرلائين شام ونگز جي دمشق ائرپورٽ تي موجدو عملي مان هڪ ۽ جهاز اندر سوار ٻئي ملازم کي پڻ حراست ۾ ورتو ويو آهي.

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter