سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

ڇوڪراڻو ويس ڪري 50 ڇوڪرين مٿان جنسي حملا ڪندڙ عورت کي سزا


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

01/09/2020

لنڊن ( لاهوت مانيٽرنگ) لنڊن جي هڪ عدالت 21 سالن جي عورت ايما واٽس کي ننڍي عمر جي ڇوڪرين کي ورغلائڻ ساڻن دوستي رکي مٿن جنسي حملا ڪرڻ جي الزام ۾ اٺ سال قيد جي سزا ٻڌائي جيل اماڻي ڇڏيو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته ايما سوشل ميڊيا ايپس انسٽاگرام، سنيپ چيٽ ۽ ٻين ايپس جي مدد سان ننڍي عمر جي ڇوڪرين سان دوستي رکندي هئي، ۽ انهن کي اهو يقين ڏياريندي هئي ته 16 سالن جو ڇوڪرو آهي.ساڻن دوستي رکو ۽ 12 يا 13 سالن جي ڇوڪرين سان دوستي رکي انهن کي جنسي طور استعمال ڪندي هئي.

پوليس جو چوڻ آهي ته جنسي شوق خاطر اها عورت ننچي عمر جي ڇوڪرين سان ملڻ لئه پنهنجي اتر لنڊن واري علائقي مان سموري ملڪ ۾ ريل ذريعي سفر ڪندي هئي.اها عورت هيمشائر کان پلائيمائوٿ يا سري کان ويسٽ مڊلينڊز تائين سفر ڪندي هئي.

اها عورت ڇوڪرين کي اهو يقين ڏيارڻ لئه ته هو ڇوڪرو آهي پنهنجا جورابا ڳوڙهي ڪري پنهنجي انڊرويئر ۾ وجهندي هئي ته جيئن کين يقين اچي ته کيس مرداڻو عضو به آهي.

ونچسٽر ڪرائون ڪورٽ ۾ سزا ٻڌڻ کان اڳ هن پاڻ اقرار ڪيو ته ڇهن يا ستن ڇوڪرين کي جنسي نشانو بڻايو آهي پر پوليس جو خيال آهي ته اهو انگ 50 تائين پهتل آهي ۽ اسان وڌيڪ متاثرين جي جاچ ڪري رهيا آهيون.

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter