سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

جڏھن بيگم نصرت ڀٽو برقعو پائي ڊسٽرڪٽ سيشن جج لاڙڪاڻي وٽ پهتي


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/05/2018

آڪٽوبر 1993ع وارين چونڊن ۾ مير مرتضئ ڀٽو جلاوطني دوران سنڌ جي مختلف تڪن تان اليڪشن ۾ بيهڻ جو فيصلو ڪيو هڪ ڏينهن بيگم نصرت ڀٽو مون کي المرتضئ هاؤس ۾ چيو تہ تنهنجي شناختي ڪارڊ جي ڪاپي ۽ ووٽ سرٽيفڪيٽ جي ڪاپي کپندي آھي ڇو تہ مير مرتضئ قومي اسمبلي جي تڪ اين اي 165 قمبر واره تان فارم ڀرائڻ ٿو چاهي ۽ تون مير مرتضئ ڀٽو جو ان تڪ تان پروپوزر هوندين بيگم نصرت ڀٽو جي اهڙي هدايت بعد مون هڪ ڪلاڪ ۾ ئي اليڪشن آفيس مان ووٽ سرٽيفڪيٽ شناختي ڪارڊ ۽ ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر جي آفيس مان نامينيشن وٺي سمورا پيپر بيگم نصرت ڀٽو جي حوالي ڪري ڇڏيا جيڪي بيگم نصرت ڀٽو شام جي گادي واري هنڌ دمشق ۾ جلاوطني جا ڏينهن گهاريندڙ مير مرتضئ ڀٽو ڏانهن روانا ڪري ڇڏيا ڪجهہ ئي ڏينهن ۾ مير مرتضئ ڀٽو اهي نامينيشن فارم ڀري پاڪستان واپس اماڻي ڇڏيا ۽ طريقہ ڪار مطابق مير مرتضئ ڀٽو جي اهي نامينيشن فارم مون وڃي ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر وٽ جمع ڪرائي ڇڏيا آخر فارمن جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ اعتراضن وارو ڏينهن آيو قمبر واره واري ان تي مير مرتضئ ڀٽو جو مقابلو مرحوم نواب شبير احمد چانڊيو سان هو سو مير مرتضئ ڀٽو جي فارم تي اهو اعتراض ٿيو تہ مير مرتضئ ڀٽو پاڪستان ۾ موجود ڪونهي اها ڪهڙي پڪ آھي تہ اهو فارم مير مرتضئ ڀٽو پاڻ ڀريو آھي ٻيو تہ فارم جمع ڪرائيندڙ ذوالفقار قادري وٽ ڪو اٿارٽي ليٽر بہ ڪونهي لهذا فارم رد ڪيو وڃي جڏھن مون کان ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر ان بابت پڇا ڪئي تہ مون کيس صاف ٻڌايو تہ مان صرف فارم جو پروپوز ڪندڙ آھيان باقي سڀني اعتراضن جا جواب اميدوار جي ماءٗ بيگم نصرت ڀٽو ڏئي سگهندي تنهن تي ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر هڪ ڪلاڪ لا۽ ڪاروائي ملتوي ڪئي ۽ بيگم نصرت ڀٽو کي وضاحت لا۽ طلب ڪيو بس پو۽ مان ڪورٽ مان المرتضئ ھائوس پهچي سموري صورتحال کان بيگم نصرت ڀٽو کي آگاه ڪيو بيگم نصرت ڀٽو فوري پنهنجي فيملي ڊرائيو مرحوم سلطان ناريجي کي گهرائي چيو گاڏي تيار ڪر پر ڪنهن کي ٻڌائڻو ناهي ايئن چئي بيگم نصرت ڀٽو صاحبہ برقعو پاتو ۽ مون کي چيائين گاڏي ۾ ويهہ ٖ اهڙي طرح بيگم نصرت ڀٽو ٖ ڊرائيور سلطان ناريجو ۽ مان ڊسٽرڪٽ سيشن جج جي آفيس پهتاسين مون بيگم نصرت ڀٽو کي ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر جي آفيس ڏيکاري بيگم نصرت ڀٽو برقعي سميت سيشن جج وٽ هلي وئي سيشن جج حيران ٿي ويو تہ هي ڪير مائي آھي برقع سان جيڪا بغير اجازت اندر هلي آئي آھي بيگم نصرت ڀٽو ان لمحي ڏاڍي جذباتي لڳي پئي هئي سو اندر پهچي اوچتو برقعو لاهي سيشن جج کي چيائين مان مرتضئ جي ماءٗ آھيان مون کي ٻڌايو تہ سندس فارم تي اوهان کي ڪهڙو اعتراض آھي مرتضئ جا اٽارني ۽ اٿارٽي پاور مون وٽ آھن ٖ بيگم نصرت ڀٽو جون اهڙيون ڳالهيون ٻڌي سيشن جج فورن چيو ڪو بہ اعتراض ڪونهي مير مرتضئ ڀٽو جو فارم قبول ڪيو ٿو وڃي اهڙي طرح بيگم نصرت ڀٽو سيشن جج جو شڪريو ادا ڪري المرتضئ هائوس واپس موٽي آئي

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter