سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

امرجليل جي دفاع ۾ آيل اعجاز منگي جا خيال


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/06/2018


اوهان کي مبارڪ هجي.......!
اعجاز منگي
اي سنڌي قوم جا عظيم سورما
توکي مبارڪ هجي
توکي مبارڪ هجي ته:
تو ان اديب کي وضاحت لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو
جنهن ڪنهن آمر، ڪنهن نيم آمر ۽ ڪنهن
جمهوري حڪمران جي آڏو به وضاحت پيش نه ڪئي!
توکي مبارڪ هجي ته:
تو ان ارڏي اديب کي جهڪائي ڇڏيو
جيڪو تنهنجي مٽيءَ جو خمير هو
جيڪو تنهنجي وطن جو ضمير هو
جيڪو پاڻ کي اڪثر اديبن وانگر
سگريٽ جي سگهه نه ڏيندو آهي
جيڪو بهادر ٿيڻ لاءِ بوتل نه کوليندو آهي
هو وجود جي ڌوتل ورق جهڙو
صوفي لاڪوفي آهي!
ان اديب جي هڪ اختلاف تي
اوهان ۾ ايترو غصو آيو
جو اوهان هن کي نيم معافيءَ
تي مجبور ڪري ڇڏيو!
اوهان کي مبارڪ هجي!
اوهان کي مبارڪ هجي ته:
اوهان زرداريءَ جي ذليل ڪردار تي
ايتري ڪاوڙ جو اظهار نه ڪيو
جيترو ان اديب تي:
جيڪو ”اروڙ جو مست آهي
اوهان ان اديب تي سنگ بازي ڪئي آهي
جنهن ”سرد لاش جو سفر“ لکيو
۽ اهو افسانو اڄ به پاڪستان جي قانون جي
منهن تي هڪ ڀرپور چماٽ آهي
اوهان کي مبارڪ هجي ته:
اوهان ان اديب کي اڇن وارن ۾
قومي احتسان جي ڪٽهڙي ۾ ڇڪي آندو
جيڪو ”گليلو“ جيان
اڄ به اهو بيان ڏئي رهيو آهي
گليلو کي مار
پوءِ به ڌرتي سج جي
ڦرڻي آ چوڌار
اوهان کي مبارڪ هجي ته:
اوهان ان شخص کي جهڪائي ڇڏيو
جيڪو ڪارونجهر جي چوٽين جيان
بلند هو ۽ آهي!
اوهان کي اوهان جي اها ذليل فتح مبارڪ هجي!
اوهان سدائين محتن کي مقتل ۾ بيهاريو آهي
اوهان سدائين عاشقن کي عذاب ڏنا آهن
اوهان سدائين ڪمزوريءَ تي مڇ مروڙي آهي
اوهان سدائين ”جيئي سنڌ“ جي نالي ۾
سنڌ کي قومي طور قتل ڪرڻ ۾
ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي!
اي سنڌ جا سورما ۽ ان جا ساٿيو!
اوهان کي مبارڪ هجي ته:
اوهان ان اديب کي جهڪڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو
جنهن جا هٿ سدائين ٻڌل
۽ جنهن جو ڪنڌ سدائين جهڪيل رهيو آهي.
اوهان کي هيءَ آسان فتح مبارڪ هجي
يقينن اوهان هن کي مبحتن جي مقتل ۾ بيهاري سگهو ٿا
يقينن اوهان ”سنڌوءَ“ کي 
ان اديب جي عشق ۾ سنگسار ڪري سگهو ٿا
جنهن ”سنڌوءَ“ جي پويان ويٺي هن لکيو هو:
اسان عبادت گاهن کي پٺي نه ڏيندا آهيون
اوهان کي مبارڪ هجي ته:
اوهان انهن ڪردارن جي تخليقارن کي
مجور ڪري ڇڏيو
جنهن جا ڪردار
هن کان وڌيڪ ارڏا
۽ اروڪ هئا!
۽ اوهان ايندڙ وقت ۾
ان جي قبر مٿان
اجرڪ وجهندا
جيڪو اديب هڪ ڏيئو آهي
جيڪو اديب اوهان جي آئيندي ۾ هڪ ليئو آهي
جيڪو امر آهي
جيڪو اديب جليل آهي
جيڪو اديب امر جليل آهي

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter