سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

جمعي فقير جو گڏھہ ۽ وزيراعظم هاؤس ۾ دعوت وارو قصو ذوالفقار قادري


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/06/2018

 


لاڙڪاڻي جي جهونن کان اڄ بہ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ جمعي فقير جي دوستي جا قصا ناهن وسرياٖ جمعو فقير اهو واحد ماڻھو هو جيڪو نہ صرف ذوالفقار علي ڀٽي سان ڀوڳ چرچا ڪندو هو پر هو فقيري گفتن ۾ ڀٽي کي منهن تي تلخ ڳالهيون بہ چئي ويندو هو ٖ جمعو فقير ذات جو سومرو ۽ قمبر تعلقي جي ڳوٺ ڪور سليمان جو ويٺل هو ڪجهہ عرصو ڳوٺ ڏتل ابڙو ۾ بہ رهيو قمبر جي مين روڊ تي پٺاڻ واري مسجد وٽ حجامڪو ڪم بہ ڪيائين ٖ اسان جو گهر قمبر شھر ۾ پٺاڻ مسجد جي ويجهو هوندو هو بابا سائين اڪثر پٺاڻ مسجد وٽ يوسف منگي حجام وٽ وڃي ويهندو هو مون ننڍي هوندي جمع فقير کي پهريون دفعو اتي ئي ڏٺو هو ان سان گڏ مون ننڍي هوندي قرآن شريف جو درس بہ پٺاڻ مسجد جي ملان وٽ ورتو ھو جڏھن قرآن شريف پڙھي پورو ڪيم تہ ملان چيو گهر وارن کان مٺائي ۽ نئين ڪپڙن جو جوڙو آڻي ڏي امڙ مون کي ملان لا۽ پئسا ڏنا سوچيم قرآن مون پڙھي پڄايو آ پئسا وري ملان کي ڏيان سو اهي پئسا ملان کي ڏيڻ بجا۽ مون کپائي ڇڏيا سو ذڪر پئي ٿيو جمعي فقير جو جمعو فقير قمبر ڇڏي لاڙڪاڻي لڏي آيو ۽ فقيري رنگ ۾ هليو ويو گداگري ڪري گذر سفر ڪندو هو اڪثر لاڙڪاڻي جي روڊن رستن تي پنهنجي گڏھہ تي نظر ايندو هو جمعي فقير جي زندگي جو اهو معمول بڻجي ويو تہ هو روزانو پنهنجي گڏھہ سميت لاڙڪاڻي جي گوشت مارڪيٽ وڃي سموري مارڪيٽ جي ذبح ٿيل جانورن جي گوشت جا ڇڇڙا ڪٺي ڪري انهن کي پنهنجي گڏھہ جي گودڙين ۾ ڀريندو هو ۽ پو۽ اهي ڇڇڙا لاڙڪاڻي جي رولو ڪتن کي پيو کارائيندو هو لاڙڪاڻي جا رولو ۽ لاوارث ڪتا بہ ساڻس اهڙا هري ويا جو جاڏي جمعو فقير اوڏانهن رولو ڪتن جي لوڌ سندس پويان پئي هلندي هئي رت ۽ ڇڇڙن سبب فقير مان گوشت ۽ رت جي ڌپ کنيو پئي ويندي هئي ورلي ڪو فقير وهنجندو هوندو انهن ڏينهن ۾ اسان ڪجهہ ڪامريڊ ٽائيپ دوست لاڙڪاڻي جي مڇي گوشت مارڪيٽ واري مئہ خاني تي وڃي ويهندا هئا سي سو هڪ ڏينهن مون وڃي جمعي فقير کي چانهہ جو پيالو ڏنو چيائين ابا ڪهڙي خوشي ۾ ٿو ڏين مان چيو مانس فقير امام جي سبيل آ تنهن تي جمعي فقير چانهہ جو پيالو وٺندي چيو ابا امامن سان وري ڪهڙا ليکا پنهنجي ڌن ۾ مگن هن فقير جا گفتا سالڪن وارا ۽ فقيري رنگ ۾ رنگيل هوندا هئا . ذوالفقار علي ڀٽو سان هن جو دوستي وارو تعلق وزارت خارجہ وارن ڏينهن کان جڙيو ٖ جمعو فقير ڪو پاڻ سيڙجي ڀٽي صاحب ڏي نہ ويو هو پر ڀٽي صاحب کي ڪنهن ٻڌايو تہ شھر ۾ گڏھہ تي گهمندڙ ھڪ فقير جا گفتا نہ صرف ٻڌڻ جوڳا آھن پر سبق آموز بہ آھن سو ڀٽي صاحب چيو ان کي المرتضئ هاؤس وٺي اچو جڏھن ماڻھن وڃي جمعي فقير کي چيو تہ توکي ڀٽي صاحب گهرايو آھي تہ فقير صفا چڙي پيو جواب ۾ کين چيائين مان ڪو ڀٽي جو نوڪر آھيان ڇا؟ وڃي ٻڌايوس تہ مان نہ ايندس. ماڻھن وڃي ڀٽي صاحب کي ٻڌايو تہ سائين جمعي فقير اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي سو ڀٽو صاحب اها ڳالهہ ٻڌي پاڻ گاڏي ۾ چڙھي جمعي فقير سان ملڻ لا۽ المرتضئ هاؤس مان نڪتو ان وقت جمعو فقير هاڻوڪي لاڙڪاڻي جي ڪينيڊي مارڪيٽ وٽ پپل جي هڪ وڻ هيٺان پنهنجي گڏھہ کي گاه کارائي رهيو هو ڀٽي صاحب کي ڏسي جمعي فقير ڀٽي صاحب کي چيو “ ڀٽا صاحب ڪيئن ڀلجي پيو آھين “ تنهن تي ڀٽي صاحب کيس ورندي ڏني تہ فقير حاضري ڀرڻ آيو آھيان تنهن تي جمعي فقير کيس ورندي ڏني تہ ابا مان ڪهڙو ماستر آھيان جو حاضري ڀرڻ آيو آھين ٖ ڀٽي صاحب چيس تہ ڀلا دوستي رکون جمعي فقير چيس ڀٽا صاحب دوستي رکڻ سولي آ پر نڀائڻ ڏکي آ تنهن تي ڀٽي صاحب چيس ڀلا دوستي رکي ڏس پو۽ بہ مرضي جو مالڪ آھين تنهن تي وڻ ھيٺان گڏھہ سميت ويٺل جمعي فقير ڀٽي کي ورندي ڏني تہ ڀٽا صاحب تڏي تي لنگهي آيو آھين توکي موٽايان نہ ٿو اهڙي طرح لاڙڪاڻي جي روڊن ۽ رستن تي گداگري ڪندڙ جمعي فقير ۽ ڀٽي صاحب جي پاڻ ۾ دوستي جڙي ٖ جمعي فقير جي گفتن ۾ کل ڀوڳ مزاح سان گڏ سبق آموز درس بہ هوندا هئا هڪ دفعي جمعي فقير هڪ ٻروچ کان خيرات گهري جنهن کيس پنج روپيہ ڏنا خيرات وٺي جمعي فقير آسمان ڏي نهاري چيو معنئ تہ الله سائين ٻروچ بہ توکان ڊڄن ٿاٖ هڪ دفعي ڊگري ڪاليج جا شاگرد موڪل ۾ ڪاليج کان واپس پئي آيا تہ رستي ۾ جمعي فقير کي ڏسي کيس چيائون جمعہ زال جو نالو تہ ٻڌا۽ تنهن تي جمعي فقير کين چيو ابا وضو ٿيل ناهي تنهن تي شاگردن چيس تہ فقير زال جي نالي جو تعلق وري وضو سان ڪهڙو؟ تنهن تي فقير ورندي ڏنن تہ ابا زالون آھن پاڪ ٖ سو پاڪن جا نالا وضو بغير ناهن وٺبا ٖ ڀٽو صاحب وزيراعظم بڻجي ويو تہ جمعي فقير سان مليو ۽ کيس چيائين جمعا فقير دعا تہ ڪر ٖ تنهن تي جمعي فقير چيس ڀٽا صاحب لڳي ٿو وزيراعظم ٿيڻ تي خوش نہ آھين ڀلا هاڻي هڪڙو ڪم ٿا ڪيون تون مون وارو گڏھہ سنڀال ۽ جمعو ٿي وڃ ۽ مان وري ڀٽو ٿو بڻجان تنهن تي ڀٽي صاحب چيس منظور آھي مونکي ڏي پنهنجو گڏھہ ان موقعي تي ڪافي وزير مشير ۽ اعلئ سرڪاري عملدار بہ موجود هئا جمعي فقير چيس نہ ابا مان پنهنجو گڏھہ ڪونہ ڏيندس ڀٽا صاحب اڳ ۾ ئي تو وٽ جام گڏھہ آهن پهرين انهن کي تہ سنڀال سندس اهڙي جواب تي ڀٽي صاحب کلي ڏنو ۽ اتي موجود وزيرن ۽ ڪامورن جا منهن لهي ويا ڀٽو صاحب وزيراعظم ٿيڻ بعد جڏھن بہ لاڙڪاڻي آيو تہ ڪوشش ڪري جمع فقير سان ڪجهہ لمحا ئي سهي پرڪچهري ڪندو هو جمعي فقير جو ڪو مستقل ٺڪاڻو ڪونہ هو ڪڏھن لاهوري محلي ۾ تہ ڪڏھن ڪٿيٖ آخري ڏينهن ۾ جمعي فقير جو ٺڪاڻو قبرستان ۾ ٺھيل هڪ جهوپڙي هئي ڀٽي صاحب هڪ دفعي جمعي فقير کي چيو توکي گهر ٺھرائي ڏيان تنهن تي فقير ڄڻ چڙي پيو ۽ چيائينس ٻيهر چيو اٿئي تہ پو۽ ڀٽا صاحب پاڻ واري ياري ختم ٖ هڪ دفعي جي ڳالهہ آ ڀٽو صاحب موهن جو دڙو ايئر پورٽ تي لٿو تہ چيائين جمع فقير سان ملبو پوليس پروٽوڪول اهو روٽ ورتو جيڪو امڪانن جمعي فقير جو دڳ هو آخر جمعو فقير باقراڻي روڊ تي نظر اچي ويو ڀٽو ساڻس مليو ۽ کيس چيائين اڄ رات جي ماني مون سان گڏ کائيندؤ جمعي فقير چيس هڪ شرط تي گڏ ماني کائبي تہ ان دعوت تي اسان ٻنهي کان سوا۽ ٻيو ڪو بہ نہ هوندو تنهن تي ڀٽي صاحب پڇيس تہ ڀلا ايئن ڇو تنهن تي جمعي فقير چيس تہ ڀٽا صاحب تون پاڻ سان جيڪي اڪثر ماڻھو کنيو ٿو وتين اهي آھن بد فضيلتا سو مال سڄو اهي کائي ويندا اسان کي هڏا بہ نہ ڦٻندا ڀٽو صاحب سندس ڳالهہ تي ڏاڍو کليو چيائين فقير تنهنجي ڳالهہ منظور آ هي ٖ وري جمعي فقير چيس ڀٽا صاحب هڪ ٻيو شرط بہ آھي تون مان ويٺا طعام کاؤن ۽ مون وارو گڏھہ ويچارو بک تي هجي اها بي واجبي آهي سو اهو بہ دعوت تي ايندو ڀٽي صاحب چيو اهو بہ منظور آھي دعوت جي ٽائيم کان اڳ ئي ڀٽي صاحب ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو خالد احمد کرل ۽ ايس پي محمد پنڃل جوڻيجو کي پابند ڪيو تہ فقير کي المرتضئ هاؤس وٺي اچجو ( واضع رهي تہ انهن ڏينهن ۾ المرتضئ هاؤس وزيراعظم جي رهائش گاه قرار ڏنل هو ) سو رات جي ماني وقت لاڙڪاڻي جي ايس - پي محمد پنڃل جوڻيجو ٖ ان وقت جي ڊي ايس پي عنايت الله شاهاڻي کي چيو تہ جمعي فقير کي ڳولهي پروٽوڪول ۾ المرتضئ هاؤس وٺي اچو انتظاميہ جو پروٽوڪول جڏھن جمعي فقير وٽ پهتو تہ فقير انتظاميہ کي کتو جواب ڏنو تہ مون سان گڏ وزيراعظم جي دعوت تي منهنجو گڏھہ بہ هلندو ٻي صورت ۾ مان ڪونہ هلندس انتظاميہ ۽ پروٽوڪول وارا اچي ڦاٿا آخر مسئلو ڀٽي صاحب کي ٻڌايو ويو جنهن تي ڀٽي صاحب انتظاميہ کي چيو جيئن جمعو فقير چوي تيئن ڪيو آخر جمعو فقير پنهنجي گڏھہ سميت المرتضئ هاؤس پهتو سو نہ صرف جمعي فقير پاڻ ماني کاڌي بلڪہ المرتضئ هاؤس ۾ پنهنجي گڏھہ کي بہ جام گاهہ جي دعوت کارايائين ٖ لاڙڪاڻي جي هن الله لوڪ فقير 90ع ۾ وفات ڪئي -

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter