سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

اسلام آباد پرامن مظاهرين مٿان بغاوت جا ڪيس لڳائيندڙ جا اختيار ختم ڇو نه ڪجن.؟


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

02/11/2020

اسلام آباد ( لاهوت مانيٽرنگ) اسلام آباد هائي ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس اطهر من الله اسلام آباد جي انتظاميا کان وضاحت طلب ڪئي آهي ته پرامن مظاهرو ڪندڙ عوامي ورڪرز پارٽي ۽ پي ٽي ايم جي 23 ڪارڪنن مٿان بغاوت ۽ دهشتگردي جا قلم لڳائڻ جي ڪنهن اجازت ڏني.

هن اهڙي وضاحت اڱاري ڏينهن ٿيل شنوائي دوران اسلام آباد انتظاميا کان طلب ڪئي.هن چيو ته اسان ان خلاف ڪاروائي ڇو نه شروع ڪيون جنهن ايف آئي آر ۾ اهي قلم لڳائڻ جو حڪم ڏنو.هن چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي سٽي مئجسٽريٽ پاڻ پيش ٿي وضاحت ڪري ته هن اهڙا حڪم ڇو جاري ڪيا.

جسٽس اطهر من الله چيو ته اسان هن ڪيس کي سڀني لئه مثال بڻائينداسين.هن اسلام آباد جي چيف ڪمشنر ۽ اسلام آباد جي پوليس سربراهه کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 17 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جسٽس اطهر من الله انتظاميا کان پڇيو ته اهو سڀ ڇا ٿي رهيو آهي ته پرامن مظاهرين مٿان پهريان توهان بغاوت جا ڪيس داخل ڪيا بعد ۾ انهن قلمن کي دهشتگردي جي قلم ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ اڄ وري ٻڌايو پيا ته دهشتگردي جا قلم به هٽايا ويا آهن.ان ڪيس کي اسان سڀني لئه هڪ مثال بڻائينداسين.

 

© Copyright: 2020. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter