02/11/2020
بيجنگ ( لاهوت مانيٽرنگ) چيني حڪومت پاران ڪرونا وائرس سبب 108 نوان ماڻهون موت جو شڪار ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي جنهن سبب وائرس سبب مري ويلن جو ٽوٽل انگ 1016 تي وڃي پهتو آهي.جڏهن ته 2478 نوان متاثر ٿيڻ سبب ڪروناوائرس جي متاثرين جو انگ 42638 تائين وڃي پهتو آهي.
چيني سرڪار هيبي صوبي جي صحت وارن ٻن اعلي عملدارن کي نوڪرين تان برطرف ڪري ڇڏيو آهي مٿن هنگامي حالتن ۾ غفلت جو مظاهرو ڪرڻ جو الزام هيو.هيبي صوبي جي گادي واري شهر ووهان ۾ ڪرونا وائرس جو مرڪز ٻڌايو وڃي ٿو.ماهرن موجب شهر جي ان مرڪزي ضلعي مان اهو وائرس ڦهليو آهي جتي سامونڊي کاڌن جو مرڪز آهي ۽ جهنگلي جانور پڻ اتي ئي پچايا وڃن ٿا.
چيني سرڪار سموري ملڪ مان 20 هزار ميڊيڪل جا ماڻهون ووهان شهر ڏانهن روانا ڪيا آهن ۽ چيني سربراهه جو چوڻ آهي ته اسان هي جنگ کٽي وينداسين.جيڪا بظاهر مشڪل لڳي ٿي.