سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

مزاحمت جي موسم ڪڏهن ايندي؟ اعجاز منگي


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/07/2018

اڄ اسان جي مرشد جي وصال جو ٻيون ڏينهن آهي.
اسان جي مرشد ٻڌايو هو:
”قلعي وير ڪٽڪ ۾، پاکر جو پائي
اڃان ان کي جيئڻ جو اَسانگو آهي
سورهيه سو چاهي، جو رڳو ئي رڻ گهڙي“
هي فلسطين جو سورهيه ابو عمرو آهي
جنهن مزاحمتي جنگ ۾ پنهنجي تن تي پيل
شرٽ لاهي اڇلائي ڇڏي هئي
هن جي هڪ هٿ ۾ آزاديءَ جو پرچم
هن جي ٻي هٿ ۾ مزاحمت جو هٿيار آهي.
۽ هي اسان جو ٻيو سورهيه ساٿي آهي
جيڪو معذور هجڻ جي باوجود
ويل چيئر تي ويهي وڙهي رهيو آهي
هن جو نالو صابر الشاڪر آهي
۽ هي نوجوان عمل ڪري رهيو آهي
مرشد لطيف جي ان سٽ تي
”هٿين پيرين مونڙين، وڙهج ويرين ساڻ“
۽ هيءَ فلسطين جي گمنام عورت آهي
جيڪا پنهنجا سينڊل لاهي
ميدان جنگ ۾ بيٺي آهي!
سنڌ ۾ مزاحمت جي اهڙي موسم ڪڏهن ايندي؟
سنڌ ۾ مزاحمت جي اهڙي موسم ڪڏهن ايندي؟
ڪڏهن ايندي؟
ڪڏهن ايندي؟

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter