سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

جڏھن وزيراعظم بينظير ڀٽو هڪ ڪارڪن کي ڏسي گاڏي مان لهي پئي ذوالفقار قادري


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/08/2018


جنرل ضياء جي حادثاتي موت بعد ملڪي ايسٽيبلشمنٽ يارهن سالن جي طويل آمريتي ويڙھہ بعد ملڪ ۾ عام چونڊون ڪرائي ساهي کڻڻ پئي چاهي جيئن ملڪ جي جمهوري قوتن سان نئين سر ٖ نئين پلان سان وڙھي سگهجي ايسٽيبلشمنٽ صدر اسحاق خان ٖ جنرل اسلم بيگ ۽ جنرل حميد گل جي اڳواڻي ۾ بينظير ڀٽو صاحبہ جا رستا روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر آخر بينظير ڀٽو ملڪ جي وزير اعظم چونڊجي وئي ٖ بينظير ڀٽو صاحبہ وزارت اعظمئ جو حلف کڻڻ بعد پهريون دفعو پنهنجي پيءٗ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي قبر تي دعا گهرڻ لا۽ اچي رهي هئي انتظاميہ پاران پ پ پ عهديدارن کي گهرائي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي آمد ٖ استقبال ۽ ٻين پروگرامن کي حتمي شڪل ڏني وئي ٖ پروگرام مطابق وزيراعظم بينظير ڀٽو جي آمد تي لاڙڪاڻي جي پيپلز اسٽيڊيم ۾ ھيلي پيڊ ٺاهيو ويو جتي طويل “ ريڊ ڪارپيٽ “ ڳاڙھو قالين وڇايو ويو ٖ پ پ پ سان وابستہ ايم اين ايز ٖ ايم پي ايز ٖ اڳواڻ ۽ چڱن مڙسن ٖ وڏيرن کي قالين تي بيهاريو ويو تہ جيئن وزير اعظم انهن سان عليڪ سليڪ ڪري سگهن ٖ ان موقعي تي اهڙن ماڻھن کي بہ ڪارڊ ڏنا ويا جن جنرل ضياء جو ساٿ ڏنو ۽ اسان ڪارڪنن کي پوليس کان گرفتار ڪرايو ٖ وڏيرو ڪٿي بہ هجي پر پنهنجي ڪلاس لا۽ ھمدردي رکندو ٖ سو مون کي تہ وڏيرن وزير اعظم بينظير ڀٽو جي ان پروگرام جو ڪارڊ ئي نہ ڏنو نہ وري اسپيشل برانچ وارن کي نالو لکرايو ٖ تڪليف تہ محسوس ٿي پر ڪامريڊي جڳاڙ ڪري مان اسٽيڊيم ۾ هليو ويس قالين تي تہ بيهڻ جي جا۽ ئي نہ بچي سو مان ان پ پ عهديدارن ۽ چڱن مڙسن جي قطار کا پر ڀرو جتي سادن ڪپڙن ۾ پوليس وارن کي بيهاريو ويو هو اتي وڃي بيٺس اتي موجود هڪ انسپيڪٽر اعتراض ڪيو پر هڪ واقف ڪار ڊي ايس پي کيس روڪيو تہ همراه مون مان هٿ ڪڍيا ٖ جهٽ کن ۾ فضا ۾ ٽي هيلي ڪاپٽر نمودار ٿيا ۽ واري واري سان اسٽيڊيم اندر ٺاهيل هيلي پيڊ تي لهندا ويا ٖ آخري هيلي ڪاپٽر مان وزير اعظم بينظير ڀٽو صاحبہ لٿي ۽ سيڪيورٽي وارن سان گڏ ڳاڙهي قالين طرف آئي ۽ قالين تي بيٺل ماڻھن سان واري واري ملندي آخر بينظير صاحبہ وزيراعظم لا۽ مخصوص ڪاري رنگ جي “ مرسڊيز بينز “ ڪار ۾ ويهي رواني پئي ٿي مان ٿورو پر ڀرو بيٺل هئس تہ بينظير صاحبہ جي مون تي نظر پئي جس اٿس هو هلي وڃي ها تہ هن کان پڇڻ وارو ڪير هو پر بينظير ڀٽو صاحبہ پنهنجي گاڏي روڪرائي هيٺ لٿي ۽ ڪار مان لهڻ شرط چيائين مون کان پڇيائين “ ذوالفقار ! آپ وہاں کیوں کھڑے ہو “ محترمہ بينظير جو گاڏي مان لهي مون کي اهو چوڻ مان بہ تڪڙو تڪڙو اچي کيس سلام ڪيو ٖ پڇيائين تہ طبيعت ڪيئن آھي ڪو مسئلو آھي تہ ٻڌا۽ ٖ مون کيس عرض ڪيو تہ “ بي بي اسان پلاٽ ٖ پرمٽ ٖ وزارت ٖ ۽ ٺيڪن وارن مان نہ آھيون ٖ بس اوهان سان هڪ ماءٗ ٖ هڪ وڏي ڀيڻ ۽ اڳواڻ ڪارڪن وارو جذباتي لڳاءٗ آھي ٖ سو اوهان سان پيا هلندا آھيون ٖ اوهان کي ڏسي وٺندا آھيون اهو ئي ڪافي آ ٖ پر لڳي ٿو وزير اعظم ٿيڻ کان پو۽ اوهان سان هاڻ ملي بہ نہ سگهبو ٖ “ منهنجي اهڙي جملن تي بينظير صاحبہ چيو سوال ئي پيدا نہ ٿو ٿئي جو ڪوئي مونکي اوهان کان الڳ ڪري “ انهن ڏينهن ۾ قلي بخش ( ڪي بي رند) ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن ۽ راجہ احمد علي ڊي آ۽ جي ٖ جڏھن تہ امتياز شيخ ڊپٽي ڪمشنر ۽ سيد مشتاق شاه ايس ايس پي لاڙڪاڻو هئا ٖ بينظير صاحبہ ڪمشنر قلي بخش رند صاحب کي سڏيو تہ سموري انتظاميہ پهچي وئي ٖ اوچتو وزير اعظم جو گاڏي بيهاري لهڻ ۽ ڪمشنر کي طلب ڪرڻ تي سمورا اعلئ آفيسر پريشان ٿي ويا تہ ان نوجوان وزير اعظم کي الائي ڪهڙي دانهن ڏني سو آفيسرن جو ساه مٺ ۾ لڳو پيو هو ٖ بينظير صاحبہ ڪمشنر لاڙڪاڻو ڪي بي رند صاحب کي چيو “ رند صاحب ! هن ڇوڪري کي ڏسو ٖ هي مون کي پنهنجي ننڍي ڀاءٗ جيان آھي ٖ هاڻي مان جڏھن بہ لاڙڪاڻي اچان اها اوهان جي ذميواري آھي تہ منهنجي تمام پروگرامن جي پاس اوهان جاري ڪرائي هن تائين پهچائيندا ٖ سموري انتظاميہ وزيراعظم جي احڪامات کي نوٽ ڪيو ۽ ڪمشنر ڪي بي رند صاحب وزيراعظم بينظير کي چيو “ جي مئڊم پرائيم منسٽر ايئن ئي ٿيندو “ ان کان پو۽ بينظير صاحبہ مون کي چيو “ بس هاڻي تہ خوش آھين نہ “ بينظير صاحبہ جي انهن جملن تي منهنجون اکيون ڀرجي آيون ۽ ڳوڙھا اچي ويا ٖ موڪلائڻ کان اڳ چيائين روئبو ناهي بهادر ٿي حالتن جو مقابلو ڪبو آھي “ ايئن چئي هو گاڏي ۾ رواني ٿي وئي پر مان اڄ ڏينهن تائين بينظير جي انهي بينظير ڪردار کي وساري نہ سگهيو آھيان ٖ
نوٽ : تصوير ۾ مان چي گويرا ڳاڙھي ٽوپي پاتل نظر اچي رهيو آھيان جڏھن تہ وزيراعظم بينظير ڀٽو ڪار جو دروازو کولي بيٺل نظر اچي رهي آھي

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter