سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

سوڙهي گهٽي سپرين.... نثار کوکر


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/08/2018


اها گمبٽ جي عام رواجي صبح هئي جڏهن گمبٽ اسپتال ۾  گذريل هفتي ڪنهن ڪم سانگي منهنجو وڃڻ ٿيو.اگر توهان قومي شاهراه ذريعي  گمبٽ اسپتال وڃڻ چاهيو ته ڏهن پندرنهن منٽن اندر اوهان اسپتال تائين  پهچي سگهو ٿا پر مونکي  روهڙي ڪئنال جي ٻئي پاسي تعمير ٿيل ان اسپتال تائين پهچڻ ۾ قومي شاهره کان ٽي ڪلاڪ لڳا ڇو ته روڊ جي ٻنهي پاسي گمبٽ جي آبادگارن جو ڌرڻو جاري هيو. تازن مهينن ۾ اهو عجيب اتفاق ٿيو آهي ته سفر دوران مان ٻيو دفعو ڪنهن نه ڪنهن  ڌرڻي ۾ ڦاسي پيو آهيان.پهريون ڀيرو فيض آباد جي  انهن مقبول پنهنجن ماڻهن جي ڌرڻي سبب ڪراچي ۾ اهڙو ڦاسي پيو هئس جو صدر کان گلستان جوهر تائين پنج ڪلاڪ لڳا هئا.ڪراچي واري ڌرڻي دوران  پوليس ۽  انتظاميا هرجڳهه تي ائين الرٽ بيٺل هئي جهڙو هاڻي جنگ لڳڻ واري آهي.ان ڌرڻي  دوران سفر ڪندي سمورن مسافرن ۾ هڪ خوف  پڻ ڦهليل هو.جڏهن اسان سهراب ڳوٺ ويجهو پهتاسين ته فائرنگ جا آواز اچي رهيا هئا  ۽ ايندڙ ويندڙ سواري مان ڀائي چار لوگ مر گئي هين جهڙا جملا ٻڌي  ويتر اسان جي خوف ۾ اضافو ٿي رهيو هو پر گمبٽ ۾  تمام پرامن طريقي جو اهڙو ڌرڻو لڳل هو جو مسافرن کي ته ڇڏيو خود ٽرڪن ۽ ٽرالرن وارن کي به ڪو ٽينشن نه هيو ۽ اهي پڻ گڏجي سڏجي باهه جا مچ مچايون ويٺل هئا.گمبٽ جي آبادگارن جو اهو ڌرڻو پنجن ڇهن  ڏينهن تائين  جاري هو پر مجال آهي جو ڪنهن سياسي جماعت وڃي آبادگارن کي ڪا آٿت ڏني هجي ته اسان جا ڪارڪن به اوهان سان ڌرڻي ۾  گڏ آهن.مان ڄاڻي واڻي انهن جماعتن ۽ سندن اڳواڻن جا نالا نٿو لکان پر ڪجهه جماعتن جي اڳواڻن ائين رستي ويندي آبادگارن جي حمايت ۾ تقريرون ضرور ڪيون پر جيئن ڌرڻن جي مالڪي ٿيندي آهي تيئن ڪنهن نه ڪئي.منهنجي هڪ دوست منهنجو اهو تبصرو ٻڌي مذاق ڪندي چيو ته ڇا تنهنجي مرضي آهي ته گمبٽ جي ڌرڻي وارن کي به هزار هزار جا لفافا ۽ شاباش واري ٿڦڪي ملي ها.؟ پر مون کيس سنجيدگي سان اهو ئي جواب ڏنو ته ڪمند جي آبادگارن جو هي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي اگر ان مسئلي تي انهن سان ڪا جماعت گڏجي ڪلهوڪلهي ۾ ملائي نٿي بيهي ته پوء انهن جي عوامي سياست جي دعوي اجائي آهي.گمبٽ جي ڌرڻي دوران عورتون به اچي شريڪ ٿيون ۽ انهن چوڙيون اڇلي حڪمرانن کي شرم ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي.گمبٽ جي ڌرڻي دوران مون وڏيري نازو جي تقري به ٻڌي جنهن سڪرنڊ مان هلي اچي گمبٽ جي احتجاج ڪندڙ آبادگارن کي هار پارايا ۽ کين پنهنجو دلير ڀاء سڏيو.گمبٽ کانپوء سڪرنڊ ۾ به زين شاه جي سربراهي ۾ اهو ڌرڻو لڳو جيڪو مطالبن جي مڃتا تائين جاري رهيو.اهو ڌرڻو رئيس جي راڄ ۾  رات جو سردي سبب مچ ڪچهري ۾ تبديل ٿي ويو.ان ڌرڻي ۾ پڻ آبادگارن جي هڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي. ڇا انهن ڌرڻن دوران پيدا ٿيل عوامي نفرت حڪمرانن کي نظر نٿي اچي يا اقتدار کين اهڙا خمار ڏئي ڇڏيا آهن جو کين هاري ناري جو مسئلو کين ڌنڌلو نظر ٿو اچي.هلو حڪمرانن کي ته کڻي اهو ڌنڌنلو منظر لڳي پر مخالف ڌر جي جماعتن کي ته اهو سياسي فائدو چٽو پٽو نظر اچڻ گهرجي يا انهن جا مفاد به شگرملز مالڪان سان سلهاڙيل آهن.؟
انهن ڌرڻن بعد حڪومتي نمائندن گمبٽ اچي قرآن تي آبادگارن سان معاهدو ڪيو جڏهن آبادگارن ڌرڻو ختم ڪيو ته اهو معاهدو به ختم ٿي ويو ۽ ٻئي ڏينهن ملز تي ويندڙ 65 سالا  آبادگار اڳواڻ حسام الدين شاه راشدي کي  گرفتار ڪري مٿس دهشتگردي جا ڪيس لڳائي کيس عدالتي احاطن ۾ زنجيرن سان گهليو ويو آهي.ڪمند جي آبادگارن سان اهڙي جٺ ان زردار حاڪم جي حاڪمي هيٺ ٿي رهي آهي جنهن وڏي واڪي دعوي ڪئي آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو روح منجهس واسو ڪري ويو آهي.اهڙي بيان تي جيلن ۽ ڪوڙن ڪيسن کي منهن ڏيندڙ ماڻهون سوچيندا هوندا ته واقعي اهو حاڪم درست فرمائي ٿو ڇو ته مخالفت ڪنهن به حاڪم کي پسند ناهي ايندي ڀلي ته اهو آمر هجي يا ڪو جمهوري بادشاه.سنڌ اندر جبر جا اهي ڏينهن هلي رهيا آهن جڏهن ڪنهن به مظلوم کي ظلم کي خلاف آواز اٿارڻ تي دهشتگردي جي ڪيسن ۽ فتوائين جو منهن ڏسڻو پوي ٿو.ڇا گوڙاڻو ڊيم جي مخالفت ڪندڙ نوجوانن سان ٿيل حشر ڪنهنکان وسري ويو آهي.اهي جبر جا ڏينهن ناهن ته ٻيو ڇا آهي جو ڪمند جي آبادگارن جي معاملي تي نوابشاه جو رئيس به ائين خاموش آهي جيئن سندس سياسي متبادل جي دعوي ڪندڙ  بدين جي مورجهڙ جو شير چپ آهي.انهن کي ته اٿي بيهي ظلم کي للڪارڻ گهرجي ۽ اصلي طاقت سان للڪارڻ گهرجي ڪنهن  اهڙي هلڪي ڦلڪي موسيقي واري بيان سان نه ته اگر شگر ملون نٿا هلائي سگهو ته چاٻيون اسان حوالي ڪريو.خدارا ڪو انهن کان پڇي ته اچي ته اڃان ڪيترين ملن جون چاٻيون توهانکي کپن.......

جيئن هر دور جون جوانيون ٿينديون آهن ۽ انهن جوانين جون ڪيئي ڪهاڻيون ٿينديون آهن تيئن ئي  انهن کي لکڻ لاء وري ڪي استنبول جا ليکڪ اورهان پامڪ اڀري سامهون  ايندا آهن ته سنو جهڙا ناول جنم وٺندا آهن.پر هي سنڌ آهي جيڪا تاريخي جبر جي اهڙي دور مان پئي گذري جتي هر مظلوم پنهنجا زخم لڪائي سوڙهي گهٽي مان گذري ٿو ۽  اڪيلو اڪيلو ٿي مارجي رهيو آهي ته ڪٿي مٿس اڃان ڪا ٻي تهمت نه لڳي وڃي پر ٻئي طرف خلق خدا جي آهي جيڪا  تماشا لڳائي انهن مٿان طعنن ۽ طنزن جي بارش ڪري رهي آهي. انهن مظلومن مٿان ڪو ليکڪ اگر لکي به ٿو ته اهو خيال ضرور رکي ٿو ته ڪٿي وقت جا حاڪم سندس قلم تازي مان ناراض ته نه ٿي پوندا .تنهنڪري انهن پنهنجي قلمن جي چهنب يا ته نپوڙي ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏي آهي يا وري قلم جي چهنب کي نوائي درٻاري ڪري رکيو اٿن ته سائين هاڻي هاڻي آئي جي صاحب مونکي واٽس ايپ ڪال ڪري ٻڌايو آهي ته استادن مٿان اسان مجبور ٿي تشدد ڪنداسين ڇو ته استاد ريڊ زون ۾ گهڙي آيا آهن..اگر ائين نه هجي ها ته سنڌ جي پڙهيل لکيل شعور وارن اين ٽي ايس پاس استادن مٿان پنهنجي ئي شهر ڪراچي ۾ ائين لٺيون نه وسن ها جيئن ڏاهر جي نياڻين مٿان بغداد جي گهٽين ۾ ڦٽڪن جي بارش ٿي هئي.ڇا اسان ان ڏينهن لاء پنهنجو ايماندار آئي جي پوليس گهريو هو ته جڏهن اهو اچي تڏهن اسان جي معزز استادن کي سندس لاٺڙيا سپاهي گلي مان جهلي گاريون ڏيندا لٺيون هڻندا پوليس وينن ۾ رڍن ٻڪرين جيان  ڀريندا وڃن. ان کان بهتر هو ته ان ڪرسي تي ڪو فرعون  ويٺل هجي ها جنهن سان جنگ ڪرڻ ۾ استادن کي به مزو اچي ها ۽ اهي تاريخي شعر جڙن ها جيڪي ايندڙ نسلن لاء  ائين اتساهه بڻجن ها جيئن ايوبي آمريت جي دور ۾  ابراهيم منشي ۽ اياز جي شاعري اسان جي ڪيترن ئي نسلن لاء اڃان تائين هڪ اتساهه بڻيل آهي. پر هي جهيرو ته گهر جو ٿي پيو ۽ چوڻ وارن ته اهو به چيو ته ابا توهان ئي ايماندار آئي جي گهريو هو هاڻي جيڪي گهري پادر ورتا اٿو سي ته کائڻ مهل روئڻ نه ڪريو.
انهن استادن جو ڏوهه خود آئي جي اي ڊي خواجه اهو ٻڌائي ٿو ته اهي ريڊ زون ۾ جلوس ڪڍي ڇو گهڙيا.؟ سوال اهو آهي ته اهو نام نهاد ريڊ زون صرف ۽ صرف اسان ڌرتي ڌڻين سنڌي مظلومن لاء ڇو آهي.  ان ئي ريڊ زون اندر ٻيا  ڪيترا تماشا ٿيندا رهيا آهن سي ڪنهنکان وسري ويا آهن ڇا.؟ انهن جي گواهي  ته ڪراچي جا روڊ به  ڏين ٿا.ان ئي ريڊ زون کي ڪراس ڪري ڪجهه ماڻهون جڏهن سي ايم هائوس تائين جلوس ڪڍي پهتا هئا ته ان وقت جي وزيراعلي قائم علي شاه اسيمبلي فلور تي دانهن ڪئي هئي ته احتجاج ڪندڙن جي لائوڊ اسپيڪرن ۽ تقريرن جو آواز سندس بيڊروم تائين اچي رهيو هو ۽ سندس گهرواري ڊڄي کيس بار بار فون ڪري رهي هئي ته ڪٿي هي احتجاج ڪندڙ وزيراعلي هائوس اندر گهڙي ڀڃ ڊاهه ته نه ڪندا.اهڙن تماشن جي ته ريڊ زون ۾ اجازت آهي پر استادن کي ريڊزون ۾ اچڻ جي اجازت معني تخريبڪاري ورتي وڃي ٿي. استادن مان ان تخريباڪري جي اميد حڪمرانن ائين ورتي آهي جيئن ڪمند جي آبادگارن مان کين دهشتگردي جو خدشو ٿي پيو آهي ۽ گمبٽ جي 65 ساله آبادگار اڳواڻ کي دهشتگردي جي روڪٿام وارا قلم هڻي قابو ڪري ڪورٽن جي احاطن ۾ زنجيرن سان گهليو وڃي ٿو.سنڌ جي استادن ۽ آبادگارن سان ٿيل جبر هن دور جي انهن المين کي جنم ڏنو آهي جيڪي ايندڙ نسل به ياد رکندا ۽ اهي ڇوڻيون تبديل ڪري ڇڏيندا ته ڪو پنهنجا ماري ڇانو تي رکندا آهن..مرڻ بعد اس ۾ يا ڇانو ۾ ڪو فرق ته نٿو پوي پر هاڻي اسان سنڌي اها ڇوڻي عام ڪنداين ته اگر ڪنهن وڏي ڪرسي تي ڪو سنڌي ڪامورو يا پوليس وارو يا ڪو ايماندار پويل سوارو ڏسو ته ٻيل ڀڄي پاسو ڪجو ڇو ته اهي پنهنجن کي ڳولي ڳولي پادر هڻندا اٿو ۽ وڏن صاحبن کي فخر سان رپورٽ ڪندا آهن ته سائين اسان بغاوت ڪاميابي سنا ڪچلي ڇڏي.پر انهن کي ڪهڙي خبر ته جن استادن مٿان هو لاٺڙين هٿان تشدد ڪرائين ٿا انهن ۾ ڪي ظالم شاعر به آهن جيڪي لٺيون به کائين ٿا ۽ هن طرح جي شاعري به سرجيندا هلن ٿا.....
اوهان ئي منصف، اوهان لٽيرا
جتي ڪٿي ٿيا اوهان جا پيرا
اسان بنگالي نڪو بِھاري
نڪو ئي ڌرتيءَ سندا مياري
اسان نہ تخريب ڪار آھيون
اسان نہ خودڪش بمبار آھيون
اسان تہ ڪنهن جا نہ گهر ڦٽايا
اسان نہ مسجد مندر اُڏايا
جرم اسانکي کڻي ٻڌايو
ڀلي لٺيون شيل پوءِ وسايو
اوحڪمرانو اکيون تہ کوليو.
ٿا روڊ رستن تي ڪنهنکي روليو
جرم تہ هڪڙوئي، ٻيو بہ آ يا
اسان اوهان جا ٻچآ پڙھايا
ڊٻائي منڪرشداد ناهيون
استاد آهيون استاد آهيون
 

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter