سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام

 

سُهائي ۽ سنڌي ڊرائيور جي دانهن


share on facebook share on twitter share on google plus share on Whatsapp print this

12/09/2018

هاڻي جڏهن بيجنگ کان واشنگٽن تائين نوجوان پوليس آفيسر سهائي عزيز ٽالپر جي بهادري جي ساراهه ٿي رهي آهي ته مونکي اهو نام نهاد ڪمانڊو آمر ياد اچي رهيو آهي، جيڪو تعصبي تڪبر سان چوندو هو ته: توهان سنڌين ۾ اهليت ئي ناهي ته توهان مان ڪنهن کي آءِ جي سنڌ پوليس لڳايان؟ سهائي عزيز ٽالپر جي بهادري واري ساراهه تي مون کي خوشي ان ڪري به ٿي آهي، جو جڏهن ڪراچي ۾ هن سُهائي جي تعريف ٿي رهي هئي ته لنڊن ۾ وري گلوبل سنڌي فيسٽويل ۾ سُهائي ابڙو جي پرفارمنس جي ساراهه ٿي رهي هئي. ٻنهي سنڌي نياڻين جي تعريف تي مون کي ته خوشي ٿي پر ان ساراهه تي پڻ ڪجهه تعصبي ماڻهن ۽ نام نهاد قومي ميڊيا ۾ ويٺل ڪجهه گروهن کي ڪاوڙ لڳي آهي ته ان ڪالهوڪي ڇوڪريءَ جي تعريف ڇو ٿي رهي آهي. جنهن ڪري ڪجهه اخبارن سندس ڪارٽون ٺاهي کيس ٻن شهيد پوليس اهلڪارن جي لاشن مٿان بيٺي اعزاز وٺندي ڏيکاريو آهي- پر ان منفي پروپئگنڊا جي باوجود اڪثر پاڪستاني ٽي وي چينلز، اخبارن توڙي سوشل ميڊيا ۽ عالمي ميڊيا ۾ سُهائي عزيز ٽالپر ڇانيل آهي. جيڪي سندس سفر کان واقف آهن انهن يقينن اهو ئي سوچيو هوندو ته ڪٿي ٽنڊو محمد خان جو ڳوٺ ڀائي خان ٽالپر ۽ ڪٿي بيجنگ ۾ سُهائي جي ساراهه...هاڻي ان ڳوٺ جا سڀ ماڻهو پنهنجيون نياڻيون ضرور پڙهائيندا.

جيڪڏهن ايمانداري سان ڪاٿو لڳائجي ته اي ايس پي ڪلفٽن سهائي عزيز جي بهادري واري واکاڻ جو سمورو ڪريڊٽ وزير اعليٰ سيد مراد علي شاهه ڏانهن وڃي ٿو، جنهن چيني قونصل خاني ۾ پنهنجن پراون سمورن ماڻهن اڳيان اٿي بيهي سندس واکاڻ ڪئي ۽ ان جي تصديق آءِ جي پوليس سنڌ پڻ سُهائي جي ڪلهي تي شاباشي واي ٿڦڪي ڏئي ڪئي. ان طرح پنهنجي اهل آفيسرن جي مالڪي تي مونکي هڪ واقعو ياد اچي ويو، جيڪو هن وقت واري ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ ڪجهه سال اڳ تڏهن ٻڌايو هو، جڏهن هو پوليس اڪيڊمي اسلام آباد جو وائيس پرنسپال هو. هن ٻڌايو ته، هو پنهنجي ڪجهه ساٿي پوليس آفيسرن سان گڏ ڪشمير جي پهاڙي سلسلن ۾ سفر ڪري رهيا هئا ته کين هڪ فوجي چوڪي تي اهلڪارن روڪي شناخت پُڇي ۽ ان چوڪي جي سپاهين اوچتو پاڻ ۾ سنڌي ڳالهائڻ شروع ڪيو ته ساڻس گڏ سفر ڪندڙ هڪ ڊي آءِ جي سطح جو آفيسر ٽپو ڏئي گاڏي مان لٿو ۽ پروٽوڪول جو خيال رکڻ بنا وڃي ان سپاهي فوجي کي ڀاڪر پائي پڇيائين ته، ابا ڪٿان جو آهين؟ جڏهن هن کيس ٻڌايو ته نوشهرو فيروز جو ته هن کلي بشير ميمڻ کي چيو، صاحب اڄ پاڻ کٽي وياسين، هاڻي اسان کي ڪير به نٿو روڪي سگهي. هن ڏورانهين پهاڙي چوٽي تي برفباري ۾ هي سنڌي ڊيوٽي پيو ڪري ته پاڻ کي باقي ڇا کپي. سندس خوشي پويان يقينن اهي تاريخي طعنا مهڻا سمايل هئا، جيڪي اجتماعي طور اسان سنڌين لاءِ ائين مشهور ڪيل آهن، جيئن پٺاڻن ۽ سکن جي حرڪتن وارا لطيفا مشهور ڪيل آهن. اسان سنڌين مٿان اها تُهمت صدين کان لڳائي پئي وڃي ته سنڌي معنيٰ گهر جا ڪڪڙ، ڳوٺ کان ٿورو پرڀرو ويندا ته چوندا، ابا پرديس پيا وڃون. اهي ۽ ان طرح جا ٻيا طعنا مهڻا انهن مقبول ڪيا، جن کان سنڌين جي ساک برداشت نه ٿي. تنهن ڪري شعوري توڙي لاشعور طور ائين مشهور ڪيو ويو ته اسان نڪما ماڻهو آهيون. الائجي ڇو مون کي اهي طعنا مهڻا ڪڏهن به سٺا نه لڳا آهن. مون جڏهن به زيرِ تعمير روڊ سان سفر ڪندي پٿر ڪٽيندڙ عورتن ۽ مردن کي ڏٺو آهي ته اهي طعنا ياد ايندا آهن ۽ دل چوندي آهي ته انهن طعنن جي تخليقڪارن کي وٺي اچي ان روڊ سان بيهاريان ته کين خبر پوي ته هن ڪاڙهي گرمي ۾ به جيڪڏهن روڊ تي هي پٿر ڪٽي سگهن ٿا ته اهي نڪما ڪيئن ٿيا؟

تازو ئي اسان جي هڪ پڙهيل لکيل دوست پنهنجي فيس بڪ تي سنڌي ۾ هڪ مياري پوسٽ لکي تي ڪيئن نه اسلام آباد واري گهر ۾ هن پٺاڻ ڊرائيور کي ڪڍي هڪ سنڌي ڊرائيور اضافي سهولتن سان رکيو، پر ڪجهه ئي هفتن بعد اهو ڀڄي ڳوٺ هليو ويو. جڏهن صاحبن کيس ڪال ڪئي ته هن کين ٻڌايو ته کيس ڳوٺ ۾ ڪم ڪار آهي، جيڪڏهن کين ڪو ٻيو ڊرائيور ملي ٿو ته هو رکي وٺن. ان ماجرا تي اضافي تبصرو ڪندي صاحب لکيو ته، مونکي پڪ آهي ته هاڻي هو ڳوٺ جي هوٽل تي ويهي پنجاب کي گاريون ڏيندو هوندو. سچ پڇو ته اهڙي پڙهيل لکيل ماڻهو جي وال تي ان طرح جي سطحي پوسٽ پڙهي مونکي حيرانگي ٿي ته ڪنهن به قوم خلاف سالن کان لاڳيتي ڪيل منفي پروپئگنڊا ڪيئن نه پنهنجا اثر ڏيکاري ٿي، جو ان ئي قوم جا پڙهيل لکيل ماڻهو به لاشعوري طور ان جو شڪار ٿي وڃن ٿا ۽ ڪنهن فرد جي انفرادي عمل کي پوري قوم جي نڪمي هجڻ سان نه رڳو تشبيهه ڏين ٿا، پر نج سياسي تضادن کي پڻ ان ئي عينڪ سان ڏسي ان جو اظهار ڪن ٿا. انهن شڪايتي روين بدران جيڪڏهن نئين دور جي نئين اک سان معاملن کي ڏسڻ شروع ڪريون ته اسان کي ڪراچي جهڙي شهر ۾ هر ٻئي وڏي هوٽل تي سنڌي خاص ڪري ٿري ڇوڪرا بئرا گيري ڪندي نظر ايندا. ڪڏهن انهن جي همٿ افزائي خاطر ٻيو نه تڏهن به انهن سان صرف پنهنجي سنڌي ٻولي ۾ ڳالهائي کين همٿايون، تڏهن به انهن نوجوانن لاءِ اجنبي شهر ۾ پنهنجائپ جو احساس پئدا ٿيندو. اهڙو ئي هڪ پڙهيل لکيل بئرو مونکي بوٽ بئسن واري هانڊي هوٽل تي مليو هو. مون ته کيس سڏ ڪري ڪنهن سيلبرٽي جيان سندس سيلفي ڪڍي هئي. ائين ئي ڪراچي ۾ مختلف آفيسن کان ويندي گهرن ۽ بنگلن ٻاهران ڊيوٽيون ڪندڙ خانگي ڪمپنين جا اڪثر سپاهي سنڌي هوندا آهن. انهن سان ايندي ويندي جيڪڏهن کلي کيڪار ڪنداسين ته انهن کي پڻ پنهنجائپ جو احساس ٿيندو، جيئن مون کي صدر واري چلو ڪباب اڳيان موٽر سائيڪل بيهارڻ دوران هن پهريان اکيون ڏيکاريون پر جڏهن مون کيس سنڌي ۾ گذارش ڪئي ته ادا ماني کائي موٽون ٿا، ٿورو هن جو خيال ڪجو، ته هن کلي چيو ڪا ڳالهه ناهي وڏا ڀلي سڄي رات بيٺي هجي.

وڏن شهرن ۾ وڏين نوڪرين وارا سنڌي ته عام جام آهن ۽ انهن جي مالڪي ڇا انهن جي خوشامد ڪرڻ وارا به جام آهن پر اسان جي اجتماعي سڃاڻپ جو ذريعو اهي ننڍين ننڍين نوڪرين يا رڪشن ۽ مانڊڻين وارا آهن، اهي سڀاڻي اسان جي شهرن ۾ اسان جي سڃاڻپ آهن. انهن مٿان ٺٺوليون گهڻيون ئي ٿي ويون، پنهنجن پراون سڀني کين طنزن ۽ طعنا سان نوازيو، پر هاڻي خدارا انهن اڻپڙهيل سنڌين جي شهرن ۾ مالڪي ڪيو، جيڪي ٻهراڙين ۾ وبا جي صورت اختيار ڪري ويل غربت مان تنگ ٿي شهرن جو رخ ڪن ٿا. انهن جي ڪٿي به ائين ساراهه ڀلي نه ڪيو، جيئن مراد علي شاه چينين ۽ پاڪستانين جي وچ ۾ اٿي بيهي ٽنڊو محمد خان جي هڪ ڳوٺ ڀائي خان ٽالپر جي ڄائي نياڻي سهائي عزيز جي ڪئي، پر کين سکڻي ئي سهي آٿت ضرور ڏيو. شهرن ۾ هاڻي جيئن ته وچولو سنڌي طبقو وڌي رهيو آهي، جيڪا خوشي جي ڳالهه آهي پر پنهنجن جي مالڪي انهن شهرن ۾ ائين ڪيو، جيئن عرب ملڪن ۾ پٺاڻ پنهنجي ڳوٺان نون آيل ڇوڪرن جي ڪندا آهن. دبئي ۾ مون کي مجن ميربحر ٻڌايو هو ته پٺاڻ پنهنجي برادري جي نون بيروزگار ماڻهن جي مدد لاءِ باقاعده فنڊ قائم ڪري منظم طريقي سان کين سيٽل ڪن ٿا. انهن کي في الحال گهر ۽ کاڌو، مفت ڊرائيوري جي ٽريننگ به ڏيارين ٿا. بعد ۾ جڏهن هو روزگار سان لڳي ٿو وڃي ته مٿس ٻئي بيروزگار جي مدد جو بار رکن ٿا، جيڪو هو خوشي خوشي برداشت ڪري ٿو. اهڙو فلاحي ڪم ڪئناڊا ۾ ته مئڪس ميمڻ نالي سخي مرد به ڪري رهيو آهي ۽ سانا پروفيشنل جي ٽيم پڻ ڪري رهي آهي، پر ان کي اڃان به فعال ۽ انفرادي سطح تي کڻي اچڻو پوندو ته جيئن سڀاڻي اسان پنهنجي قوم مٿان نڪمي ۽ گهر جا گهمايل وارا طعنا مهڻا ائين مٽائي سگهون، جيئن چينين پنهنجي مٿان تاريخي طور آفيمي جو لڳل ڪارو ٽڪو لاهي ڦٽو ڪيو ۽ اڳتي وڌندا رهيا.

 

© Copyright: 2021. All rights Reserved  سنڌ جو آواز | لاهوت ڊاٽ ڪام   |   Design & Developed by:- ICreativez Technologies free counter